Sunday, 10 November 2013

A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 10-11-2013 #Technology its advantages and disadvantages


A column by MEHWISH ABBASI About advantages and disadvantages of #Technology in daily awwami awaz 10-11-2013


جديد ٽئڪنالاجي جون خوبيون ۽ خاميون

مهوش عباسي

ڪو وقت هوندو هو جڏهن اسانجي معاشري ۾ قديم شين جو استعمال عام بڻيل هو جيئن خط لکڻ لاءِ قلم ۽ مس جو استعمال، ان کي موڪلڻ لاءِ پوسٽ جو استعمال، پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه جو استعمال، ڪڻڪ ۽ چانور پيهڻ لاءِ جنڊ جو استعمال، اسڪولن ۾ پٽي ۽ سليٽن جو استعمال پر جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي اهي شيون نظرن مان غائب ٿي رهيون آهن ۽ انهن جي جڳهه سائنسي ٽئڪنالاجي والاري آهي، ڇو ته اڄ سائنس ايتري ترقي ڪري رهي آهي جو اهڙين شين کي اڄ جي سائنسي ۽ ٽئڪنالاجي جي دور ۾ استعمال ڪرڻ کي وقت جو زيان ۽ اهڙي ماڻهو کي چريو ۽ پراڻي دور جو سمجھيو وڃي ٿو.

ٽئڪنالاجي جو مطلب آهي ڄاڻ ۽ علم جي ذريعي اوزارن ۽ مشينن جو استعمال ڪندي ڪنهن به اداري يا سسٽم ۾ ڪا به اهڙي تخليق ڪرڻ جنهن سان مشڪل ڪم آسان ٿي سگھن ۽ نئين تخليقن ذريعي ڪائنات ۽ دنيا جي لڪل معلومات حاصل ٿي سگهي. اسان هر پاسي کان سائنسي تخليقن ۽ ٽئڪنالاجي سان گھيريل آهيون، رڌڻي کان وٺي آفيس جي ڪمري تائين هر طرف ٽئڪنالاجي آهي، شهر جي روڊن رستن کان اسڪولن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ، فيڪٽرين توڙي مختلف ڪمپنين ۾ ڪو به ڪم ٽئڪنالاجي کان بغير ممڪن نه آهي پوءِ مشينن جو استعمال هجي، ڪمپيوٽر جو استعمال يا وري انٽرنيٽ جو استعمال اهي سڀ اسان جو معمول بڻجي چڪا آهن.

انٽرنيٽ اڄ جي دور جي سڀ کان اهم ترين ٽئڪنالاجي سمجھي وڃي ٿي جنهن جي ذريعي اسان پوري دنيا سان رابطي ۾ رهون ٿا ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف ويب سائيٽس جي استعمال سبب ڪا به معلومات، خبر هڪ ٻئي تائين سيڪنڊن ۾ پهچائي سگھون ٿا، هڪ سسٽم تي ويهي پوري دنيا کي ڏسي، سمجھي سگھجي ٿو، ڪائنات جي تخليقن کي سمجھڻ لاءِ سائنسدانن ڪائنات ۾ پنهنجيون ٺاهيل مشينون ڇڏيون آهن جيڪي آسمان تي موجود آهن ۽ موسم سميت مختلف معلومات زمين تي پهچائي رهيون آهن . دنيا اندر روبوٽ ٺاهيا پيا وڃن جنهن سبب فيڪٽرين يا ڪنهن به اداري ۾ سئو ماڻهن جو ڪم هڪ روبوٽ ڪري سگھي ٿو، اهڙي طرح اسان ٽئڪنالاجي جا فائدا ڏسون ته اڻ کٽ آهن، ڪيتريون ئي اسان کي ٽئڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي.

پر هڪ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن جتي سهولتون آهن اتي نقصان به آهن جن سبب ايئن لڳي رهيو آهي تي ٽئڪنالاجي ماحول ۾ موجود قدرتي خوبصورتي کي ختم ڪري رهي آهي جتي سائنسدانن 100 سالن تائين ٽئڪنالاجي جي واڌاري لاءِ قدرت جي قرباني ڏني، هاڻي اهو سوچي رهيا آهن ته ان قدرتي نظام کي ڪيئن ٻيهر درست ڪجي جيڪو ناممڪن آهي، ٽئڪنالاجي لاءِ جبلن کي ختم ڪيو ويو، ٻيلن کي باهيون ڏئي ساڙيو ۽ ڪٽيو ويو، وڏا وڏا سولر سسٽم، انڊسٽريون لڳايون ويون جن سبب ماحول ۾ ايتري ته گدلاڻ وڌي وئي جو (ozone layer) جيڪا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ تحفظ ڪرڻ واري ديوار آهي اها ٽٽڻ لڳي آهي جنهن ۾ وڏا خال پئجي چڪا آهن جنهن سبب اها ديوار سج جا شعاءَ روڪي نه ٿي سگھي ۽ دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ سان گڏ ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، ان سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيزابي برسات پڻ ٿي رهي آهي جنهن جي نقصانن ۾ چمڙي جو ڪينسر، ساهه جون بيماريون، جاندارن جو ان تيزابي پاڻي سبب انڌو ٿيڻ سر فهرست آهن ۽ اها برسات قديمي عمارتن توڙي نين عمارتن کي پڻ تباهه ڪري ٿي، ان ديوار ۾ خال پوڻ سبب سيارو گھٽ ۽ گرمي جي موسم وڌيڪ عرصو هلي رهي آهي.

ٽئڪنالاجي ماڻهن کي ايترو ته مصروف ڪري ڇڏيو آهي جو هڪ گھر ۾ ويٺل گھر ڀاتي هڪ ٻئي کان حال احوال به نه ٿا وٺن، والدين اولاد کان نه ٿا پڇن ته اڄ هو اسڪول ۾ ڇا پڙهي آيو، اولاد والدين کان طبعيت تائين نه ٿو پڇي. سائنسدانن هڪ تحقيق موجب اهو ثابت ڪيو آهي ته ٽئڪنالاجي ۽ موبائل فون جي گھڻي استعمال سبب ماحول ۾ موجود ماکي جون مکيون انهن شعائن سبب مري رهيون آهن جيڪڏهن اهو سڀ ايئن جاري رهيو ته هڪ اهو وقت ايندو جڏهن دنيا جون سڀ ماکيءَ جون مکيون ختم ٿي وينديون ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ انسان مري ويندا.

ٽئنڪنالاجي انسانن کي ايتريون ته سهولتون فراهم ڪيون آهن جو انسان سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڇڏي ڏني آهي جنهن سبب انسان ذهني توڙي جسماني بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا، اڄ جا نوجوان فيس بڪ، وائبر، اسڪائپ ۽ ٽوئٽر جو ايترو ته استعمال ڪري رهيا آهن جو انهن کي راندين يا ٻين مشغلن سميت پڙهائي جو ڀرپور وقت نه ٿو ملي، نوجوان گھر کان ٻاهر وڃي دوستن سان گڏجاڻيون نه ڪري رهيا آهن ڇو ته ٽئڪنالاجي جي ذريعي هو گھر ويٺي هڪ ٻئي سان ڳالهائي ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي سگھن ٿا جنهن سبب انهن ۾ سامهون ويهي ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ جي صلاحيت گھٽ ٿي رهي آهي. ٽئڪنالاجي جي ذريعي هٿرادو ٻج، هٿرادو ڀاڄيون ۽ جانور پيدا ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب بيماريون وڌي رهيون آهن ، پر ان سڀ جي باوجود اسان ٽئڪنالاجي مان جان آجي نه ٿا ڪرائي سگھون ڇو ته اڄ جي دور ۾ ان کان سوا اسان جو جيئڻ ڄڻ ته نا ممڪن آهي. اڄ جي 10 سال جي ٻار کي 60 سال جي عمر واري ماڻهو سان ڀيٽائجي ته ڄڻ هو اڄ جي دور جي مناسبت سان اڃان پيدا، ٿيو آهي.

اسان جي اها ڪوتاهي رهي آهي ته جڏهن به اسان وٽ ڪا به نئين تخليق اچي ٿي ته ان کي قبول ڪرڻ بجاءِ ان شي جو غلط تاثر رکون ٿا، جيئن لائوڊ اسپيڪر آيا ته مولوين فتوي جاري ڪئي ته ان جو استعمال ڏوهه آهي، جڏهن ته هاڻي مسجدن ۾ آذان ۽ خطبا لائوڊ اسپيڪرن تي ڏئي رهيا آهن ، ڪيمرا آيا ته تصويرون ڪڍرائڻ واري عمل کي غلط چيو ويو هن وقت ڪو به انسان بغير تصوير ڪڍرائڻ جي حج يا عمري تي نه ٿو وڃي سگھي، ڪوڙ ڳالهائڻ ڏوهه آهي مولوين کي سال لڳي ويا ته انسان ڪوڙ نه ڳالهائن پر سائنس اهڙي تخليق ڪئي جو ڪو به انسان ڪوڙ ڳالهائيندو ته هڪ سيڪنڊ ۾ خبر پئجي ويندي، جڏهن ٽيليويزن جو وقت آيو ته مولوين فتوي جاري ڪئي ۽ ان کي حرام چيو پر هاڻي ٽي وي ڏسجي ته اسانکي پاڪستان جا گھٽ ۾ گھٽ 10 اسلامي چينل ته ضرور ملندا، ٽي وي تي اسانجا عالم سڳورا پنهنجي ڳالهه ، پيغام يا تبليغ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

ٽئڪنالاجي ايتري ته ترقي ڪري چڪي آهي جو هاڻي مستقبل ڏسڻ جون مشينون ٺاهيون پيون وڃن ان کان علاوه ليزر سسٽم کي ايترو ته وسيع ڪيو پيو وڃي جو گھمندي ڦرندي، ڪم ڪندي ڪٿي به اسان بغير ڪنهن ڪمپيوٽر جي اخبار، رسالا، ڪتاب پڙهي سگھون ٿا. اڃان ته اها شروعات آهي لڳي ايئن رهيو آهي ته ايندڙ 100 سالن ۾ انسان صرف پاڳل پڻ جو هجوم بڻجي ويندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن شي جي اهميت هوندي ته اها انسان کان وڌيڪ ٽئڪنالاجي جي هوندي.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائنس اسانجي مشڪلاتن کي آسان ڪيو آهي، اسانکي پوري دنيا سان ڳنڍيو آهي، هر ڪم آسان بڻايو آهي، ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ٽئڪنالاجي جي مدد سان ئي ٿي سگھي ٿو پر اسان کي ٽئڪنالاجي تي ايترو دارومدار نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته اهڙي عمل سان انسان پنهنجيون صلاحيتون وڃائي ويهندو ۽ جديد ٽئڪنالاجي جو محتاج ٿي پوندو، ان جي هر وقت جي استعمال سبب ڪٿي اسان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي گھر وارن کي وساري نه ويهون، پنهنجي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏيون ، جيڪڏهن اسان کي ٽئڪنالاجي مان فائدو وٺڻو ئي آهي ته اسان کي اهڙيون شيون ايجاد ڪرڻ گھرجن جيڪي ماحول جي گدلاڻ کي روڪي سگھن، جن جي استعمال جي ذريعي قدرت سان جنگ ڪرڻ بجاءِ برائيءَ سان جنگ ڪيون، دنيا ۾ پئٽرول ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽئڪنالاجي جي ضرورت آهي، دنيا اندر سولر سسٽم ۽ وڻن ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي ٽئڪنالاجيون عام آهن پر پاڪستان ۾ اهي فراهم نه آهن جن کي پاڪستان ۾ آڻڻ جي به ضرورت آهي، ڪنهن بهتر تخليق کي تنقيدي نظر کان ڏسڻ بدران ان کي قبول ڪرڻ ئي بهتر آهي پر ان تي مڪمل طور دارومدار رکڻ سراسر غلط آهي، اميد ته سائنس ۾ بهتر نموني سان مثبت تخليقون ٿينديون جن جي ذريعي دنيا ۾ موجود انسان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائيندا ۽ پنهنجي ڪم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتن کي ڪڏهن به گھٽ ٿيڻ نه ڏيندا.

Sunday, 3 November 2013

@MehwishAbbasi Column in Daily awami awaz 3-11-2013 (#Drone on #HakimullahMehsud is Drone on #Pakistan #TTP Talk)


حڪيم الله محسود تي يا پاڪ طالبان ڳالهين تي ڊرون حملو !

مهوش شبير عباسي

ڇنڇر جي ڏينهن جيڪا سڀ کان وڏي خبر پاڪستاني ميڊيا تي نظر آئي اها تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراه حڪيم الله محسود جي آمريڪي ڊرون حملي ۾ 5 ساٿين سميت مارجڻ واري خبر هئي. آمريڪا سندس سر جي قيمت 50 لک ڊالر مقرر ڪئي هئي، درِ خيل ۾ هڪ گھر مٿان ٻه ميزائل حملا ڪري کين ماريو ويو ، جنهن کانپوءِ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هڪ نئين صورتحال نظر اچي رهي آهي. جنهن جنهن ملڪ ۾ طالبان جا گروه سرگرم آهن، اهي ان ڳالهه کي وٺي پريشان آهن ته هاڻي انهن جي ملڪ ۾ طالبان جو ڪهڙو رد عمل هوندو، سڀ کان ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال پاڪستان ۾ نظر اچي رهي آهي. جنهن وقت حڪيم الله محسود تي ڊرون حملو ڪيو ويو، ان وقت تحريڪ طالبان جو وفد پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت گڏجاڻي ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻئي ڏينهن تي پاڪستان طرفان 3 رڪني وفد کي طالبان سان ڳالهين جي عمل کي شروع ڪرڻ لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان ڏانهن روانو ٿيڻو هو، ان حملي بعد تحريڪ طالبان پاڪستان جو چوڻ آهي ته حڪيم الله محسود جو خون رائگان نه ويندو ۽ هو ان ڳالهه جو بدلو وٺندا.

طالبان پنهنجي حڪومت جي شروعات افغانستان کان ڪئي سال 1995ع ۾ جڏهن انهن افغانستان تي حملو ڪيو ۽ فتح حاصل ڪئي، تنهن کانپوءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ طالبان ڦهلجي ويا ، پاڪستان اندر تحريڪ طالبان پاڪستان قائم ڪئي وئي جيڪا مشرف جي دور ۾ وڌي وئي. مشرف جي دور ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراه بيت الله محسود رهيو جيڪو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ڄاڻايو ويو، بيت الله محسود 2009ع ۾ هڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو جنهن کانپوءِ 20 آگسٽ 2009ع تي حڪيم الله محسود کي تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراه منعقد ڪيو ويو، حڪيم الله محسود جو ٻيو نالو ذوالفقار محسود هو . حڪيم الله محسود پاڪستان اندر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيو ان ملڪ ۾ ڪيترائي خود ڪش حملا پڻ ڪرايا ، حڪيم الله محسود کي پاڪستان اندر طالبان جو بي رحم ويڙهاڪ سمجھيو ويندو هو ۽ هو گهڻي حد تائين پاڪستان سان ڳالهين جو حامي نه هو، آمريڪي مفادن کي به حڪيم الله محسود نشانو بڻايو، 20 ڊسمبر 2009ع ۾ هڪ خود ڪش حملي ۾ سي آءِ اي جا 7 ايجنٽ ماريا ويا جيڪي پڻ حڪيم الله محسود جي سربراهي ۾ ماريا ويا.

هاڻي جڏهن حڪيم الله محسود مارجي چڪو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان، مجلس شوريٰ جو اجلاس گھرايو ويو آهي، طالبان ڌڙن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ تحريڪ طالبان پنهنجي نئين سربراه جي چونڊ پڻ ڪئي وئي، جنهن اجلاس ۾ شريڪ 60 ميمبرن مان 43 ميمبرن خان سيد سجنا جي نالي تي اتفاق ڪندي کيس ووٽ ڏنا، خان سيد سجنا حڪيم الله محسود جو قريبي ساٿي ۽ دوست رهي چڪو آهي جيڪيو پڻ پاڪستان سان ڳالهين جو حامي آهي پر ڏسجي ته، آهي ته هو به هڪ دهشتگرد ۽ دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجن مفادن ۽ مطالبن خاطر انسانن تي رحم نه ڪندا آهن.

جنهن وقت پاڪستان جو وزير اعظم نواز شريف آمريڪي دوري لاءِ روانو ٿيو هو، ان وقت پشاور اندر چرچ تي حملو ڪيو ويو، جنهن تي نواز شريف آمريڪا اندر طالبان خلاف اڻ وڻندڙ بيان جاري ڪيا، جنهن مان لڳي ايئن رهيو هو ته پاڪستاني حڪومت جا ملڪ خلاف رويا تبديل ٿي چڪا آهن .

هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي هلچل پيدا ٿي چڪي آهي ، نظر ايئن اچي رهيو آهي ته آمريڪي ڊرون حملو پاڪستان ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، ڳالهين جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، طالبان جو پاڪستان ۾ رد عمل انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. طالبان تي حملو آمريڪا ڪيو پر طالبان آمريڪا کي نقصان نه ٿا پهچائي سگھن، جنهن جو بدلو هو پاڪستان کان ئي وٺندا ۽ پاڪستان اندر قتل و غارت واري صورتحال ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، پاڪستان جي معاملن ۾ غير ملڪي قوتن جي مداخلت ملڪ جو امن امان خراب ڪري رهي آهي، غير ملڪي قوتون ڪڏهن به نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان واري صورتحال پيدا ٿئي، جنهن سبب هو ملڪ ۾ حملا ڪرائي صورتحال کي وڌيڪ بگاڙي رهيا آهن ، هن وقت جڏهن طالبان جو سربراه مارجي چڪو آهي ته ملڪ جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهي آهي ، ملڪ اندر ڪيترن ئي علائقن ۾ طالبان طرفان ٿيندڙ امڪاني ڪاررواين کي روڪڻ ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته طالبان جي رد عمل سبب پاڪستان کي ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جا لاش کڻڻا پوندا، پاڪستان جي صورتحال بگڙجي وئي ته پوءِ ان کي ملڪي توڙي بيروني طاقتون شايد روڪي ئي نه سگھن، جڏهن ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان حملا ڪري شهرين ۽ سڪيورٽي عملن کي ماريو پيو وڃي، جيڪو حڪومت لاءِ پڻ پريشان ڪندڙ مرحلو آهي.

پاڪستان اندر ڏوه ۽ دهشتگردي واري صورتحال گذريل سالن ۾ گهڻي وڌي چڪي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جنگ واري صورتحال ۾ نظر اچي رهيو آهي. دهشتگرد حملا پاڪستان ۾ معمول بڻجي چڪا آهن ، بيگناه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي ، اسڪولن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ملڪ جا روڊ رستا، جيل ۽ حساس ادارا تباه ڪيا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ طالبان جي سربراه تي حملو ڄڻ پاڪستان جي عوام جي جانين ۽ امن جي ڳالهين لاءِ خطرو آهي . ملڪ جي حڪمرانن عوام کي واعدن ۽ دعوائن کان علاوه ڪجھه به نه ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪجھه ڏنو آهي ته جمهوري دور ۾ 100 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ۽ هزارين بيگناه ماڻهن جا لاش ڏنا آهن. ملڪ جي جيڪا اڄ صورتحال آهي 10 سال اڳ ان کان بهتر هئي ، طالبان جا 30 کان 35 گروه سرگرم ٿي چڪا آهن، جن کي ڪراچي ۽ پنجاب مان سپورٽ ملي رهي آهي. ملڪ کي ڪمزوري مان ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪا به ٻاهرين طاقت ملڪ ۾ داخل ٿي ملڪي مامرن ۾ مداخلت نه ڪري سگھي، جڏهن ته حڪومت جي اها اولين زميداري آهي ته ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائي ۽ پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري

a cloumn on #Drone attack #Hakeemullah Awami Awaz - عوامي آواز 3-11-2013 by Mehwish ABBASI


Friday, 1 November 2013

Recieving Sindh rani award 2013 For best column writer


Missing persons and responsbility of government Column By Mehwish ABBASI #ppp #MQM #Baloachistan #Pakistan #Sindh #PTI #PMLN

گم ٿيل ماڻهو ۽ رياست جي ذميداري

مهوش عباسي

پاڪستان ۾ missing جي معني لاپتا آهي پر مشهور ويب سائيٽ Wikipedia ۽ انسائيڪلو پيڊيا موجب پاڪستان ۾ missingجو مطلب زوري لاپتا ڪرڻ آهي ،اسانجي ملڪ اندرانساني حقن جي لتاڙ ڪيتري عرصي کان جاري آهي ان ۾ تيزي آمر حڪمران جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ٿي ، ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ سنڌي بلوچ اڳواڻ ۽ قومپرست ڪارڪن وڏي تعداد ۾ گم ٿيڻ شروع ٿيا ، آمريڪي ”وار ان ٽيرر “ ۾ پاڪستان کي ڌڪڻ لان پوءِ ڊڪٽيٽر مشرف آمريڪا کي گھربل جهادي لا پتا بڻايا ۽ کين ڊالرن عيوض آمريڪا ۾ وڪرو ڪيو جيڪو مختلف وقتن تي ايئن به چوندو هو ته گم ٿيل ماڻهو پنهنجي مرضي تحت افغانستان ۾ جهاد ۾ حصو وٺڻ ويا آهن جن کي گم ڪرڻ جا الزام اسان مٿان مڙهيا پيا وڃن . انساني حقن جي ڪميشن سندس اهڙن بيانن جي مذمت ڪئي ۽ کائنس پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪجھه مذهبي ماڻهو افغانستان ۽ ٻين علائقن اندر جهاد خاطر وڃي سگھن ٿا پر بلوچ ۽ سنڌي قومپرست ڪارڪن آخر پاڻمرادو گم ڇو ٿيا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهڙن قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪيو ۽ مسئلن جي جڙ ايف سي کي ڪوٺيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان بلوچن سان جيڪا واعدا ڪيا ان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو مسئلو حل ڪري نه سگھيو آهي ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب بلوچستان جي ڪجھ علائقن اندر حڪومتي رٽ نه هئڻ بابت پڻ آگاه ڪيو ، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوئٽا کان ڪراچي تائين بلوچ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ڪيو ويو آهي جن اڳوڻي ۽ موجوده حڪمرانن تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته بلوچستان جي بيگناهه ماڻهن کي ماريو ، اڇليو ۽ گم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته هن وقت گم ٿيل ماڻهن جو مامرو انتهائي گنڀير ٿي چڪو آهي ڪيترن ئي وارثن کي خبر به نه آهي ته ته سندن پيارا ڪٿي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪنهن وٽ آهن، گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اها ذميداري حڪومتي ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي مامري کي ترت حل ڪن، ملڪ جي اعلي عدالت پڻ ان مامري تي پڻ ڪيترا ڀيرا تحرڪ وٺي ملوث ادارن کي سخت تنبيهه ڪندي گم ٿيل ماڻهن بابت پڇاڻو ڪري چڪي آهي جنهن کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جي گهڻي بازيابي ته نه ٿي سگھي آهي، پر چند گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پر ڪي به سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن نظر ايئن اچي رهيو آهي ڄڻ گم ٿيل ماڻهو جهڙوڪ ڪي غير ملڪي آهن .

اڄ تائين بلوچستان ، سنڌ ، خيبر پختونخواه ، پنجاب ۽ فاٽا مان ڪافي ماڻهو لاپتا آهن جنهن ۾ وڏو انگ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن جو آهي جن بابت سندن وارثن جو چوڻ آهي ته اسانجا گم ڪيل نوجوان چچريل لاشن جي صورت ۾ واپس مليا آهن ،يا مٿن ايترو جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو جو هو پنهنجون ذهني صلاحيتون وڃائي ويهن ٿا ، ڪن ماڻهن تي ايترو تشدد ڪيو وڃي ٿو جو انهن کي جسماني توڙي ذهني طورٺيڪ ٿيڻ ۾ سال لڳي وڃن ، ڪيترائي آزادي ماڻڻ کانپوءِ زندگي هارائي ويهن ٿا ڪيترن نوجوانن جا چچريل لاش روڊن ، رستن ۽ مختلف هنڌن تي بي يارو مددگار اڇلايا وڃن ٿاجن مان ڪيترن جي سڃاڻپ پڻ نه ٿي ٿئي .

قومي ڪارڪنن کي جيئرو ساڙڻ ۽ مٿن انتهائي غير انساني ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اهو سلسلو هڪ ڊڪٽيٽر جي دور ۾ شروع ٿيو پر افسوس جمهوري حڪومتن به ان سلسلي کي جيئن جو تيئن جاري رکيو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي سياست ۾ يقين رکندڙ بلوچ اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل ، اختر مينگل سميت ڪيترائي اڳواڻ حڪومت کي اهڙين ڪاررواين جو سلسلو بند ڪرڻ بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ سندن بازيابي لاءِ احتجاج ڪري چڪا آهن .

بلوچستان اندر ٻرندڙ اهڙي باهه سبب بلوچستان جون حالتون بگڙي چڪيون آهنجنهن سبب بلوچستان جو ڪنٽرول جمهوري حڪومت جي انتظام هيٺ نه آهي ۽ بلوچستان اندر حڪومت نالي جي ڪا به شي نه آهي ، آخر ڪيسيتائين ماڻهن تي تشدد ڪري کين خاموش ڪرائي سندن وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو . بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي صوبن جا وسيلا سندن حوالي ڪرڻ جي گھرج ڪري رهيا آهن جنهن سبب کين ملڪ دشمن ڪوٺي ڪيترا سنجيده معاملا حل ڪرڻ بجاءِ آمرن ۽ جمهوريت جي دعويدارن جي هٺ سبب تباهي ڏانهن وڃي رهيا آهن ، آخر سڄي قوم ۽ ملڪ جا سنجيده اڳواڻ گڏ ٿي سنڌ ۽ بلوچستان جو حل ڇو نه ٿا ڪڍن ،ڪيترن بيگناه انسانن کي عدالتن ۾ پيش نه ڪرڻ جمهوريت پسندن کي زيب نه ٿو ڏئي جيڪا اسانجي ناڪامي ، قانون ۽ آئين تان اعتماد کڄڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن اهڙا عمل جاري رهيا ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

ڪيترائي ڀيرا اسانجا حڪمران پنهنجي غلط ڪرتوتن سبب بلوچن کان معافيون طلبي چڪا آهن پوءِ به سندن روين ۾ بهتري نه آئي آهي . گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ ۽ آغاز حقوق بلوچستان جا اعلان به ڪيا ويا جن تي عمل ڪرڻ بجاءِ بلوچن کي دهشتگرد ڪوٺيو ويو ۽ کين ڏنڊي جي زور تي سڌو ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا ويا . گذريل سال اقوام متحده جي انساني حقن واري چار رڪني ٽيم پاڪستان پهچي گم ٿيل ماڻهن واري ڪميشن جي سربراه پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽرين سان ملاقاتن کانسواءِ پنجاب ، خيبرپختونخواه ، ڪوئٽا ، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو .

گڏيل قومن جي آيل وفد کي ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪرايو ويو جن گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون ۽ گم ٿيل ماڻهن جا انگ اکر گڏ ڪيا ، جيڪو عمل ان وقت جي حڪومت کي ڏکيو ضرور لڳو پر حڪومت جي مجبوري هئي جو هو گڏيل قومن جي ٽيم کي اهڙي عمل کان روڪي نه پيا سگھن ڇو ته پاڪستان هيومن رائٽس جو ميمبر آهي جيڪڏهن سندن ڪمن ۾ رنڊڪ وجھن ها ته کانئن ميمبرشپ کسي وڃي ها. گڏيل قومن جي آيل ٽيم انگ اکر ته گڏ ڪري ورتاپر سندن ڪارروائي تي ڪو عمل ٿي نه سگھيو آهي نه ئي ملوث ادارن کان ڪو پڇاڻو ڪيو ويو آهي ، نه ئي کين ڪيل انساني حقن جي خلاف ورزي تي ڪا سزا ڏني وئي. انٽيليجنس ايجنسيون آخر ڪهڙي قانون تحت هلي رهيون آهن ، ڪنهن آڏو جواب ده آهن ان بابت حڪومت کي ڪا به ڄاڻ نه آهي ، جڏهن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته اسانجي حڪومت ۽ عدالتون ايجنسين جون تابع آهن . اهڙين حالتن اندر اقوام متحده جي آيل ٽيم کي ڇا صحيح انگ اکر مليا هوندا جيڪو هڪ سواليه نشان آهي ڇو ته پوليس ، ايف سي ۽ ملڪ اندر موجود ايجنسيون پنهنجي جان آجي ڪرائڻ خاطر هڪ ٻئي تي الزام مڙهي رهيا آهن ۽ گم ٿيل ماڻهن جا حقيقي انگ اکر ظاهر نه ڪري رهيا آهن .

آخر قوميتن کي ڪهڙي سزا ڏني پئي وڃي ۽ اهو سلسلو ڪيسيتائين جاري رهندو ، حڪومت جي ناڪامي سبب مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ، سڄاڻ ڌرين حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي ملڪ اندر بنگلاديش جهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ جهڙا خدشا پڻ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن . جنهن ملڪ اندر قانون ، آئين ۽ عدالتن جي فيصلن جو احترام نه ڪيو وڃي اتي حالتون ڪو به رخ اختيار ڪري سگھن ٿيون . جنهن ملڪ اندر هزارين ماڻهن کي پنهنجا حق گھرڻ سبب لاپتا ڪيو وڃي ، قومي ڪارڪنن سان اهو غير انساني ورتاءُ ڪيو وڃي، جنهن بابت ڪيترائي عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن جن تي ڪا به ڌر عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ، اهڙي طرح جيڪڏهن هر پاسي انساني حقن جي لتاڙ جاري رهي ،اسانجا حڪمران ۽ انساني حقن لاءِ جڙيل ادارا خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ سنجيدگي سان غور ويچار نه ڪيو ته اسين ڪڏهن به نيڪ نامي حاصل نه ڪري سگھنداسين ان لاءِ اسانکي پنهنجيون ذميداريون سمجھڻ گھرجن جن کي پوري ايمانداري سان بجا آڻي گھربل حقن جي بهتري لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ ۾ ئي اسانجي معاشري جي بهتري آهي، ان لاءِ اسانکي بلوچستان جي وزير اعلي جي بيان کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي ۽ بلوچستان کان بلوچ اڳواڻن جي شروع ٿيل لانگ مارچ تي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي، ساڳي طرح سنڌ اندر گم ڪيل بيگناهه قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

A column by Mehwish Abbasi in Awami Awaz - عوامي آواز 31-10-2013 ABOUT MISSING PEOPLE #Pakistan #Sindh #Baloachistan