Wednesday, 16 April 2014
My column in Daily sindh globe newsppaer
مهوش عباسي
مشرف مامري تي ٻٽو معيار قائم ڪري قانون کي مذاق نه بڻايو
|
|---|
وڏين دعوائن باوجود ملڪ اندر قانون ، آئين ۽ عدالتي نظام پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھيو آهي جنهن جو وڏو فائدو ملڪ جي ڊڪٽيٽرن ، مختلف مرحلن تي حاصل ڪيو آهي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي جمهوريت جون ڌڄيون اڏايون آهن مگر ملڪ جون ڪجهھ ڌريون ايتريون ته طاقتور آهن جوهن وقت تائين ڪو به ان ڏوهه جي سزا ماڻي نه سگھيو آهي جڏهن ته جمهوريت جا دعويدار به سندن پٺ ڀرائي ڪندي پنهنجا مفاد ماڻيندا رهيا آهن پوءِ جنرل ضياءِ هجي ، ايوب ، يحيى توڙي جنرل مشرف . هنن هر ڀيري جمهوريت کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ عوام جا حق هضم ڪيا آهن ، ٻيا ته ان ڏوهه کان بري ٿي ويا مگر جنرل مشرف گرفت ۾ اچي ويو جنهن عدالتن کي منهن ڏنو ان سان گڏ بيماري جا بهانا پڻ ڪندو رهيو آخري ڀيرو جڏهن عدالت کيس طلب ڪيو ته سابق ڪمانڊو پاڻ کيآءِ سي يو ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو . عدالت هر حالت ۾ کيس پيش ٿيڻ لاءِ پابند بڻايو ۽ جڏهن مشرف کي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو ته هن ڀيري کيس هر صورت عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو جنهن بعد پوليس ، رينجرز ، حساس ادارن جي پهري ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن جي سڪيورٽي تي حڪومت جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيا ، جتي هن پنهنجي صفائي ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ، ملڪ لاءِ جنگيون وڙهيون آهن مون کي غدار ڇو پيو ڪوٺيو وڃي ، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس ماءُ جي بيماري سبب اي سي ايل مان نالو خارج ڪري ٻاهر ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي . سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هن وقت ماءُ جي بيماري سبب ملڪ جي مخصوص ماڻهن جون همدرديون مشرف ڏانهن وڌنديون پيون وڃن جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته جيلن اندر سڙندڙ ڪيترن قيدين جا وارث بيمارين ۾ فوت ٿي چڪا آهن ، ڪيترا مرڻ ڪنڌي تي آهن ان جاءِ تي انهن قيدين لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ رحم ڇو نه ٿو اچي اتي قانون جو ٻٽو معيار نظر اچي رهيو آهي جيڪڏهن مشرف کي پنهنجي ماءُ پياري آهي ته ٻين جون به جيجل امڙيون راهون نهاري رهيون آهن . هڪ پاسي ملڪ اندر پابندي مڙهيل تنظيمن جي هڪ حڪمران جماعت پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪي آزادي سان ملڪ اندر ريليون ۽ جلسا جلوس ڪري ملڪ جي سياستدانن کي ڌمڪائي رهيا آهن جن تي ڪا به پابندي يا رنڊ روڪ نه ٿي وڌي وڃي جتي ملڪ جو آئين ۽ قانون تحرڪ ۾ نه ٿو اچي . طالبان جن جا هٿ هزارين بيگناه انسانن جي رت سان رڱيل آهن قانون ۽ آئين کي پاسيرو رکي انهن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌ جي اندروني صورتحال تي نظر وجھجي ته سنڌ جي قديم درسگاه مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران31 مارچ تي يوم سنڌ ملهائڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون ته يونيورسٽي اندر 2 ڏينهن اڳ کان ئي سڪيورٽي ۽ شاگردن جي اچ وڃ تي سخت نظر رکي وڃي ٿي ، پوائنٽ بسن کي اڌ رستي تي روڪيو وڃي ٿو جنهن جو سبب سڪيورٽي ڄاڻايو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پنهنجن پنهنجن ادارن ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو جيڪو سلسلو 3 ڏينهن جاري رهيو ، جساف ۽ جسمم کي اعلانيل جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو پوليس ۽ رينجرز رستا سيل ڪري ڇڏيا ، ڇڪتاڻ وڌڻ سبب شاگردن مٿان لٺ بازي ، شيلنگ ، فائرنگ ڪندي ڪڙڪي پيا جڏهن ته ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گرفتار ڪيا ويا . ڪيتريون ئي شاگردياڻيون مزاحمت ڪندي گرفتار شاگردن سان ڀريل گاڏين آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيون جنهن سان سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو . حڪمرانن کان ان جاءِ تي آءُ اهو سوال پڇنديس ته شاگردن کي آخر سياست ڪرڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي دنيا اندر تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي آزادي سان سياسي تعليم ۽ سياست ڪرڻ جا حق حاصل آهن ، ڇو ته سٺا شاگرد پڙهيل لکيل ئي سٺا سياستدان بڻبا باقي نه ته چوڌرين ،وڏيرن ، ڀوتارن ، جاگيردارن ۽ سردارن جي سياست ۾ مداخلت سبب جمهوريت جي جيڪا بدنامي ٿي رهي آهي سا دنيا آڏو آهي اهي ئي ڌريون نه ٿيون چاهين ته شاگرد پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکي اسان سان ڪلهو ڪلهو ۾ ملائين اهڙن ماڻهن کي پنهنجا ليڊر منتخب ڪري پاڪستان جي سياست جو رخ ئي بدلجي چڪو آهي ، جمهوري دور ۾ هر ماڻهو کي پنهجي حق لاءِ آواز اٿارڻ ، احتجاج ڪرڻ ، جلسا جلوس ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي آهي جيڪو انساني حقن ۾ پڻ شامل آهي پر اسان وٽ نظام ابتڙ نظر اچي رهيو آهي جيڪڏهن پابندي مڙهيل تنظيمون جلسا جلوس ڪن ٿيون ته انهن تي ڪو تحرڪ وٺڻ بجاءِ کين سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جساف ، جسمم ۽ ٻين تنظيمن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وڃي ٿي اهڙن عملن سان سنڌ ۾ منفي سوچ پيدا ٿي رهي آهي . 2 سال پهرين بشير خان قريشي کي زهر ڏئي ماريو ويو ملڪ جو شهري هئڻ ناتي سندس وارثن ۽ ڪارڪنن کي هن وقت تائينانصاف ته مهيا نه ٿي سگھيو آهي پر سندس ايف آءِ آر ڪٽائڻ لاءِ سندس وارثن ۽ ڪارڪنن کي ڪشالا ڪاٽڻا پيا ، چند ڏينهن اڳ سندس ڀا مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌو کي برداشت نه ڪندڙن لٽيرن گوليون هڻي مارڻ کان پوءِ باه ڏئي کين ساڙي ڇڏيو جن جا مڙه 23 مارچ تي ڪراچي فريڊم مارچ دوران رکي سندن جنازو پڙهايو ويو ۽ دنيا ڏٺو ته سنڌي ماڻهو رياستي ڏاڍ سبب بي يارو مددگار ماريا پيا وڃن ايترو ڪجهھ ڪرڻ کانپوءِ به سندن ڏاڍ نه گھٽيو صنعان قريشي ڀريا ٿاڻي تي پنهنجي چاچي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌو جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ پهتا ته سندن ڪيس نه ورتو ويو آخر اهي ڏاڍايون ، سنگينيون ۽ ٻٽو معيار ملڪ اندر صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڇو بڻايو ويو آهي جو جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهه اچي ته کيس ڦاهي چاڙهيو ٿو وڃي ، جيڪڏهن نواز شريف تي ڪيس هلن ٿا ته معافي وٺي کيس ٺٺ ٺانگر سان سعودي شهنشاهن حوالي ڪيو وڃي ٿو ساڳي نموني جنرل مشرف کي ڪيسن مان آجو ڪرائڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن لڳي ايئن رهيو آهي ته هو پاڪستان ۾ چند ڏينهن جو مهمان آهي جيئن ئي کيس ڀڄڻ جو سگنل مليو ته هو ٻيهر پاڪستان ڏانهن رخ نه ڪندو ۽ سندس واپسي جي ذميواري ڪير ڏيندو ماضي ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن ته ڪيترائي ماڻهو واعدا ڪرڻ باوجود واپس نه وريا ،ان جاءِ تي سندس ڪيسن کي منهن ڪير ڏيندو آخر ڪهڙن بنيادن تي رياست جي آئين ۽ قانون کي پٺي ڏئي پاڻمرادو فيصلا ڪري غدارن ۽ ڏوهارين مان هٿ ڪڍيا پيا وڃن . هن وقت جيڪڏهن اسان ملڪ جي قانون ، آئين ۽ عدالتن جو احترام نه ڪيو ۽ ٻٽو معيار برقرار رکيو ته اسين ڪڏهن به حق ۽ انصاف جي راهن تي گامزن ٿي نه سگھنداسين ڇو ته قانون ۽ آئين نه ڪنهن سان نفرت ڪندو آهي نه ئي محبت ان لاءِ اسان کي حقيقت پسندانه رويو اختيار ڪرڻو پوندو .
- See more at: http://www.sindhglobe.com/article.php?
Saturday, 29 March 2014
My column in Daily Awami Awaz 29-3-2014 #PPP #MQM
پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺاهه ڇو لازمي آهي؟
– مهوش شبير عباسي
آخر اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم سان مفاهمت لاءِ مجبور ڪري ٿي، هر ڀيري اها ذميواري پيپلز پارٽي طرفان رحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي عشرت العباد ڪندو رهيو آهي چوندا آهن ته جن جي عمر جي خبر هجي انهن جا ڏند ڏسي ڇا ڪبو . هر ماڻهو جي علم ۾ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ پالي وڏو ڪري پيپلز پارٽي جي سامهون آندو جيڪي پيپلز پارٽي کي ته ڪو وڏو نقصان نه پهچائي سگھيا البت مذهبي ڌريون جن جو سنڌ جي وڏن شهرن تي راڄ هوندو هو انهن لاءِ اسيمبلين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا . جنهن بعد ايم ڪيو ايم ملڪ اندر حڪمراني ڪندڙ هر پارٽي جو حصو رهي آهي. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم۾ مفاهمت لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ٻنهي پارٽين وچ ۾ مفاهمت ٿيندي نظر نه ٿي اچي جنهن جا سبب ڪهڙا به هجن ڳالهين کي ڪيترو به ڳجھو رکيو وڃي پر هر سمجھدار ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ايم ڪيو ايم جا ڪهڙا مطالبا هوندا . هنن هر ڀيري حڪومتن کي مجبور ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائي پنهنجا مفاد ماڻيا آهن جنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي سياست کي وڏو نقصان پهتو آهي ، سڀ کان اڳ سوچڻ جي اها ڳاله آهي ته هر ڀيري ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ رحمان ملڪ کي پٽڪو ڇو ٿو ٻڌرايو وڃي ڇا سنڌ اندر سلجھيل سياسي رهنمائن جي ايتري کوٽ آهي يا اهي قوتون جيڪي ڳالهين لاءِ مجبور ڪن ٿيون انهن جو سنڌي ماڻهن مٿان اعتماد نه آهي .
هن وقت پيپلز پارٽي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جي هلندڙ ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي جنهن ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آئين مخالف بيان ۽ سنڌ ٽوڙڻ وارا خيال تبديل ڪري تڪراري بيان واپس وٺڻ لاءِ چيو آهي جيڪو هڪ بهتر عمل آهي پر ايم ڪيو ايم جا ڏيکارڻ وارا ڏند هڪڙا آهن ته کائڻ وارا ٻيا آهن ڇو ته جڏهن به کين پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ضرورت پئي آهي ته هنن هر ڀيري سنڌ ٽوڙڻ ، الڳ صوبا گھرڻ، ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جهڙا مطالبا ڪندا رهيا آهن ، ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ واري ڳالهه معمولي ڳالهه نه هئي ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جو صاف مطلب پاڪستان ٽوڙڻ آهي ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌ جا سنڌي ماڻهو پنهنجا حق گھرن ٿا ۽ سنڌ کي الڳ ملڪ ڏسڻ چاهين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ انهن کي باغي قرار ڏئي قتل ڪري چچريل لاش ڏئي رهيا آهي . تازو مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي باه ڏئي ساڙي ماريو ويو ، ساڳي ڳاله جيڪڏهن متحده جو سربراهه ڪري ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا خاموش رهندا آهن جيڪو ٻٽو معيار آهي سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي دل ۾ خواهش رکندڙ پنهنجن ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا . پيپلز پارٽي جي گذريل دور ۾ پي پي جا اتحادي هئڻ باوجود الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ سنڌ ڌرتي خلاف بيان ڏيندا رهيا ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص جي ديوارن تي جيڪي نعرا لکيا ويا سي ڪيترين جاين تي اڄ به نظر اچي رهيا آهن سندن اهڙن مطالبن تي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي پاڻ کا ڌار نه ڪيو.
سنڌ سان مختلف نالن ۽ ٺاهن ۾ ڪيل ويساه گھاتين جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي سنڌ سان ترقي ، مفاهمت ۽ خوشحالي جي نالي تي ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي 21 صدي ۾ ترقي ، جمهوريت ۽ تهذيب جي نالي تي سنڌ سان ويساه گھاتيون ٿي چڪيون آهن سنڌ جي وسيلن ۽ زخيرن تي هميشه دشمنن جون نظرون رهيون آهن پوءِ اهو تيل ، ڪوئلو ، ذرعي پيداوار ، سامونڊي ذريعا ، ٻيٽ ، ٻيٽن جو وڪرو ، ذوالفقار آباد يا وري ٻٽو مڪاني نطام ڇو نه هجي جنهن جي ڪري سنڌ ڏاڍ ۽ جبر جي دور مان گذري چڪي آهي سنڌ اندر وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام سبب ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ڌرتي سان ڪا به سڄڻائپ نه ڪئي وئي آهي . اسان جا وڏيرا ۽ جاگيردار ڪوڙي غيرت ، قبيلائي انائن جي ور چڙهي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن غيرت جي نالي تي قتل ته ڄڻ اسان جي ثقافت ٿي وئي آهي بجاءِ ان جي جو سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيون اسين اتحادن پويان لڳي پيا آهيون وقت اسانجي هٿن مان نه ويو آهي اسان کي گھرجي ته ڌارين ۽ غيرن جي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت بند ڪرايون سنڌ جي سڄڻن کي گڏائي هلائڻ لاءِ سنڌي سياستدانن سان صلاح مصلحت ڪري سنجيده فيصلا ڪريون جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهتري آهي جيڪو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو اهو اسان مان نه آهي ان لاءِ اسان کي مهذب طور طريقا اپنائڻا پوندا جنهن ۾ سڀني جي ڀلائي ۽ بهتري آهي باقي سنڌي ماڻهن جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي . جڏهن اسان اهڙا فيصلا ڪنداسين ته ڪو به ايرو غيرو سنڌي ماڻهن کي نا اهل چوڻ جي جرات نه ڪندو ان لاءِ پيپلز پارٽي جي قيادت کي سنجيده فيصلا ڪرڻ گھرجن جيئن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حق متاثر نه ٿين . اهو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني.

Wednesday, 19 March 2014
A column by Mehwish Abbasi in Awami Awaz - عوامي آواز 20-3-2014 about #Women #Justice in #Pakistan when #Media take action
ميڊيا جي سهاري عورتن کي ملندڙ انصاف!
مهوش عباسي
اسانجي ملڪ ۾ فيشن بڻجي ويو آهي ته جيسيتائين ڪا به خبر ميڊيا تي نه ٿي اچي تيسيتائين ڪيڏو به وڏو مسئلو ڇو نه هجي پر اسان جا حڪمران پاڻ کي ان ڏوهه کان آجو سمجھن ٿا آخر ان ۾ ڪوتاهي ڪنهن جي آهي عدليه جي جوڙيل قانون جي ، حڪمرانن جي، انتظامي عملدارن جي يا اڃا به ڪي ٻيا فيڪٽر ان ۾ ملوث آهن . ڇا حڪمرانن ۽ عملدارن جي اها ذميواري ناهي ته ميڊيا تي خبر اچڻ کان پهريان ملڪ اندر ٿيندڙ ڪنهن به ڏوهه يا واقعي جي ايمانداري سان جانچ ڪري ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن مگر 67 سال گذرڻ باوجود اڃان تائين اسان پنهنجي مهذب پڻي جو ثبوت نه ڏنو آهي، جنهن سبب اسان وٽ احتجاجن جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي . اسان وٽ جتي دهشتگردي، بد امني، ڪرپشن ، پنهنجا نوازي چوٽ چڙهيل آهي اتي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ تذليل جو اڻ کٽ سلسلو پڻ جاري آهي، جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن عورتن جي بهتري لاءِ ڪيترائي قانون جوڙيا آهن مگر افسوس جو ان سڄي عرصي دوران عورتن کي انصاف پلئه نه پيو آهي، جنهن ڪري هر ڀيري عورت مرداڻي سماج جو شڪار ٿيندي رهي آهي، واقعا رونما ٿيڻ بعد وقت جي حڪمرانن ۽ انتظاميا عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ذيادتين جو وقتي طور نوٽيس ضرور ورتو آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ ڊگھن ڪيسن کي منهن ڏيڻ سبب مجبور عورتن کي ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جنهن ڪري هر ڀيري عورت نا انصافي جو شڪار ٿيندي رهي آهي.
مظفر ڳڙه ۾ شاگردياڻي سان ٿيل لڄا لٽ تي جڏهن کيس انصاف نه مليو ۽ ملوث ڏوهارين کي ڏيتي ليتي بعد با عزت بري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ شاگردياڻي زندگي مان بيزار ٿي پوليس اسٽيشن اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، اهو سڄو لقاءُ ڏسندڙ سندس زندگي بچائي نه سگھيا پر ڪنهن تماشبين وانگر اهو سڀ ڪجھه ٿيندي ڏسندا رهيا ، جڏهن اها خبر ميڊيا جي زينت بڻي تڏهن پنجاب جي وزير اعلى تحرڪ وٺندي ملوث ماڻهن ۽ انتظامي عملدارن خلاف سخت قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ سندن وارثن کي چند لکن جو چيڪ ڏئي پاڻ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو ، ڇا ايئن ڪرڻ سان نياڻي کي انصاف ملي ويو ؟ جيڪڏهن ملوث ماڻهن خلاف انتظاميا بروقت قدم کڻي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ها ته شايد نياڻي جي زندگي بچي پوي ها . عورتن سان اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا روز جو معمول بڻيل آهن پر اسان جي حڪمرانن جي نظر اهڙن واقعن جي ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ پوي ٿي آخر ڪيسيتائين اسان جي عوام کي ميڊيا جي سهاري جيئڻو ۽ مرڻو پوندو.
اهڙي قسم جو دل ڏکوئيندڙ هڪ ٻيو واقعو ٺل ۾ پيش آيو جتي عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون جن جي تذليل ڪندي پوليس پاران عورتن تي لٺيون وسايون ويون، عورتن کي زخمي ڪيو ويو، لالچي عملدارن پاران سينٽر جا دروازا بند ڪيا ويا، جنهن سبب مجبور ۽ لاچار عورتن پنهنجا روا (پوتيون) ڳنڍي جيل نما 25 فٽ اوچين ڀتين تي چڙهي سينٽر اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڪيتريون عورتون ديوار تي چڙهندي زمين تي ڪري زخمي ٿي پيون اهڙا منظر ڏسي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ سنڌ جون عورتون ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ هماليه جبل تي چڙهي رهيون هجن ، اهڙو منظر ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃي ٿو پر موجود انتظامي عملدارن کي ڪو به احساس نه ٿيو ۽ حسب معمول ميڊيا جي اک اهي منظر رڪارڊ ڪري دنيا آڏو رکيا ته بدنامي جي خوف کان عملدارن جانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر اسيمبلين اندر ويٺل عورت ميمبرن اهڙن حساس مسئلن تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن مان سندن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرپ وارو ڪردار نظر اچي رهيو آهي ڇو ته اسيمبلين اندر ويٺل عورتون ڪنهن ماستر، هاري ناري يا ڪلارڪ جون نياڻيون نه آهن جو کين مظلوم عورتن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ تشدد جو اثر ٿئي، هئڻ ايئن گھرجي ته عورتن مٿان ملڪ اندر ٿيندڙ واقعن جو نوٽيس سڀ کان پهرين ميمبر عورتن کي ئي وٺڻ گھرجي پر افسوس ايئن نه ٿي رهيو آهي، جڏهن مسئلا چوٽ چڙهي وڃن ٿا، ڪيترين ئي عورتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي احتجاج ٿين ٿا تنهن کان پوءِ نوٽيس ورتا وڃن ٿا. پر وڏن گھراڻن سان تعلق رکندڙ عورت ميمبرن کي عورتن سان احتجاجن ۾ شرڪت ڪرڻ سان شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙين عورت ميمبرن مان مظلوم عورتون ڪهڙي اميد رکن.
ساڳي طرح پنجاب ۾ نرسن پاران ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ختم ڪرائي نرسن جا ڪجهھ مطالبا تسليم ڪيا ويا پنجاب حڪومت جيڪڏهن هوش کان ڪم وٺي جلد ئي ڪاميٽي قائم ڪري نرسن جا مطالبا پورا ڪري ها ته مٿن تشدد جهڙا واقعا پيش نه اچن ها. اسين عورتن مٿان تشدد ڪري دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون ۽ بدنامي پلئه پوڻ بعد مطالبا تسليم ڪريون ٿا جڏهن ته شروعاتي طور سنجيدگي جو مظاهرو ڇو نه ٿا ڪريون. پنجاب حڪومت نرسن مان جان آجي ڪرائڻ بعد يڪدم هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هڪ بهتر عمل آهي شايد پنجاب حڪومت ڄاڻي ورتو ته جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا وقت سر نه مڃيا ويا ته کين مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ عورتن سان ڏاڍاين جو هڪ نئون داستان شروع ٿيندو تنهن ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي پنجاب حڪومت پاران اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي.
جڏهن سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪنن تي پنجاب حڪومت جو اهڙو اعلان پهتو ته سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪراچي پريس ڪلب تي پهچي مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ان لاءِ پنجاب ۾ نرسن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ پي ٽي آءِ ، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي رهنمائن سندن حمايت جو اعلان ڪيو هو ساڳي طرح کين اڄ سنڌ حڪومت کي به پابند بڻائڻ گھرجي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن حمايت ۾ ساڻن گڏ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪن ، ڪجھه وقت اڳ ن ليگ رهنما ماروي ميمڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز سان احتجاجن ۾ گڏ نظر ايندي هئي جيڪا پڻ اڄ منظر تان غائب آهي، جنهن جي اڄ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اشد ضرورت آهي ، حڪومت کي اهڙن واقعن تي تڪڙا قدم کڻڻ گھرجن ته جيئن وڌيڪ نقصان ۽ حالتون خراب ٿيڻ کان پهريان ملڪ جي هزارين نياڻين کي حق حاصل ٿي سگھن. ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تحفظ جي فراهمي کي به يقيني بڻايو وڃي ڇو ته پوليو مهم دوران ڪيتريون ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز دهشتگردن هٿان پنهنجيون زندگيون وڃائي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون ئي گھرن تائين محدود ٿي چڪيون آهن جن جو گذر بسر ان نوڪري تي آهي.
ان لاءِ حڪومت کي گھرجي ته آئنده ڪنهن خبر جو انتظار ڪرڻ بجاءِ عورتن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي، ٿيندڙ ڏاڍاين تي پاڻمرادو تحرڪ وٺي کين انصاف ڏيارين ، جيستائين اسين مظلوم عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪنداسين تيسيتائين اسين پاڻ کي مهذب سڏائڻ جي لائق نه آهيون ڇو ته دنيا اندر مهذب معاشري ۾ عورتن کي تحفظ، شعور، آزادي ۽ اعلى مقام حاصل هوندو آهي، اهي ئي قومون ترقي يافته آهن جن پنهنجين عورتن کي با عزت سماج ۽ حق ڏنا آهن.
Saturday, 15 March 2014
Mehwish Abbasi,s column in daily awami awaz New law of men marriages #Women desicion and marriages of youngsters in #Pakistan #Shareeah
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي فتوا – مهوش شبير عباسي
پاڪستان ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون کي شريعت مطابق ڪرڻ جي ذميواري اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ڏني وئي آهي هن وقت اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اجلاس ۾ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به مرد کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ پهرين زال کان اجازت ۽ رضامندي وٺڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته اسلام مطابق هو هرگھر واري وچ ۾ عدل ۽ انصاف رکي . سال 1961 ۾ مسلم فيملي آرڊيننس پاس ڪيو ويو جنهن مطابق ڪو به مرد پهرين زال کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ٻي شادي نه ٿو ڪري سگھي جڏهن ته اجازت لکت ۾ پڻ هجي ته ڇا هي آرڊيننس شريعت جي خلاف هيو جيڪڏهن ايئن هيو ته ايترو وقت اسلام خلاف اهڙي فيصلي تي عمل ڇو ڪيو ويو.
هي پهريون ڀيرو ناهي جو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪنهن فيصلي تي سوال اٿيا هجن ان کان پهريان به حقوق رمضان آرڊيننس ، ٽيسٽ ٽيوب ٻار ، ڊي اين اي ٽيسٽ بابت به ڪيترائي بحث سامهون آيا ، حقيقت ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون 2 ذميواريون آهن پهرين اها ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان ڳالهه تي غور ۽ فڪر ڪري ته پاڪستان ۾ آيل قانون سازي اسلامي قانون مطابق درست آهي يا نه ٻي ذميواري پارليامينٽ ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ آهي جڏهن ته اڄ تائين اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ به رپورٽ پارليامينٽ ۾ شامل ناهي ڪرائي.
جيتري حد تائين اسلامي قانون ۽ شريعت مطابق مرد کي 4 شاديون ڪرڻ جي اجازت آهي ته ان جي ضروررت مطابق آهي ۽ اها شرط لازمي آهي ته سڀني گھر وارين سان برابري وارو سلوڪ رکجي سڀني کي وقت ، کاڌو پيتو ۽ لباس هڪ جهڙو ڏجي جڏهن ته حضور اڪرم ﷺ به فرمايو آهي ته هر ڳالهه ۾ پنهنجي گھر واري سان صلاح مشورو ڪيو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نئين فيصلي کانپوءِ مرد پاڻ کي طاقتور ۽ آزاد محسوس ڪندا ۽ بغير ڪنهن خوف جي ٻيون شاديون ڪندا پهرين گھر واري کي اعتماد ۾ نه وٺڻ سبب ڪيترائي مسئلا درپيش اچي ٿا سگھن اهڙي طرح عورتون ڪمزور ٿي وينديون ۽ مردن اڳيان ڪجھه چئي به نه سگھنديون ڇو ته رياست انهن کي آزادي سان ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ، سورت النساءِ ۾ الله تعالى فرمايو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ٻي، ٽين يا چوٿين شادي جي ضرورت آهي ته ڀلي ڪيو پر تڏهن جڏهن توهان کي يقين هجي ته توهان انهن سڀنن کي برابر رکندئو نه ته توهان لاءِ هڪ ئي شادي ڪافي آهي . اڄ معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته اسلام جا دعويدار پنهنجي نياڻين ، پٽن ۽ زالن سان هڪ جهڙو ورتاءُ هرگز نه ڪري رهيا آهن ، اسلام جي مطابق ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ مرد سڀني گھر وارين کي برابر حق نه ڏئي سگھندا ان لاءِ سڀ کان پهرين برابري ۽ انساني حقن جو درس ڏيڻ گھرجي ، جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ به اهو چيو ويو آهي ته توهان انسانن لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته توهان سڀني گھر وارين ۾ برابري رکي سگھو باقي جيتري قدر حضرت محمد ﷺ جي شادين جو سوال آهي ته اسان کي نبي پاڪ ﷺ سان ڀيٽڻ نه گھرجي.
ٻي شادي جي اجازت وٺڻ اخلاقي طور فرض هئڻ گھرجي ڇو ته جيڪڏهن ڪو به مرد بنا اجازت جي ٻي شادي ڪري ٿو ته هو ٻنهي گھر وارين جي وچ ۾ برابري ڪيئن رکندو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان شايد اهو وسري ويو آهي ته اسلام عوررت جو تحفظ ڪرڻ وارو مذهب آهي قرآن پاڪ ۾ به عوررت جي حق ، برابري ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جڏهن ته عورت کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ به چيو ويو آهي . اڄ ڪو به مرد اها دعوى نه ٿو ڪري سگھي ته هو پنهنجي گھر واري سان عدل ۽ انصاف ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي کانپوءِ هو برابري وارو سلوڪ رکندو ، جڏهن ته ڪا به عوررت اها ڳالهه برداشت نه ڪندي ته ان جو مڙس ٻي شادي ڪري ڇو ته هن مسلمان معاشري ۾ مرد عورت کي حق نه ڏئي رهيا آهن ته پوءِ ٻي شادي کانپوءِ ان جو تحفظ ڪير ڪندو . جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو فيصلو پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھي ٿي ته هو ٻي گھر واري کي به عدل ۽ انصاف سان رکندو يا نه جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري سگھندو ته پهرين گھر واري ٻي شادي جي اجازت نه ڏيندي ڪو به مرد 2 يا 4 عورتن ۾ عدل ۽ برابري ڪري سگھي ٿو يا نه ان جو فيصلو ان جي پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھندي . ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جهڙوڪ الجيريا ، مصر ، جوردن ، مورڪو ۽ سائريا ۾ ٻي شادي ڪرڻ تي پابندي آهي جڏهن ته شريعت اجازت ڏني آهي پر اتان جي معاشري ، حالات ، واقعات ۽ اخلاقي قدرن کي ڏسندي پابندي لڳائي وئي آهي .
اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ هڪ ٻي ڳالهه تي به بحث ڪيو ويو آهي ته نڪاح لاءِ ڪا به عمر مقرر نه آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي بالغ ٿيڻ تي رخصتي ڪري سگھجي ٿي ، ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرڻ سان ڇوڪريون ذهني توڙي جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون، ننڍي عمر ۾ ٻار پيدا ڪرڻ سان انهن جي صحت تي برا اثر پون ٿا ، جڏهن ته چائلڊ ميريج يعني ننڍي عمر جون شاديون انساني حقن جي لتاڙ ۾ پڻ شامل آهن ، مذهبي جماعتن کي انساني حقن بابت به سوچڻ گھرجي ۽ اسانجي معاشري تي نظر وجھي اهڙا فيصلا ڪرڻ گھرجن ڇو ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي اجازت ڏني وئي ته اسان جي سماج ۾ نياڻين کي تعليم کان محروم رکي گھرن تائين محدود ڪيو ويندو ۽ ڪنهن جو خوف نه هجڻ جي ڪري جلد شاديون ڪرائڻ وارو رواج عام ٿي ويندو جنهن سان انهن خاندانن توڙي سماج کي نقصان رسندو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي مطابق قانون سازي ڪري رهيو آهي جڏهن ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمرانن جو ڪم آهي جتي اهڙن مسئلن تي بحث مباحثو ڪيو وڃي جنهن بعد اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪليو وڃي باقي ملڪ اندر طالبان جي اچڻ کان پهريان ئي طالبان طرز جي فيصلن کان گريز ڪيو وڃي ۽ اهڙن فيصلن اندر مردن سان گڏ عورتن کي پڻ شامل ڪيو وڃي جڏهن اسلام ۾ مردن ۽ عوررتن کي هجڪهڙا حق حاصل آهن ته پوءِ عورتن کان به ڪا به راءِ وٺڻ ۾ هچڪچاهٽ محسوس ڇو ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي گھرجي ته عوام کي سستو ، بهتر ۽ انصاف وارو عدالتي نظام فراهم ڪري اسلام ۽ روايتن جي نالي تي انساني حقن جي لتاڙ نه ٿيڻ گھرجي.
Subscribe to:
Posts (Atom)