Saturday, 28 December 2013

my column in daily awami awaz 29-12-2013 #MehwishAbbasi #Aman jo khwab


امن جو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو !؟

مهوش شبير عباسي

گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ خوف جي فضا قائم آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان خوف مان نڪرڻ جو ڪهڙو رستو آهي، پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي مذهب ۽ فرقي ۾ رهندي به خوف ۾ مبتلا آهن. هن سال عاشوري تي راولپنڊي ۾ مذهبي ويڙهه جو خوفناڪ منظر سامهون آيو جنهن سبب شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، مدرسن ، امام بارگاهن ۽ مذهبي ڪتابن کي شهيد ڪيو ويو. مطلب ته هاڻي ملڪ جون حالتون ايتريون ته خراب ٿيڻ لڳيون آهن جو ڪرفيو لڳائڻ ۾ به دير نه ٿي ڪئي وڃي، هن ملڪ ۾ هاڻي نماز به نه ٿي پڙهي سگھي، مغربي وزيرستان ۾ نماز پڙهندڙ فوجين تي فائرنگ ڪري کين شهيد ڪيو ويو . دنيا اندر موجود اسلامي ملڪن ۾ فرقيواريت يا مذهبي بنيادن تي فساد ضرور ٿين ٿا پر ڪٿي به مسجدن، امام بارگاهن، جمعي نماز، جنازي نماز، عيد نماز يا محرم جي جلسن ۾ اهڙي طرح فائرنگ، بم ڌماڪا يا دهشتگرد حملا نه ٿا ٿين ڇو ته ٻين ملڪن ۾ صورتحال ضابطي ۾ آهي پر اسان وٽ رياست مذهبي ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جڏهن ته رياست تي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو هر ماڻهو جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ۽ انهن کي سياسي ، سماجي توڙي مذهبي آزادي مُهيا ڪري پر رياست توڙي حڪومتي ادارا ان سڀ ۾ ناڪام آهن.

طالبان ، انتها پسند ماڻهن ۽ دهشتگردن پاڪستان جي عوام کي محدود بڻائي ڇڏيو آهي ، ماڻهن کي ڊيڄاري ، ڌمڪائي ، خوفزده ڪري رکيو وڃي ٿو ، انهن جو مقصد ادارن ، پوليس اسٽيشنن ، بازارن ، اسڪولن توڙي عبادت گاهن کي ويران ڪرڻ آهي جنهن سبب هو اهڙين جڳهن تي حملا ڪري رهيا آهن ، دهشتگرد هر ڳالهه کي سڪيورٽي جو مسئلو بڻائڻ چاهن ٿا پوءِ اها ڪرڪيٽ هجا يا وري مسجدن ۾ عبادت . ملڪ ۾ هينئر تائين فرقا واريت جي فسادن ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿيا آهن ملڪ ۾ هر طرف ننڍا ننڍا وزيرستان قائم ڪيا ويا آهن اهڙا ادارا جن ۾ نوجوانن کي انتها پسندي جي تربيت ڏني وڃي ٿي ۽ جهاد جي نالي تي معصومن جون زندگيون ورتيون وڃن ٿيون ، پاڪستان جو عوام اڄ مذهبي انتها پسندي جي خوف ۾ ورتل آهي جڏهن ته ملڪ ۽ مذهب دشمن بنا ڪنهن خوف جي هٿيارن جي بنياد تي پنهنجا مقصد ماڻي رهيا آهن جنهن سبب انهن جي دلين مان قانون جو خوف ختم ٿيڻ آهي ۽ رياست پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ، جيڪڏهن شروع کان ان طرف ڌيان ڏني وڃي ها ته اڄ مسئلو ايترو نه وڌي ها ، انهن سڀن مسئلن کي حل ڪرڻ جي زميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي ان سان گڏ مذهبي عالمن تي به فرض آهي ته ملڪ کي اهڙي صورتحال مان نجات ڏيارن ، اهڙن واقعن ۾ ڪجھه مصنوعي مولوي ۽ عالم شامل آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو ته اهي به رياست جو حصو آهن ۽ انهن جا ڏوهه عوام آڏو آندا وڃن .

حڪومت ۽ رياستي ادارن کي گھرجي ته ملڪ ۽ عوام کي مذهبي انتها پسندي ۽ فرقا واريت جي فسادن مان نجات ڏئي ۽ امن امان جي فضا قائم ڪري ماڻهن کي خوف ۽ حراس مان نجات ڏئي ڇو ته هن وقت ملڪ مذهبي انتها پسندي جي ور چڙهي چڪو آهي، ماڻهن ۾ جهاد ۽ فرقا واريت جون سوچون منتقل ڪيون پيون وڃن ڪو به ماڻهو پنهنجي عقيدي مطابق آزادي سان عبادت به نه ٿو ڪري سگھي جيڪا هڪ افسوسناڪ ۽ پريشاني واري صورتحال آهي. اسلام امن ڀائيچاري ۽ سلامتي وارو مذهب آهي اسلام ڪٿي به جنگ، ويڙهه، انتها پسندي جو درس نه ٿو ڏئي اسانجو مذهب سلامتي وارو مذهب آهي. اميد ته اسانجي ملڪ کي جلد کان جلد اهڙن فسادن مان آجو ڪيو ويندو جيڪو فرض مذهبي اسڪالرن، عالمن توڙي حڪمرانن جو آهي .

Wednesday, 25 December 2013

mY Column about #Christmas in daily sobh Karachi 25-12-2013 #Merry Christmas #Xmas


Colunmn by Mehwish Abbasi (Me) in Daily Awami Awaz newspaper 25-12-2013 #Parliament #Religion #State #Politics #Paksitan


My column published in daily awami azwaz 25-12-2013


پارليامينٽ جا تماشا!

مهوش شبير عباسي

اسلامي جمهوريه پاڪستان هڪ اسلامي ۽ جمهوري ملڪ جنهن ۾ 18 کان 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي رياستي ادارن، حڪمرانن، سياسي توڙي مذهبي ليڊرن جي ڇپر ڇانو ۾ رهي آهي، جتي هن عوام کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل نه آهي. پاڪستان ۾ ڪڏهن جمهوريت جو دور رهيو ته ڪڏهن ڊڪٽيٽرشپ يعني فوجين ۽ سامراجين جو دور، جنهن کي عوام جي آزادي جو دور نه سمجهيو ويندو هو، پر هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت آهي جنهن جو مقصد عوام جي حڪمراني آهي پر عوام جي ئي دور ۾ عوام سان ۽ ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي ملڪ جنگي حالتن مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ نقصان صرف ۽ صرف عوام جو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ سياست ۽ مذهبي جنگ اهڙي صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي جنهن ۾ ملڪ جي تباهي کان سواءِ ڪجھ نظر نه اچي رهيو آهي، انتها پسندي ماڻهن جي ايڪي ۽ طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، اڄ ملڪ ۾ عوام مهانگائي، انتها پسندي، دهشتگردي، بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ جهڙن سوين مسئلن ۾ ورتل آهي جنهن جي ڪري اڄ جي عوام اڄ جو نوجوان مستقبل لاءِ سوچي ئي نه رهيو آهي ڇو ته هو اڄ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪي ترقي معاشي توڙي سماجي ترقي ڪٿي به نظر نه اچي رهي آهي ڇو ته ملڪ جي عوام توڙي ادارن کي ان طرف راغب ئي نه پيو ڪيو وڃي نه وري اسانجي نوجوانن کي اهڙي سوچ کان محروم رکيو پيو وڃي .

بحرحال ان سڀ جي پاڙ ڇاهي ؟ وجهه ڇا آهي ؟ وجهه آهي تباهي، بربادي، انتها پسندي، مذهبي ويڙهه ۽ ملڪ جي سياست جنهن کي سياست گھٽ مفاهمت گھڻي چئي سگھجي ٿو. هن وقت پاڪستان انتهائي خطرناڪ رستي طرف وڌي رهيو آهي اهڙي رستي ڏانهن جتي سياست صرف نالي جي هوندي باقي حقيقت ۾ مذهبي انتها پسندي هوندي، دنيا اندر پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ مقامي انتظاميا ختم ٿي رهي آهي، پارليامينٽ جو ڪردار ختم ٿي رهيو آهي، ڪاميٽيون ڪم جون ناهن رهيون، ملڪ اندر سول سوسائٽي ۽ رياستي ادارن جو خاتمو ٿي رهيو آهي. ملڪ جي سياست صرف عالمي ادارن تي هلي رهي آهي، جيڪي ماڻهو سياست ۾ پرجوش ۽ ڀرپور نظر ايندا هئا اهي آفيسن ۽ گھرن تائين محدود ٿي سياست ڪري رهيا آهن، محنت پسند ۽ سچن ماڻهن جي سياست ۾ کوٽ ٿي رهي آهي، پارليامينٽ اندر ٿيندڙ روز روز جا تماشا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ملڪ جو نالو خراب ڪري رهيا آهن، عام ماڻهن جي مسئلن تي اسيمبليون خاموش آهن اوگرا جا مسئلا پارليامينٽ خاموش، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو، گئس جي بندش تي به پارليامينٽ خاموش اسيمبليون ۽ پارليامينٽ ڳالهائن ٿيون ته غير ضروري معاملن تي، جيڪڏهن بحث ۽ تماشا ٿين به ٿا ته غير ضروري معاملن تي . ڪنهن وقت هاري، مزدور ۽ شاگردن جي سياست هوندي هئي ملڪ ۾ انهن جون يونين قائم هونديون هيون هاڻي اهي به محدود ڪيا ويا آهن معذرت سان ته شاگرد يونين سپريم ڪورٽ جي حڪم سان ئي ختم ڪيون ويون ڪورٽ جو چوڻ هو ته شاگرد پڙهائي ڪن سياست نه، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شاگردن کان بهتر سياست ڪير ڪندو ؟ ڇا اهي ڪندا جيڪي ڪوڙيون ڊگريون وٺي اقتدار حاصل ڪري عوام کي لٽن ۽ ڦرن ٿا ؟

ڪو وقت هوندو هو ته فلم، شعرن ۽ ادب ذريعي سياست ڪئي ويندي هئي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. هاڻي بندوقن ۽ گولين جي سياست ٿي رهي آهي، مذهب، رنگ، نسل، ذات ۽ زبان تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ ملڪ پاڪستان ۽ ان ۾ 4 صوبا! پر لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻي 18 کان 20 ڪروڙ عوام هزارين فرقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ٻڌي نه رهي آهي ۽ ملڪ مزور ٿي چڪو آهي، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، پر هي سڄو فصل 20 کان 30 سالن تائين پوکيل ٻج جو نتيجو آهي، سياڻن سچ چيو آهي ته جيڪو پوکبو اهو ئي لڻبو. اڄ اهو فصل ملڪ ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري بيٺو آهي، جنهن جو فائدو صرف سياسي ماڻهن کي ملي رهيو آهي.

ملڪ ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي ان ڳالهه تي اسانجي سياستدانن جي هڪ راءِ ناهي، ملڪ ۾ ميرٽ جي لتاڙ آهي ان ڳالهه تي به سياسي رهنمائن جي هڪ راءِ ناهي، جمهوريت جو حال ڇا ٿي رهيو آهي، دهشتگردي آهي، مهانگائي آهي، بيروزگاري آهي سڀ سامهون هوندي ان تي سياستدان هڪ پيج تي نه آهن مختلف پارٽين جا اڳواڻ پارليامينٽ ۾ هئڻ باوجود عوام کي روڊن تي گهلي احتجاج ڪرائي رهيا آهن ته پوءِ سندن پارليامينٽ ۾ موجود هئڻ سواليه نشان آهي؟ دهشتگرد قتل ٿين ٿا ته کين شهيد سڏيو وڃي ٿو اهي شهيد آهن يا نه ان تي به سياستدان توڙي مذهبي ڌريون متفق نه آهن، پوءِ جڏهن اسان جا رهنما ۽ سياسي پارٽيون ئي ڪنهن هڪ راءِ تي قائم نه آهن ته عوام ڪيئن پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي آڻيندي ملڪ ڪيئن طاقتور ٿيندو ۽ ملڪ ۾ ترقي ڪيئن ايندي؟

پر پوءِ به اميد نه ٿي ختم ڪري سگھجي ڇو ته اميدن سان ئي دنيا قائم آهي ڪا ننڍڙي اميد ڪا روشني جي ننڍڙي ڪرڻ ملڪ کي ٻيهر امن، ڪاميابي ۽ ترقي ڏانهن گامزن ڪري سگھي ٿي، رياستي نظام ۾ بهتر تبديلي جي ضرورت آهي اسانجي عوام ۽ نوجوان ملڪ کان باغي ٿي چڪا آهن جن کي اهڙي سوچ مان ڪڍڻ گھرجي. ملڪ کي سخت محنت جي ضرورت سان گڏ ايماندري ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي، ملڪ جي ادارن کي ترقي ڏانهن وڌائڻ گھرجي، ملڪ جي اڪانامي کي وڌائڻ سان گڏ اسان جي نوجوانن کي مسئلن مان نڪري سائنس، آرٽس ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻ کي مڃرائڻ گھرجي ته جيئن پاڪستان به ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿئي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان جا نوجوان پاڻ کي هر ميدان ۾ مڃرائيندا ۽ بهتر سياسي، مذهبي، سماجي ۽ تعليمي ماحول پيدا ڪندا.

Saturday, 21 December 2013

My column in daily awami awaz 22-12-2013 #Karachi peace #Police #Pakistan state


My Column in Daily Awami awaz 22-12-2013 #Karachi crisis #Targeted operation #POlice #Pakistan

ڪراچي مسئلو ۽ رياست جي ذميداري

مهوش شبير عباسي

گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ۽ ڳڻتي جوڳي نظر اچي رهي آهي بم ڌماڪا ، ٽارگيٽ ڪلنگ ، مذهبي انتها پسندي ، سياسي ٽارگيٽ ڪلنگ ، فرقا واريت ، ڀتا خوري ، اسٽريٽ ڪرائم ، بئنڪن مان ڦر لٽ ڪراچي ۾ معمول بڻيل آهن . قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون، سياسي توڙي مذهبي جماعتون هن وقت گڏ ٿي ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ چاهين ٿيون جنهن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف امن جو خواب کڻي ڪراچي پهتو ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي وئي جنهن ۾ ڪراچي جي معاملن تي ڳالهايو ويو. آل پارٽيز ڪانفرنس ته ٿي وئي پر سڀ سياسي جماعتون هڪ پيج تي گڏ نه ٿي سگھيون ڪنهن کي اجلاس ۾ شرڪت تي اعتراض هيو ته ڪنهن گورنر هائوس وڃڻ کان انڪار ڪيو .

ڪراچي ۾ هن وقت امن جي نالي تي شروع ٿيل ٽارگيٽڊ آپريشن جو ٽيون مرحلو هلي رهيو آهي ، ٽارگيٽڊ آپريشن 5 سيپٽمبر 2013 ع کان شروع ڪيو ويو هن وقت تائين 513 مقابلا ڪيا ويا جنهن ۾ 76 ملزم ماريا ويا ۽ 13،000 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا جن مان 11،000 لاپتا آهن ، 72 مشين گنز ، 2475 پستول ، 116 دستي بم ۽ ٻيا ڪيترائي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن پر ان سڀ جي باوجود به ڪا واضع تبديلي نظر نه اچي رهي آهي ڏوهه تڏهن به ٿي رهيا هئا هاڻي به ٿي رهيا آهن. ان ٽارگيٽڊ آپريشن دوران ڏوهارين هٿان 2500 بيگناه ماڻهو قتل ٿيا ۽ 25 بئنڪ ڊڪيتيون ٿيون آهن جن ۾ ڪيترائي گارڊ ۽ پوليس اهلڪار هٿيار بندن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن . هن آپريشن ۾ پوليس جي اوليت ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ جي آهي ته جيئن بيگناهه قتل روڪيا وڃن ۽ قاتلن کي پڪڙيو وڃي. ان آپريشن شروع ٿيڻ تي سياسي پارٽين ايترو ته شور مچايو جو ڪراچي اندر موجود ڏوهاري ۽ قاتل هوشيار ٿي ويا ۽ انهن مان ڪيترائي نام نهاد ڏوهاري ڪراچي مان فرار ٿي ٻين ملڪن ۽ شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا جڏهن ته آپريشن جو ٻڌي ڪراچي اندر غير قانوني اڏن سان گڏ ڪيترائي مافيا ۽ هٿيارن جا اڏا بند ڪيا ويا جنهن جي ڪري اتي ڪم ڪندڙ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا ۽ اهي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٿيڻ لڳا جنهن جي ڪري هن وقت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ اچي چڪي آهي اهڙن ڏوهن ۾ واڌ جو وڏو سبب بي روزگاري ، بک ۽ افلاس آهي ڪيترائي ماڻهو بک ، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري ڏوهن ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن کي اهڙي صورتحال مان ڪڍڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو .

پوليس مطابق 12،000 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪڏهن واقعي ايتريون گرفتاريون ٿيون آهن ۽ هن وقت تائين اهي ڏوهاري پوليس جي حراست ۾ آهن ته پوءِ ڪراچي ۾ اڃان تائين ٽارگيٽ ڪلنگ ڇو هلندڙ آهي سڄو شهر ته ٽارگيٽ ڪلر نه آهي ، حقيقت اها آهي ته پوليس ڪارروايون ڪري ڏوهارين کي پڪڙي ته ڏوهاري جيلن کي منهن به ڏين ٿا پر انهن مان ڪيترائي جلد آزاد ٿي وڃن ٿا ڪيترن ڏوهارين کي سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي ته ڪن کي وري عدالت گھٽ ثبوت هجڻ ڪري آزاد ڪري ڇڏي ٿي ، اهي ڏوهاري جيڪي ثبوت نه هجڻ ڪري آزاد ٿين ٿا اهي ٻيهر اسان جي شهرن ۾ اچي ان کان وڌيڪ طوفان مچائيندا ۽ پهريان کان وڌيڪ ڏوهه ڪندا ، ان ڪري پوليس جي زندگين کي به خطرو آهي ڇو ته ڪيترائي ڏوهاري پوليس تي پڻ حملا ڪري بدلو وٺڻ چاهين ٿا ۽ انهن کي اهڙا آپريشن ڪرڻ کان روڪڻ چاهين ٿا ، اهڙن آپريشن دوران پوليس آفيسر به ماريا وڃن ٿا انهن سان به وارداتون ٿين ٿيون انهن کي به لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو سندس معصوم ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جون حياتيون پڻ داءَ تي لڳل رهن ٿيون .

اسان جي ملڪ جو قانوني نظام ايترو ته پوئتي ۽ سست آهي جو هڪ ڪيس کي ختم ٿيڻ لاءِ سال لڳي وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي فريادي عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پوڻ سبب ڪيسن تان هٿ کڻي وڃن ٿا ، عام ماڻهن جا لکين ڪيس عدالتن ۾ پيڊ آهن، روز روز شنواين جون نيون تاريخون ڏنيون وڃن ٿيون ، ڏوهارين جا ڪيس جلد نه ختم ٿيڻ سبب ڏوهن جي وارداتن ۾ گھٽتائي نه اچي رهي آهي ٻين ملڪن ۾ اهڙن ڪيسن لاءِ الڳ قانون ۽ عدالتون آهن جن اندر ڏوهارين کي جلد کان جلد سزا ڏئي ڪيس ختم ڪيا وڃن ٿا ان جي لاءِ پاڪستان ۾ به بهتر نموني ان صورتحال کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڏوهاري ٻيهر معاشري ۾ اچي تباهي نه پکيڙن ۽ بيگناه ماڻهن جو قتل عام نه ٿئي جهڙي محنت سان ڪراچي آپريشن جاري آهي ايتري ئي ايمانداري سان ان کي انجام تائين پهچائڻ گھرجي ته جيئن امن امان جي فضا حقيقت ۾ قائم ڪري سگھجي ۽ سياسي پارٽيون اهڙن آپريشن جو نالو کڻي مفاد حاصل نه ڪري سگھن ڇو ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪرڻ پوليس جو فرض آهي اهڙن عملن کي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ اسان جي رهنمائن کي جڳائي نه ٿو اقتدار ۽ سياسي پارٽين جا جملا تبديل ٿيندا رهندا آهن انهن جي مفادن جي جنگ به جاري هوندي آهي ۽ ڪيترائي دفعا پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ اهڙين ڳالهين جو سهارو به وٺندا آهن . حڪومتون ته اينديون ۽ وينديون پر سياسي پارٽين ۾ ٻڌي نه هجڻ جي ڪري ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. آپريشن جو شروع ٿيڻ سڀني سياسي پارٽين جي فرمائش هئي پر ان جو ساٿ ڪير نه ڏئي رهيو آهي ، 13،000 ڏوهاري گرفتار ته ٿيا آهن پر ملڪ جي فرسوده نظام ۽ سياسي نظام جي ڪري ان ڳالهه جي يقين دهاني نه ٿي ڪرائي سگھجي ته هاڻي ڪراچي جي عوام انهن ڏوهارين کان آجي ٿي وئي آهي ؟

سياسي پارٽين جي مداخلت سبب پوليس ۽ عوام ۾ وڇورٽيون پيدا ٿي چڪيون آهن جڏهن ته پوليس تي اعتماد ڪرڻ جي ضرورت آهي انهن جو ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي پوليس کي يقين ۽ اعتماد ڏيارڻ گھرجي ۽ پوليس جي ذهن ۾ انهن جا فرض ويهارڻ گھرجن ته جيئن هو ڪڏهن به گمراهه نه ٿين ۽ عوام کي به مٿن اعتماد ڪرڻ گھرجي . اڄ جي صورتحال اها آهي ته ڏوهاري پوليس کان ڪنهن ريت به نٿا ڊڄن هو بي خوف ٿي پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن.

حڪومت کي گھرجي ته پوليس ۽ ڪراچي جي عوام جو ساٿ ڏئي انهن سان ذيادتين کي روڪي ۽ انهن کي سک جو ساهه کڻڻ ڏئي پوليس کي فري هينڊ ڏنو وڃي ته جيئن هو ڏوهارين کي سزا تائين پهچائن ، ڏوهن ۾ ڪمي تڏهن ئي ٿيندي جڏهن پوليس جي ڪيل ڪاررواين جو عدالتون ، سياسي پارٽيون ۽ حڪومت ساٿ ڏيندي ۽ ڪراچي آپريشن کي ڪنهن به صورت ۾ نه روڪيو وڃي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ڪراچي جي صورتحال وزيرستان جهڙي ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي .