Sunday, 27 October 2013

A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 17-10-2013 about politics in #Sindh by #ppp and #MQM سنڌ ۾ مفادن جي سياست مهوش عباسي


A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 17-10-2013 about politics in #Sindh by #ppp and #MQM

سنڌ ۾ مفادن جي سياست

مهوش شبير عباسي

ايم ڪيوا يم جڏهن کان سياست ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان وفاقي حڪومت کي ايم ڪيو ايم جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي آهي جڏهن ته ان کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي اهميت سنڌ حڪومت لاءِ ضروري رهي آهي ڇو ته ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۽ حيدرآباد تي سياسي ڪنٽرول رهيو آهي جيڪي سنڌ جا وڏا شهر هئڻ سبب سندن ڪنٽرول ۾ آهن ۽ حڪومتون ان نقطي تي سندن محتاج رهنديون آيون آهن

2013 ع ۾ چونڊون ٿيڻ بعد سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت سان حڪومت قائم ٿي مگر پيپلز پارٽي تي مفاهمت جو ڀوت سوار رهندو آيو آهي تن هن ڀيري به سنڌ اندر ٻين پارٽين کي ڇڏي صرف ايم ڪيو ايم سان اتحادي ٿيڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون آهن پر هر ڀيري ايم ڪيو ايم پنهنجا ايترا ته مطالبا پي پي پي اڳيان رکيا آهن جو هن ڀيري پيپلز پارٽي سندن مطالبا مڃڻ کان قاصر آهي جنهن ڪري سندن ڳالهيون لاڀائتيون ثابت نه ٿي رهيون آهن .

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي هن وقت سنڌي ماڻهن جي سخت دٻاءُ جو شڪار آهي ڇو ته 2013ع جي چونڊن ۾ وفاق ۾ پيپلز پارٽي کي ملڪ اندر مليل شڪست نه وسرندي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو ڳاٽ اوچو رکيو ته ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو، جن پيپلز پارٽي جي ڪريل ساک کي بچائي کين سنڌ جو اقتدار ڏنو جنهن ڪري هن ڀيري پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان مفاهمت سوچي سمجھي ڪندي . جيڪڏهن هن وقت ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃيا ويا ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي ساک کي سخت نقصان پهچندو ڇو ته ان کان اڳ به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان مفادن خاطر اتحاد ڪري زهر جو ڍڪ پي چڪي آهي ، ان باوجود ايم ڪيو ايم مٿن الزام مڙهي رهي آهي ته پيپلز پارٽي گذريل پنجن سالن دوران اسان کي ڇا ڏنو.

اندروني طورڏٺو وڃي ته ايم ڪيو ايم هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سندن لاڙو نواز ليگ ڏانهن پڻ آهي جنهن جو واضح اشارو ن ليگ جي صدارتي اميدوار ممنون حسين کي ووٽ ڪرڻ آهي . پر ايم ڪيو ايم جي مجبوري اها آهي ته سنڌ ۾ ن ليگ جي حڪومت نه آهي جنهن سبب ن ليگ سان سندن اتحاد کين وفاق ۾ ته فائدو ڏيندو پر سنڌ اندر کين سخت تحفظات موجود آهن جنهن سبب ايم ڪيو ايم هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي جنهن ڪري فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڪري رهي آهي . ن ليگ خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي صوبائي حڪومتون هلائڻ لاءِ آزاد ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ اندر پي پي کي ٽوڙڻ لاءِ پڻ حربا هلائي رهيا آهن جيئن پي پي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهي ايم ڪيو ايم ، فنڪشنل مسلم ليگ ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين کي گڏائي پي پي جي حڪومت ختم ڪئي وڃي پر ن ليگ کي هن وقت وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي جنهن ڪري هو ٻين کي في الحال ڇيڙڻ نه ٿا . باقي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جڏهن سندن مسئلا گھٽيا ته پوءِ سندن ٻيو مشغلو صوبائي حڪومتن ۾ ڀڃ ڊاه هوندي جنهن لاءِ ذهني طور تيار آهن جنهن ڪري ايم ڪيو ايم پڻ ان انتظار ۾ آهي ته ساڻن ڪير سٺو سودو ڪندو ۽ سندن شرط مڃيندو ته هي ان جا ساٿاري ٿي ويندا.هنن مختلف حڪمرانن جو ساٿ ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو هر ڀيري حڪمرانن ايم ڪيو ايم آڏو گوڏا کوڙيا آهن . جڏهن ته پي پي کي جڏهن به ايم ڪيو ايم جو لاچار هوندو آهي ته رحمان ملڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ مقصود هوندو آهي ته سنڌ جا وزير ايم ڪيو ايم خلاف سخت بيان بازي جاري ڪري کين ڳالهين لاءِ مجبور ڪندا آهن.

جڏهن ته اسانجا حڪمران ايترين ڏاڍاين ۽ زيادتين باوجود به ساڻن اتحاد لاءِ سِڪي رهيا آهن شايد کين خوف ورائي ويو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ اتحاد ٿي ويو ته شايد سندن اقتدار جا ڏينهن پورا نه ٿي وڃن ان لاءِ ڪجھ ڏئي وٺي ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري ن ليگ کان پري رکجي . هن جاءِ تي اها ڳالهه به سوچڻ لائق آهي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪنهن جي هدايتن تي ڪري رهي آهي ڇو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته اهڙين ملاقاتن کان لاتعلق ۽ لاعلم بڻيل آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته کيس اڃا اهڙن فيصلن جا اختيار نه ڏنا ويا آهن کيس صرف سياسي بيان جاري ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن ڇو ته ايم ڪيو ايم سان دوستي لاءِ مقرر رحمان ملڪ بلاول ڀٽو زرداري جي لغڙ ڪاٽا ڪرڻ واري بيان کي به سياسي بيان چئي رهيو آهي ، حالانڪه اسان کي سياسي مصلحتن ۽ مفادن خاطر پنهنجا نظريا قربان ڪرڻ نه گھرجن ، مفادن خاطر قوم جو سودو نه ڪرڻ گھرجي اهڙي حڪمراني کان بهتر آهي ته مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري قومي مفادن پٽاندڙ فيصلا ڪري عوام جون دليون کٽي سگھجن ٿيون.

ان لاءِ ضروري آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان گڏجي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ گڏيل فيصلا ڪري جيڪو بهتر عمل آهي باقي پنهنجا پنهنجا سياسي مفاد ماڻي ، سياسي بيان جاري ڪري عوام کي وڌيڪ گمراه نه ڪيو وڃي ۽ پيپلز پارٽي جي پوري قيادت کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا وڃن ڪنهن هڪ يا ٻن ماڻهن جي منشا مطابق فيصلا نه ڪيا وڃن.

Saturday, 19 October 2013

#PPP #Bilawal must remember the mission of Shaheeb #Benazir #Bhutto A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 20-10-2013


بلاول کي شهيد بينظير ڀٽو جو مشن جاري رکڻ گھرجي

مهوش شبير عباسي

شهيد بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت بعد پيپلز پارٽي جون واڳون سندس وصيت مطابق آصف علي زرداري پنهنجي هٿ ۾ کنيون جنهن بعد کيس ملڪ جو صدر ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو سندس فيصلن سبب پيپلز پارٽي جا ڪيترائي سينئر اڳواڻ ساڻس ناراض ٿي ويا جن جي پرواهه ڪرڻ بنا پاڪستان پيپلز پارٽي 5 سال ملڪ تي حڪمراني ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بڻايو ويو آهي جنهن کي ڪو خاص سياسي تجربو حاصل نه آهي پر کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هو شهيد بينظير ڀٽو جو فرزند آهي ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ کيس ڪيترائي اوکا پنڌ جھاڳڻا پوندا. 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن بينظير ڀٽو جلا وطني ختم ڪري ڏيهه پهتي ته ڪراچي ۾ سندس ريلي تي زوردار بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن ۾ سوين ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا .

گزريل ڏينهن 18 آڪٽوبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جذباتي تقرير ڪندي شينهن جو شڪار ڪرڻ سميت ٻين پارٽين کي پڻ ٽارگيٽ بڻايو، ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر اڄ جيڪي حالتون آهن اندر اسانکي ڪنهن کي شڪار ڪرڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي. ضرورت آهي ته سنجيده سياست جي آهي. اڄ جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ٻين تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ملڪ جي بگڙيل حالتن کي نظر ۾ رکندي سياسي بيان جاري ڪري ته بهتر رهندو ڇو ته ملڪ جو عوام جنهن بدحالي، بد امني، بيروزگاري، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ ۽ ڪرپشن کي منهن ڏئي رهيو آهي اڄ اسان کي انهن مسئلن جو حل ڳولهڻ جي سخت ضرورت آهي باقي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي گزريل حڪومت ملڪ تي هڪ عذاب هئي جنهن وچ ۾ قوم مٿان جيڪي عذاب مڙهيا ويا انهن کي اڄ به قوم ڀوڳي رهي آهي.

23 مارچ 2013 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 5 سال پورا ڪيا پر انهن جي حڪومت ۾ ٿيل جن مسئلن پاڪستان ۾ جاءِ ورتي اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين حل ٿيندي نظر نه اچي رهيا آهن شايد پاڪستان جي عوام کي انهن مسئلن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين منهن ڏيڻو پوندو . پاڪستان پيپلز پارٽي جو دور جمهوري دور هيو پر ان جمهوري دور ۾ جمهوريت پاڻ ئي سواليه نشان بڻيل رهي ۽ ان 5 سالن ۾ جمهوريت کي انتهائي نقصان پڻ رسيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ مهانگائي سئو سيڪڙو کان به وڌي وئي، ڪرپشن انتهائي چوٽ چڙهي ويا، ميرٽ جي بد ترين لتاڙ ٿي، تعليمي ادارا تباهي ڏانهن وڌڻ لڳا، پاڪستان جي آمدني ، بر آمد توڙي ڪار آمد کي نقصان پهتو، عوامي ادارا تباهي ڏانهن وڌڻ لڳا، فيڪٽرين توڙي انڊسٽرين جو وڏو تعداد بند ٿي ويو جنهن جو وڏو سبب توانائي جو بحران هو. گئس ۽ بجلي جي 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وئي جنهن سبب ڪيترين ئي فيڪٽرين کي نقصان پڻ پهتو .

مارچ 2008 ۾ جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڀالي ته پيٽرول جي قيمت 56 روپيا في لٽر هئي مارچ 2013 تائين 81 سيڪڙو واڌ سبب 103 روپيا في لٽر تي پهتي ، ڊيزل 39 روپيا في ليٽر هيو پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران 169 سيڪڙو تائين واڌ سبب 110 روپيا في ليٽر ٿيو جڏهن ته سي اين جي جي قيمت ۾ 30 روپين کان 75 روپيا واڌ ڪئي وئي ان کان علاوه کائڻ پيئڻ جي شين ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو. چانور 38 روپيا في ڪلو کان وڌي 80 روپيا في ڪلو ٿيا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا پاڻ کي جمهوريت جي دعويدار سڏائيندي نه ٿي ٿڪجي ان پنهنجي حڪومتي دور ۾ جمهوريت جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، عدالتن کي حق نه ڏنا ويا، ججن کي تنگ ڪيو ويو ، انهن جي ڪيل فيصلن تي عمل نه ڪيو ويو .

پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ 5 وڏا بحران سامهون آيا جن ۾ سي اين جي جو بحران، توانائي جو بحران، ڪار آمد جو مسئلو، کنڊ جو بحران ۽ پاڪستان جي آمدني جو بحران. پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ انتهائي ڪرپشن ڪئي وئي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ مطابق پيپلز پارٽي جي مقرر ڪيل نيب جي چيئرمين هر روز 7 بلين روپين بجاءِ 12 ارب روپيا کڻندو رهيو .

پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ دهشتگردي تي نظر وجھجي ته رڳو ڪراچي اندر 5 سالن دوران مرندڙ ماڻهن جو تعدادا 9 هزار کان وڌيڪ آهي جيڪي صرف ايم ڪيو ايم ۽ پي پي پي جي جھيڙن ۾ مرندڙ ماڻهن جو تعداد آهي. جڏهن ته 3000 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ٿيا جن ۾ 6500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. پيپلز پارٽي جي 5 سالن جي حڪومت ۾ 330 ڊرون حملا ٿيا جن ۾ 400 ماڻهو فوت ٿيا. ملڪ مان ڪيترا ئي هندو برادري جا ماڻهو تحفظ نه ملڻ سبب پاڪستان کان لڏ پلاڻ ڪري ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن روانا ٿيا، عورتن ۽ ٻارڙن سان ڏاڍاين جو سلسلو پڻ عروج تي رهيو جنهن ۾ سندن پارٽي سان تعلق رکندڙ با اثر ڌريون ملوث رهيون، ڪيترا جرڳا سندن وزيرن مشيرن ۽ پوليس انتظاميا جي سرپرستي ۾ ٿيا، پيپلز پارٽي قانون ۽ امن جي دعوي ڪندي رهي پر انهن جي ئي حڪومتي دور ۾ سندن بلوچستان جو وزير اعلي اسلم رئيساڻي ڪوئٽا ۾ هڪ مهيني ۾ هڪ هفتو به نه پئي رهي سگھيو ، ڪيترن وزيرن ۽ اعلي آفيسرن ڪرپشن سبب جيل ڀوڳيو ، ڪيترا عدالتن کان فرار ٿي ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويا . 5 سالا دور حڪومت دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جا جوابدار هٿ نه ڪري سگھيا، شهيد مير مرتضي ڀٽو جا قاتل گرفتار ته نه ڪري سگھيا پر قاتلن کي اعلي عهدن تي ترقيون ڏئي نوازيو ويو ، 18 آڪٽوبر جي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي انصاف پلئه نه پيو.

سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جا فيصلا رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جي حوالي ڪيا ويا جن کي جنهن وقت جيئن ٿي وڻيو سنڌ اندر مداخلت ڪري سنڌي ماڻهن مٿان ڌارين جي چوڻ تي اڻ وڻندڙ فيصلا مڙهيا ويا جنهن تي ڪيترا ڀيرا سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيا .

هن وقت جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي سياست ۾ سرگرم ٿيڻو آهي ته کيس زميني حقيقتن کان منهن نه موڙڻ گھرجي، گذريل دور حڪومت دوران کانئن جيڪي غلطيون ٿيون آهن انهن کي نظر ۾ رکندي اصولي ۽ نظرياتي سياست ڪرڻ گھرجي جيڪو عوام چاهي رهي آهي هن وقت عوام جذباتي نعرن ۽ جذباتي تقريرن بجاءِ سنجيده سوچ ڏانهن وڃي رهي آهي ڇو ته اسانجي ملڪ اندر عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ پارٽين ۽ سياسي بيان جاري ڪندڙ اڳواڻن جي کوٽ نه آهي اسين پر اميد آهيون ته بلاول ڀٽو زرداري، محترمه بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي سٺي سوچ سان اڳتي وڌندو.