Saturday, 15 March 2014
Mehwish Abbasi,s column in daily awami awaz New law of men marriages #Women desicion and marriages of youngsters in #Pakistan #Shareeah
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي فتوا – مهوش شبير عباسي
پاڪستان ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون کي شريعت مطابق ڪرڻ جي ذميواري اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ڏني وئي آهي هن وقت اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اجلاس ۾ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به مرد کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ پهرين زال کان اجازت ۽ رضامندي وٺڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته اسلام مطابق هو هرگھر واري وچ ۾ عدل ۽ انصاف رکي . سال 1961 ۾ مسلم فيملي آرڊيننس پاس ڪيو ويو جنهن مطابق ڪو به مرد پهرين زال کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ٻي شادي نه ٿو ڪري سگھي جڏهن ته اجازت لکت ۾ پڻ هجي ته ڇا هي آرڊيننس شريعت جي خلاف هيو جيڪڏهن ايئن هيو ته ايترو وقت اسلام خلاف اهڙي فيصلي تي عمل ڇو ڪيو ويو.
هي پهريون ڀيرو ناهي جو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪنهن فيصلي تي سوال اٿيا هجن ان کان پهريان به حقوق رمضان آرڊيننس ، ٽيسٽ ٽيوب ٻار ، ڊي اين اي ٽيسٽ بابت به ڪيترائي بحث سامهون آيا ، حقيقت ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون 2 ذميواريون آهن پهرين اها ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان ڳالهه تي غور ۽ فڪر ڪري ته پاڪستان ۾ آيل قانون سازي اسلامي قانون مطابق درست آهي يا نه ٻي ذميواري پارليامينٽ ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ آهي جڏهن ته اڄ تائين اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ به رپورٽ پارليامينٽ ۾ شامل ناهي ڪرائي.
جيتري حد تائين اسلامي قانون ۽ شريعت مطابق مرد کي 4 شاديون ڪرڻ جي اجازت آهي ته ان جي ضروررت مطابق آهي ۽ اها شرط لازمي آهي ته سڀني گھر وارين سان برابري وارو سلوڪ رکجي سڀني کي وقت ، کاڌو پيتو ۽ لباس هڪ جهڙو ڏجي جڏهن ته حضور اڪرم ﷺ به فرمايو آهي ته هر ڳالهه ۾ پنهنجي گھر واري سان صلاح مشورو ڪيو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نئين فيصلي کانپوءِ مرد پاڻ کي طاقتور ۽ آزاد محسوس ڪندا ۽ بغير ڪنهن خوف جي ٻيون شاديون ڪندا پهرين گھر واري کي اعتماد ۾ نه وٺڻ سبب ڪيترائي مسئلا درپيش اچي ٿا سگھن اهڙي طرح عورتون ڪمزور ٿي وينديون ۽ مردن اڳيان ڪجھه چئي به نه سگھنديون ڇو ته رياست انهن کي آزادي سان ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ، سورت النساءِ ۾ الله تعالى فرمايو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ٻي، ٽين يا چوٿين شادي جي ضرورت آهي ته ڀلي ڪيو پر تڏهن جڏهن توهان کي يقين هجي ته توهان انهن سڀنن کي برابر رکندئو نه ته توهان لاءِ هڪ ئي شادي ڪافي آهي . اڄ معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته اسلام جا دعويدار پنهنجي نياڻين ، پٽن ۽ زالن سان هڪ جهڙو ورتاءُ هرگز نه ڪري رهيا آهن ، اسلام جي مطابق ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ مرد سڀني گھر وارين کي برابر حق نه ڏئي سگھندا ان لاءِ سڀ کان پهرين برابري ۽ انساني حقن جو درس ڏيڻ گھرجي ، جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ به اهو چيو ويو آهي ته توهان انسانن لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته توهان سڀني گھر وارين ۾ برابري رکي سگھو باقي جيتري قدر حضرت محمد ﷺ جي شادين جو سوال آهي ته اسان کي نبي پاڪ ﷺ سان ڀيٽڻ نه گھرجي.
ٻي شادي جي اجازت وٺڻ اخلاقي طور فرض هئڻ گھرجي ڇو ته جيڪڏهن ڪو به مرد بنا اجازت جي ٻي شادي ڪري ٿو ته هو ٻنهي گھر وارين جي وچ ۾ برابري ڪيئن رکندو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان شايد اهو وسري ويو آهي ته اسلام عوررت جو تحفظ ڪرڻ وارو مذهب آهي قرآن پاڪ ۾ به عوررت جي حق ، برابري ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جڏهن ته عورت کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ به چيو ويو آهي . اڄ ڪو به مرد اها دعوى نه ٿو ڪري سگھي ته هو پنهنجي گھر واري سان عدل ۽ انصاف ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي کانپوءِ هو برابري وارو سلوڪ رکندو ، جڏهن ته ڪا به عوررت اها ڳالهه برداشت نه ڪندي ته ان جو مڙس ٻي شادي ڪري ڇو ته هن مسلمان معاشري ۾ مرد عورت کي حق نه ڏئي رهيا آهن ته پوءِ ٻي شادي کانپوءِ ان جو تحفظ ڪير ڪندو . جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو فيصلو پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھي ٿي ته هو ٻي گھر واري کي به عدل ۽ انصاف سان رکندو يا نه جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري سگھندو ته پهرين گھر واري ٻي شادي جي اجازت نه ڏيندي ڪو به مرد 2 يا 4 عورتن ۾ عدل ۽ برابري ڪري سگھي ٿو يا نه ان جو فيصلو ان جي پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھندي . ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جهڙوڪ الجيريا ، مصر ، جوردن ، مورڪو ۽ سائريا ۾ ٻي شادي ڪرڻ تي پابندي آهي جڏهن ته شريعت اجازت ڏني آهي پر اتان جي معاشري ، حالات ، واقعات ۽ اخلاقي قدرن کي ڏسندي پابندي لڳائي وئي آهي .
اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ هڪ ٻي ڳالهه تي به بحث ڪيو ويو آهي ته نڪاح لاءِ ڪا به عمر مقرر نه آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي بالغ ٿيڻ تي رخصتي ڪري سگھجي ٿي ، ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرڻ سان ڇوڪريون ذهني توڙي جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون، ننڍي عمر ۾ ٻار پيدا ڪرڻ سان انهن جي صحت تي برا اثر پون ٿا ، جڏهن ته چائلڊ ميريج يعني ننڍي عمر جون شاديون انساني حقن جي لتاڙ ۾ پڻ شامل آهن ، مذهبي جماعتن کي انساني حقن بابت به سوچڻ گھرجي ۽ اسانجي معاشري تي نظر وجھي اهڙا فيصلا ڪرڻ گھرجن ڇو ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي اجازت ڏني وئي ته اسان جي سماج ۾ نياڻين کي تعليم کان محروم رکي گھرن تائين محدود ڪيو ويندو ۽ ڪنهن جو خوف نه هجڻ جي ڪري جلد شاديون ڪرائڻ وارو رواج عام ٿي ويندو جنهن سان انهن خاندانن توڙي سماج کي نقصان رسندو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي مطابق قانون سازي ڪري رهيو آهي جڏهن ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمرانن جو ڪم آهي جتي اهڙن مسئلن تي بحث مباحثو ڪيو وڃي جنهن بعد اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪليو وڃي باقي ملڪ اندر طالبان جي اچڻ کان پهريان ئي طالبان طرز جي فيصلن کان گريز ڪيو وڃي ۽ اهڙن فيصلن اندر مردن سان گڏ عورتن کي پڻ شامل ڪيو وڃي جڏهن اسلام ۾ مردن ۽ عوررتن کي هجڪهڙا حق حاصل آهن ته پوءِ عورتن کان به ڪا به راءِ وٺڻ ۾ هچڪچاهٽ محسوس ڇو ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي گھرجي ته عوام کي سستو ، بهتر ۽ انصاف وارو عدالتي نظام فراهم ڪري اسلام ۽ روايتن جي نالي تي انساني حقن جي لتاڙ نه ٿيڻ گھرجي.
Monday, 10 March 2014
My column published in #AwamiAwaz 10-03-2014 #Thar #Sindh Mehwish Abbasi
ٿر ۾ آيل ڏڪار ۽ اسانجو ڪردار – مهوش شبير عباسي
دنيا اڄ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي پوءِ به اسين آخر ايترا بي حس ۽ بي خبر ڇو. آهيون جو جيسيتائين ميڊيا تي خبرون نه ٿيون اچن تيسيتائين آرام ۽ سڪون جي ننڊ ستل آهيون. گذريل ٻن مهينن کان ٿرپارڪر ۽ مٺي جي صورتحال ڪنهن کان ڳجھي نه آهي پر تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي ، ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عملدار اهڙن واقعن کان بي خبر رهيا. سندن انتظامن کي جڏهن دنيا آڏو وائکو ڪيو ويو ته ستل همراهه جاڳي پيا ۽ مختلف بيان ڏئي پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا. اهڙي طرح جڏهن سنڌ جي وزير اعلى ۽ سندس وزيرن مشيرن جي ڪنن تائين ٿر جي ماروئڙن جي موت ۽ ڏڪار جا اطلاع پهتا ته انهن به شروعاتي طور ڪن لاٽار ڪندي اڻ وڻندڙ بيان جاري ڪيا پر ميڊيا جي وڌندڙ زور ۽ خبرن کين مجبور ڪري وڌو جنهن بعد ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي، ڊي جي ۽ ٻين عملدارن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ وزير مشير ٿر جي دوري تي نڪري پيا، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي حڪومت ۽ ادارا آخر ايترا لاچار ڇو آهن جو سنڌ جي چند ضلعن اندر ٿيندڙ واقعن کان بي خبر آهن هيٺان کان وٺي مٿي تائين انتظاميا آخر ڇا ڪري رهي آهي؟ يا ته کين اها ڄاڻ نه آهي ته سندن ذميداريون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون آهن! هونئن به ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال هجي يا ٻوڏ توڙي ڏڪار واري صورتحال هجي اهي مڙئي ذميواريون فوج حوالي ڪيون وينديون آهن ، ته پوءِ ٻين ادارن جو ڪردار ڇا ٿو بچي؟ ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪي به اهڙا ماڻهو موجود نه آهن جيڪي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏئي صورتحال تي ضابطو آڻي سگھن يا ته سنڌ حڪومت جو پنهنجن ڪامورن تي اعتماد ناهي جنهن ڪري اهڙن ڪمن جي نگراني فوج حوالي ڪئي وڃي ٿي. افسوس جو مقام آهي جو سنڌ جي ڪجهھ ضلعن ۾ ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي آهي جنهن تي سنڌ حڪومت چئي رهي آهي ته اهو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي اهڙا موت ته لاڙڪاڻي ، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ٿيندا رهندا آهن. جيڪڏهن ٿر جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ناهي ته ميڊيا جي خبرن بعد فوج ۽ ٻين ادارن پاران امدادي ڪارروايون ڇو شروع ڪيون ويون آهن؟
ابتدائي طور تي چند آفيسرن کي معطل ڪرڻ بعد هن وقت سنڌ حڪومت تي سخت دٻاءُ پوڻ بعد آفيسرن کي معطل بدران هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ڇو ته انهن علائقن ۾ مقرر اعلى عملدارن جو تعلق با اثر گھراڻن سان آهي جنهن سبب مٿن شفقت جو هٿ رکيو ويو آهي . هوئن به ڌٺو وڃي ته سنڌ اندر ڪنهن به اعلى عملدار کي معطل ڪرڻ يا هٽائڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ، چند ڏينهن جي ساهي بعد اهي ئي ساڳيا ڪامورا ٻيهر بحال ٿي پنهنجي ڪم کي لڳي ويندا آهن ڇو ته هتي اهڙن مسئلن تي عدليه کان به مٿانهان فيصلا ڪري ڪوتاهين ۽ قتلن ۾ ملوث آفيسرن کي پوسٽنگ ڏني وئي آهي .
ٻئي پاسي نظر ڦيرائجي ته ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار جتي ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن، ماروئڙن جا مور ته مري ويا پر ساڻن گڏ سندن ڍور به سندن ساٿ ڇڏي ويا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا قومپرست ، سردار ، جاگيردار ، ڀوتار ۽ اين جي اوز يڪسر غائب آهن ، سنڌ اندر اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي جيڪي اربن ۽ کربن ۾ کيڏي رهيا آهن پر سندن نظرون معصوم ٿرين تي آيل مصيبت کان اوجھل آهن ، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران امدادي ڪارروايون ته شروع ڪيون ويون آهن پر تڪڙا اپاءَ نه وٺڻ سبب ٿر جي چند شهرن کانسواءِ ٻهراڙين ڏانهن امداد نه پهچي سگھي آهي جنهن لاءِ ٿري ماروئڙا واجھائي رهيا آهن . پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو پاران وزيراعلى کي ٿر وڃي ماروئڙن جي مدد لاءِ ته چيو ويو آهي، پر بلاول ڀٽو اهڙي حالت ۾ ٿر اچڻ جي زحمت نه ڪري رهيو آهي.
فيبروري کان حڪومت ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏنو هيو، ڪڻڪ گودامن ۾ سڙندي رهي پر متاثرن تائين نه پهتي، غفلت سبب ٿر ۾ معصوم ٻارڙا موت، بک ۽ بيمارين جو شڪار ٿيندا رهيا اها صورتحال انتظاميا، حڪومت ۽ پاڻ کي اقتدار جو سڏرائيندڙن جي غفلت سبب پيش آئي آهي، ٿر ۾ اڃ ۽ بک سبب پهريان مور، هرڻ ۽ ٻيا جانور موت جو شڪار ٿيندا رهيا هاڻي صورتحال بدتر ٿي چڪي آهي، پر هاڻي اهو ٿر ان وقت جهڙو ناهي رهيو ۽ موجوده ٿر جي صورتحال ڏسندي ڪنهن کي به ٿر جي تاريخ تي يقين نه ايندو ته ڪنهن وقت ۾ هتي به فصل ٿيندا هئا ، دريا ۽ باغ هوندا هئا ، هن وقت ٿر ۾ مينهن ماڻهن جي گزاري جو سبب بڻيل آهي جڏهن مينهن نه ٿو پوي ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي اتان جي ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪري ، هن وقت 365 رجسٽرڊ ڳوٺ ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ جن جي آبادي لڳ ڀڳ 2 لک خاندانن کان وڌيڪ آهي جيڪي هن وقت سخت متاثر ٿي رهيا آهن جن مان ڪيترن علائقن اندر امدادي ٽيمون هن وقت تائين پهچي نه سگھيون آهن ۽ بيمار ٻارڙن جو تعداد وڌندو پيو وڃي .ڪالهوڪي ڏينهن ۾ مٺي جي اسپتال ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻارڙا علاج لاءِ اسپتال آندا ويا آهن ان کانسواءِ ننڍين ۽ خانگي اسپتالن جا انگ اکر الڳ آهن .
حڪومت ، اين جي اوز ۽ سگھن ادارن کي گھرجي ته اهڙي حالت ۾ ٿر واسين جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. ايتري تائين جو هڪ به متاثر امداد ۽ علاج کان رهي نه سگھي. سنڌ اندر اڇڙي ٿر مان پڻ ساڳئي قسم جا اطلاع ملي رهيا آهن جنهن لاءِ حڪومت ۽ ٻين ادارن کي اڳواٽ قدم کڻي سندن مشڪلاتون ختم ڪرڻ گھرجن ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اڇڙي ٿر ۾ به سخت ڏڪار سبب ماڻهو موت جو شڪار ٿين ان لاءِ ملڪ جي هر علائقي تي نظر رکڻ گھرجي. وقت، حالت، موسمن جي تبديلي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گھرجن نه ڪي ميڊيا يا ٻين ادارن جو انتظار ڪرڻ گھرجي.
Tuesday, 11 February 2014
#Taliban #Nagotiations #Demands #TTP #Pakistan a column by Mehwish Abbasi
طالبان جا مطالبا؟ – مهوش عباسي
اڌ لک کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙ طالبان سان حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا طالبان پاران جوڙيل ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هڪ پاسي اسان کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو احترام سيکاريو وڃي ٿو، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانون جوڙيا ويا آهن ته ٻئي پاسي اهي ئي حڪمران آئين جون ڌڄيون اڏائي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ اندر دهشتگرد ڌرين سان ٺاهه نه ڪيو ويندو آهي. اهڙن عنصرن کي سختي سان چٿيو ويندو آهي پر اسان جي حڪومت چند هزار طالبان اڳيان گوڏا کوڙي چڪي آهي. پاڪستان جنهن جو مڪمل نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي جنهن جو مطلب اسلام جي حدن ۾ رهندي آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ سان گڏ جمهوريت جي پاسداري ڪرڻ آهي.
هن وقت مرڪزي حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن تي پاڪستان سميت پوري دنيا جون نظرون کتل آهن، ان سلسلي جي شروعات طالبان جي 15 مطالبن سان ٿي آهي جنهن ۾ سڀ کان بنيادي ۽ اهم مطالبو پاڪستان مان جمهوري نظام جو خاتمو ۽ ان جي ردو بدل شرعي نظام لاڳو ڪرڻ آهي، ان کان علاوه طالبان جي ساٿاري قيدين ۽ طالبان وٽ يرغمال بڻيلن جي مٽا سٽا شامل آهي، قبائلي علائقن، فاٽا ۽ وزيرستان مان فوج جون چيڪ پوسٽ ختم ڪرڻ ۽ مقرر ڪيل لڳ ڀڳ ڏيڍ لک فوج کي علائقن مان واپس ڪرڻ شامل آهي، طالبان جي اها به شرط آهي ته ملڪ مان ڊرون حملا ختم ڪرايا وڃن ۽ ڊرون حملن جي شهيد ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ان مطالبي ۾ به طالبان جو پنهنجو مفاد نظر اچي رهيو آهي ڇو ته ڊرون حملا صرف طالبان تي ٿي رهيا آهن، ان سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ اسلامي تعليم ڏيڻ به طالبان جي شرط ۾ شامل آهي جيڪڏهن نصاب تي نظر وجھجي ته اسان جي نصاب ۾ پهريان ئي عربي ۽ اسلامي مضمون شامل آهن، طالبان الائي ڪهڙو نصاب شامل ڪرائڻ چاهين ٿا!
طالبان جي مطابق شرعي نظام جي جيڪا تشريح ٿي رهي آهي ان تي عمل ڪرڻ پاڪستان لاءِ انتهائي مشڪل نظر اچي رهيو آهي ڇو ته اڄ دنيا هڪ گلوبل وليج ٿي چڪي آهي پاڪستان به ان جو حصو آهي جتي عورتن ۽ مردن کي برابر حق حاصل آهن جڏهن ته طالبان عورتن جا حق محدود ڪري عورتن کي تعليم، ووٽ، ڪاروبار ۽ اظهار جي آزادي کان محروم رکڻ چاهين ٿا جنهن جو درس ته اسلام به نه ڏنو آهي. اسلام عورت ۽ مرد کي برابر حق ڏنا آهن ته پوءِ اهڙي هٿ ٺوڪئي نصاب ۽ نظام جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
جيڪڏهن اسان پنهنجي روز مره جي زندگي کي ڏسون ته اڄ اسان جي هر شي هر ڪم اسلامي نظام جي ابتڙ ٿي چڪو آهي ڇو ته سڀ کان پهرين اهو ڏسجي ته اسلام ڪنهن بيگناهه انسان جي قتل کي ڪيئن ٿو ڏسي، حڪومت جنهن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي اهي ڪيترن ئي معصومن جا قاتل آهن سندن هٿ بيگناهه انسانن جي خون سان رڱيل آهن جن کي اسلام به معاف نه ٿو ڪري بلڪه انهن لاءِ درد ناڪ عذاب جا اشارا موجود آهن، اهڙن ڏوهاري قيدين کي آزاد ڪرڻ هڪ غلط عمل آهي جيڪڏهن اڄ طالبان سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا مڃي سندن قيدين کي آزاد ڪيو ويندو ته ڇا سڀاڻي هر ڏوهاري کي اهڙي ڇوٽ ڏني ويندي ان سڀ عمل ۾ حڪومت جي سخت ناڪامي نظر اچي رهي آهي، جنهن شريعت جي ڳالهه طالبان ڪري رهيا آهن ان مطابق ملڪ ۽ نظام ڪيئن هلندو؟ پاڪستان جو نظام، تعليمي ادارا، بئنڪن جو نظام، قانون سازي، عدالتون انهن سڀنن تي ڪيستائين ۽ ڪهڙي طرح پابندي لڳائي ويندي انهن نظامن کي مڪمل طور اسلامي ڪرڻ انتهائي مشڪل عمل آهي جنهن سان ملڪ کي نقصان رسندو ۽ اسان جي ترقي جو عمل رڪجي ويندو، طالبان شرعي نظام لاڳو ڪري ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي پابندي لڳائيندا، سياسي دولت، ڪاروبار ۾ ملاوٽ تي پابندي، ڪوڙ ڳالهائڻ تي پابندي، ذخيره اندوزي تي پابندي، مافيا تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي ! شريعت جو نفاذ ڪٿي ڪٿي ڪيو ويندو، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سڀ عمل درست نه آهن پر اسان هر طرف کان ان ۾ گھيريل آهيون جنهن جو خاتمو فوري طور ممڪن نه آهي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اهي سڀ قانون طالبان پنهنجن مخصوص علائقن ۾ ممڪن بڻائي سگھيا آهن جنهن جو جواب نه ۾ ايندو جيڪڏهن ڪجهه ڪري سگھيا آهن ته تعليمي ادارا بند ڪرائي عورتن کي ووٽ کان محروم رکي مٿن تشدد ڪري گھرن تائين محدود ڪري سگھيا آهن سندن اهڙي عمل سان انهن علائقن اندر ترقي جو عمل تيزي سان رڪجي ويو آهي ۽ دنيا اندر پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي اسلامي قانون زبردستي لاڳو ڪرڻ سان ماڻهن جي دلين تي حڪمراني نه ٿي ڪري سگھجي.
حڪومتي ڪاميٽي کي هر ڳالهه کي نظر ۾ رکي طالبان سان ڳالهين جو مرحلو اڳتي وڌائڻ گھرجي ان سان گڏ اهو به نظر ۾ رکڻ گھرجي ته ڪهڙا مطالبا قابل قبول آهن ۽ ڪيتري قدر انهن تي عمل ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن ڪجهه ڳالهيون پاڪستان جو عوام برداشت ڪري ٿو ته طالبان کي به ڪنهن حد تائين اسان جون ڳالهيون مڃڻ گھرجن، سندن قيدين کي عدالتن جو احترام ڪندي عدالتي فيصلن کي مڃڻ گھرجي، اهڙي قسم جا معاهدا پهريان به ٿي چڪا آهن هن وقت غور طلب ڳالهه اها آهي ته طالبان ۽ حڪمرانن طرفان ڪيتري قدر عمل ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن ملڪ ۾ امن واري صورتحال قائم به ٿي وڃي ٿي ته اها ڪيتري عرصي تائين هلندي ڇو ته امن جي وصف ئي آهي ٻن جنگي صورتحالن جي وچ وارو وقفو هاڻي ڏسجي ته اهو وقفو ننڍو آهي يا ڊگھو. شريعت جو رستو اهو بلڪل نه آهي ته توهان جهاد جي نالي تي روڊن رستن، مسجدن، گرجا گھرن، اسپتالن توڙي اسڪولن ۾ بم ڌماڪا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائين ان لاءِ حڪومت کي سوچي سمجھي ڳالهيون ڪرڻ گھرجن ڪِٿي ايئن نه ٿئي جو اسين طالبان جا ناجائز مطالبا مڃي پٿر جي دور ۾ واپس هليا وڃون .
Saturday, 1 February 2014
My column published in daily @SindhGlobe 01 feb 2014 #SINDH #Pakistan
مهوش عباسي
سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جو ذميوار ڪير آهي؟
سنڌ ڌرتي جيڪا پنهنجي پنج هزار سال قديم تاريخ، ٻولي، مهمان نوازي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. ان تي ڪيترائي ڀيرا ڌارين جا وار، غيرن جون يلغارون ۽ ڪاهون ٿي چڪيون آهن، تنهن هوندي به اڄ تائين سنڌ ڌرتي پنهنجو وجود قائم رکندي آئي آهي، جنهن جو سبب سنڌ جا بهادر ۽ بي خوف سپوت آهن، جن وقت سر پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهندا. هندو برادري به سنڌ جو حصو آهي، هند ۽ سنڌ جي ڌار ٿيڻ سان هندوستان ۽ سنڌ ۾ موجود سنڌي هندن کي انتهائي صدمو رسيو پر سنڌ ۾ موجود سنڌين هندن کي ڀائرن جيان سنڌ ۾ رهايو ۽ سندن ڏک سک جا ساٿي رهيا. اڄ به جڏهن ڪنهن به سنڌي هندو کي ڪا به تڪليف يا پريشاني ٿئي ٿي ته اسان جي دلين ۾ انهن لاءِ همدردي، احساس ۽ ڏک پيدا ٿئي ٿو. ڪڏهن ته هندو برادري کي ايترو ته مجبور ڪيو وڃي ٿو جو هو پنهنجا گھر پنهنجي ڌرتي ڇڏي هندوستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، هندو برادري جي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ، سندن نياڻين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ جهڙا افسوسناڪ واقعا پيش ايندا رهن ٿا، انهن واقعن جا ذميوار انتهاپسند ۽ ننڍي سوچ رکڻ وارا ماڻهو آهن. سنڌ اندر هندو برادري غير محفوظ بڻيل آهي، تازو ٿيل عمرڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنري ۾ هندو ناري کي وحشين پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو کيس ۽ سندس پٽ روپ چند ڪولهي کي نشو پياري هندو ناري سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي. سندس پٽ نشو ملڻ سبب فوت ٿي ويو، روح ڏڪائيندڙ هي پهريون واقعو نه آهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا، جيڪي نه ئي رپورٽ ٿين ٿا نه وري منظر تي اچن ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو واقعو منظر تي اچي به ٿو ته ان جا جوابدار گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن، ڇو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدار طاقتور هوندا آهن، جيڪي اهڙن ماڻهن جا پوئلڳ هوندا آهن، جن جي خلاف ڳالهائڻ يا ڪارروائي ڪرڻ پاڻ مارائڻ برابر هوندو آهي. سڀ واقعا ڏاڍا افسوسناڪ آهن، پوءِ هو سنڌ ۾ موجود هندو برادري سان ٿيندا هجن. سنڌ ڌرتي سان ويساهه گھاتيون هجن يا وري ڌرتي جي معصوم ماروئڙن سان زيادتيون هجن، سرڪاري توڙي سماجي طرح هر کاتي ۾ سنڌي ماڻهن سان ظلم ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ ذوالفقار آباد شهر جون ڳالهيون ڪري سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن وري سنڌي نوجوانن جي ڪراچي شهر جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي ٿي، ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم جي انتها ٿي وڃي ٿي. تعليم لاءِ واجھائيندڙ، نوڪرين ۽ پگھارون نه ملڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس طرفان شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي وڃي ٿي، اهڙن واقعن ۽ ڪيترن ئي پرامن احتجاجن ۾ سنڌي مرد توڙي ناريون سخت زخمي ۽ فوت پڻ ٿيا آهن، دل روئيندي آهي ۽ چوندي آهي ته اهڙي واقعن جو نشانو بڻيل هر ماڻهو جي گھر وڃجي ۽ ان جي داد رسائي ڪجي، انهن کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيڻ ڏجي ته اهي اڪيلا آهن، اهڙي ڌرتي جتي ٻارن جا هٿ مزدوري يا پنڻ لاءِ نه هجن، ٻارن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجن، سنڌ ۾ موجود هر ڇوڪرو توڙي ڇوڪري تعليم يافته هجي، غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندڙ عوام غربت مان نڪتل هجي، برابري هجي ۽ آزاد سوچ هجي. جيڪڏهن اهو سڀ ممڪن ٿيندو ته سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ حملن ۽ ڌارين جي يلغارن کان آجپو ملندو ۽ نشانو بڻيل هندو برادري توڙي سنڌ جو عوام سک جو ساهه کڻندو. سنڌ ۾ موجود عام عوام غريب آهي، غريبي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ موجود سياسي پارٽيون توڙي ڪيترائي ادارا ۽ اين جي اوز ان تي ڪم به ڪري رهيا آهن پر حقيقي طور تي عمل ٿيندي ۽ ڪاميابي ملندي نظر نه اچي رهي آهي، سياسي پارٽيون سنڌي عوام جو استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه ٿيون ڄاڻين. هر دفعي ڪا نه ڪا نئين پاليسي ڪو نئون ايجنڊا ٺاهي، عوام کي سبزباغ ڏيکاري گمراهه ڪيو ويندو رهيو آهي، هر دفعي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ووٽ بئنڪ حاصل ڪري اليڪشن کٽي وڃي ٿي، هن وقت بلاول ڀٽو زرداري سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جيڪو سنڌ فيسٽيول جي نالي تي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سنڌ جي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي ڳالهيون هن وقت ياد ڪيون ويون آهن، جڏهن مڪاني چونڊون مٿي تي آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ساک ملڪ مان ختم ٿي رهي آهي، پ پ پنج سال حڪومتي دور ۾ سنڌ سان جيڪي ويساهه گھاتيون ڪيون ۽ رات جي انڌيري ۾ جيڪي سنڌ مخالف بل پاس ڪرايا، سنڌ جو عوام انهن کي ڪڏهن نه ٿو وساري سگھي. ڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي وار ته ڪڏهن وري مڪاني نظام جي ذريعي ڪارو نظام مڙهڻ جون تياريون ڪيون ويون، ان وقت به ڌرتي ڌڻين سنڌ تي وار برداشت نه ڪيو ۽ هڪ ٿي آواز اٿاريو. سنڌ جي نمائندا سڏائيندڙ پارٽي جي اڄ به سنڌ ۾ حڪومت آهي ۽ سنڌي ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر غلط فهمي ۾ مبتلا آهن، پنهنجي پنج سالا حڪومتي دور دوران پيپلز پارٽي سنڌ ۾ انقلاب آڻي نه سگھي، سنڌ جي عوام کي ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ سان محبت ۽ جمهوريت جون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ سنڌ کي کپائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ان لاءِ ٻيهر اعتبار ڪرڻ کان پهريان انهن کان پڇاڻو ضرور ڪرڻ گھرجي، ڏسڻو هي آهي ته ڇا هو هن وقت سنڌ سان سچائي رکن ٿا ؟ ۽ واقعي ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت لاءِ قدم کڻي رهيا آهن يا پنهنجو ووٽ بئنڪ ٻيهر وڌائڻ ۽ سنڌي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ ٽوپي ڊرامو ڪري رهيا آهن . هن ترقي يافته دور ۾ جيڪڏهن اڄ به سنڌ جو عام عوام ۽ ٻهراڙي پوئتي آهي ته ان جا ذميواري عوام کي غلام سمجھندڙ رياست ۽ سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتون آهن، ان سان گڏ ان جو سبب وڏيرا ۽ جاگيردار آهن. يعني حڪمران طبقو، طاقتور طبقو، سماج ۾ هميشه کان ڏاڍو اهو ئي رهيو آهي جيڪو طاقتور هوندو آهي. پوءِ اهو طاقتور ذهنيت ۾ هجي يا ملڪيت ۾. سنڌي عوام کي نظر انداز ڪرڻ سبب ڪٿي سنڌ جي ترقي ۽ تعليم هزارين سال پوئتي نه ٿي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي سڄاڳ ٿيڻ گھرجي ۽ سنڌ جي بقا ۽ وجود لاءِ حقيقي جدوجهد ڪرڻ گھرجي.
-
Subscribe to:
Posts (Atom)


