Monday, 14 October 2013
A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 15-10-2013 about #Malala #Nobel4Malala and true facts
ملالا خلاف رٿيل عالمي سازشون
ملالا يوسفزئي تي طالبان جي ٿيل حملي کي هڪ سال مڪمل ٿيو آهي ملالا سوات جي شاگردياڻي هئي جنهن تي هن جي ٻن شاگرد ساٿياڻين سميت طالبان حملو ڪيو ، هر سال وانگر هن سال به نوبل انعام جي اميدوارن ۾ ملالا پسنديده قرار ڏني وئي . امن جي نوبل انعام لاءِ پاڪستان جي هي پهرين ننڍي عمر رکندڙ شاگردياڻي هئي جيڪڏهن کيس اهو انعام ملي ها ته اها پهرين مسلمان شاگردياڻي هجي ها جنهن کي امن جو نوبل انعام ملي ها ، ملڪ جي هر ماڻهو جي ان ڳالهه تي نظر هئي پر ملالا کي اهو انعام نه مليو اهو انعام ڪيميائي هٿيارن جي روڪ ٿام ڪندڙ هڪ تنظيم کي ڏنو ويو جنهن تي ملالا چيو ته ان کي افسوس نه آهي ته ان کي انعام نه مليو .
ملالا ان ملڪ جي ڇوڪري آهي جنهن ملڪ ۾ هزارين نياڻيون آهن جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن طرح ذيادتي ، ڏاڍائي ۽ ظلم جو شڪار ٿين ٿيون بس فرق ان ڳالهه جو آهي ته اهي اهڙي طرح منظر عام تي نه ٿيون اچن ڇو ته انهن ۾ بين الاقوامي قوتن جا فائدا نه هوندا آهن ، ميڊيا ۽ بين الاقوامي طاقتون جنهن کي چاهن زيرو مان هيرو ٺاهي سگھن ٿيون ۽ جنهن کي چاهن هيرو مان زيرو بس ڳالهه آهي فائدن جي ، اڄ پوري دنيا ۾ اهو سوال آهي ته ملالا کي نوبل انعام ڇو نه مليو ان جو جواب واضع آهي ته جنهن حد تائين اقوام متحده ۽ مغرب کي ملالا جو استعمال ڪرڻو هيو اهي ڪري چڪا آهن جنهن حد تائين ملالا جي ضرورت هئي اها پوري ڪئي پئي وڃي ، جڏهن سندس ضرورت محسوس نه ڪئي وئي ته کيس نوبل انعام کان محروم ڪيو ويو .
ملالا کي پوري دنيا آڏو آڻي ان ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ دهشتگردي آهي ، جتي طالبان جيئن چاهن ڪري سگھن ٿا ، عورتن کي حق حاصل نه آهن ، اهي تعليم حاصل نه ٿيون ڪري سگھن اهي پنهنجي ئي معاشري ۾ آزاد نه آهن ، جڏهن ته ان سڀ ۾ پاڪستان جي غلط نمائندگي ٿي رهي آهي ، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي ووٽ کان تعليم تائين حق حاصل نه آهي ۽ دهشتگرد ڪارروايون به ٿي رهيون آهن پر ان سڀ کي بين الاقوامي سطح تي جنهن طريقي سان اڀاريو پيو وڃي ان ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. پوري دنيا ۾ اهو ثابت ڪيو پيو وڃي ته هتي امن امان نه آهي جنهن ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائڻ برابر سمجھيو پيو وڃي ، ڪنهن حد تائين انهن ڳالهين ۾ حقيقت به آهي پر جيتري قدر ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙيون حالتون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن پوءِ پاڪستان کي ايترو نمايان ڇو پيو ڪيو وڃي ، طالبان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ، ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتون اڄ به آزاد نه آهن اڄ به تعليم جي گھٽتائي موجود آهي ، ان صورتحال ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ گهلڻ ۾ انهن قوتن جا ضرور ڪي فائدا هوندا ڇو ته پاڪستان زميني توڙي سامونڊي خزانن سان مالامال ملڪ آهي ۽ پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جنهن کي ائٽمي طاقت حاصل آهي ، پاڪستان امن ۽ تعليم جو دشمن نه آهي دشمن ته اهي دهشتگرد آهن جيڪي پاڪستان جي عورتن توڙي نوجوانن کان ڊڄن ٿا ته ڪٿي هو تعليم حاصل ڪري ملڪ کي دنيا اندر ڪامياب نه ڪن شايد بين الاقوامي قوتن کي پاڪستان مان وڏا خطرا موجود آهن جنهن جي ڪري هو اهڙيون سازشون سٽي هٿ وٺي نوجوانن کي گمراه ڪري رهيا آهن .
ملالا يوسفزئي تي حملو ان لاءِ نه ٿيو ته هو تعليم حاصل ڪري رهي هئي ان تي حملو ان لاءِ ٿيو ته ان طالبان خلاف هڪ ڊائري لکي جيڪا اڄ به زير بحث آهي ته اها هن لکي يا ٻئي ڪنهن ، ملالا سان گڏ جنهن ٻن شاگردياڻين تي حملو ڪيو ويو اهي ڪنهن کي به نظر نه اچي رهيون آهن جڏهن ته اهي به ان حملي جو شڪار ٿيون ۽ ايتري سڀ جي باوجود اهي اڄ به سوات جي ماحول ۾ طالبان جي پابندين باوجود تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جن بابت پاڪستاني ميڊيا سميت بين الاقوامي ميڊيا به خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته اهي ٻه نياڻيون به ملالا سان گڏ هر ڏک سک ۾ گڏ رهيون انهن نياڻين کي نظر انداز ڪرڻ تي ڪيترائي سوال اڀرن ٿا . سوات اهو علائقو آهي جنهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل آهي تنهن هوندي اتي اڄ به ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن طالبان جي پابندين باوجود هو ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن ڪيترين ئي عورتن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو پر اهي سڀ ميڊيا کي نظر نه ٿيون اچن .
اقوام متحده جي تاريخ ڏسجي ته هي اهو ادارو آهي جنهن دنيا اندر دهشتگردي پيدا ڪئي جنهن دنيا اندر دهشتگردن کي پناه ڏني ، اقوام متحده عراق ۽ افغانستان تي حملي جي اجازت ڏني ، 1979 کان وٺي روس خلاف جنگ ڪري جهاد جي نئين ۽ نه کٽندڙ شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جي آءِ ايس آءِ به ساٿ ڏنو ، دنيا اندر عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي وئي جيڪي ادارا اڄ ملالا کي امن ۽ تعليم جو سفير چئي رهيا آهن اهي ئي ادارا هئا جن عورتن جي تعليم خلاف جهاد کي اڳتي وڌايو، جيڪو اڄ به جاري آهي ، اهي ادارا جيڪي فائدن خاطر معصوم انسانن جون جانيون وٺي سگھن ٿا ، جيڪي ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردن جا محافظ ٿي سگھن ٿا ، جيڪي تعليم جي روڪ ٿام لاءِ جهاد ڪري سگھن ٿا ، اهي پاڪستان لاءِ امن ڪيئن چاهيندا ۽ ملالا کي امن ۽ تعليم جي سفير ڪري پيش ڪرڻ سان اهي ڇا ٿا چاهين ، اصل حقيقتون اڃان به ڳجھيون آهن جن جي واضع ٿيڻ تائين پاڪستان ۽ ان جي نوجوانن کي ايئن ئي گمراه ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجو غلام بنائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي .
پاڪستان اندر هر روز ڪيتريون ئي نياڻيون ڏاڍاين جو شڪار ٿين ٿيون ڪيترين جا لاش ڪچري جي ڍيرن مان ملن ٿا ڪيترين کي تعليم کان روڪيو وڃي ٿو اهي سڀ پاڪستان جي ميڊيا کي نظر نه ٿيون اچن ، پاڪستان ۾ عبدالستار ايڌي جون ڪوششتون ۽ ڪاوشون ڪنهن کان لڪل نه آهن پاڪستان ۾ ڪيترا ئي ادارا آهن جيڪي انساني حقن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي بين الاقوامي سطح تي ڇو نه ٿو ساراهيو وڃي، ڇو ته انهن ۾ مغرب کي ڪي به فائدا نه آهن اهي انهن ادارن کي پنهنجي فائدن خاطر استعمال نه ٿا ڪري سگھن . تنهن هوندي به پاڪستان جا ڪيترائي ادارا ڪيترائي نوجوان جدوجهد ڪري رهيا آهن پريشانين ، مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود هو محنت ۽ جدوجهد ۾ رڌل آهن ڇو ته انهن کي ڪنهن انعام يا ايوارڊ جي ضروررت نه آهي، اهي ملڪ ۽ معاشري جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن جيڪي ملڪ جا اصل هيرو آهن جن کي تاريخ هميشه ياد رکندي ۽ انهن کي به بين الا قوامي قوتون استعمال نه ٿيون ڪري سگھن ، اسان کي پنهنجن ارادن ۾ مضبوط ٿيڻ گھرجي اسان کي خود مختيار ٿيڻ گھرجي ، پنهنجي مقصد ۾ نمايان ۽ مضبوط رهڻ گھرجي ته جيئن ڪي به نام نهاد ادارا يا تنظيمون اسان کي پنهنجن فائدن خاطر استعمال نه ڪري سگھن .
پاڪستان توڙي دنيا اندر ڪيترائي نالا ٿي گذريا آهن جن اڻ کٽ جدوجهد ڪئي ۽ معاشري ۾ حقيقي تبديلي ۽ بهتري آندي جن کي اڄ به قوم فخر وچان ياد ڪندي آهي سندن ڪيل ڪاوشن تي کين ڀيٽا ڏني ويندي آهي جنهن لاءِ کين ڪنهن به ايوارڊ يا انعام جي ضرورت محسوس نه ٿي آهي ڇو ته انهن جو حقيقي انعام معاشري ۾ ڪيل خدمتون ۽ بهتر تبديلي آهي . وقت اڃان اسان جي هٿن مان نه ويو آهي اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته ايوارڊن ۽ انعامن پويان ڀڄڻ بجاءِ ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي .
مهوش شبير عباسي

Saturday, 5 October 2013
MEHWISH ABBASI COLUMN ON INTERNATIONAL #TEACHER’S DAY 10-5-2013 IN DAILY AWAMI AWAZ
سقراط جهڙو استاد گهرجي – مهوش عباسي
استادن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ جي شروعات اقوام متحده سال 1994 کان ڪئي ان سال 5 آڪٽوبر کي استادن جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهائڻ لاءِ سوچيو ويو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اهو ڏهاڙو ملهايو . هن وقت دنيا جا 100 کان وڌيڪ ملڪ هن ڏهاڙي کي ملهائيندا آهن جڏهن ته اقوام متحده جا ڪيترائي ادارا ان ڳالهه جي ڪوشش ۾ آهن ته هي ڏهاڙو پوري دنيا ۾ هر سال هر ملڪ ۾ ملهايو وڃي عالمي تعليمي ادارو پڻ ان سلسلي ۾ انتهائي متحرڪ نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته عالمي تعليمي اداري جا 400 کان وڌيڪ ماڻهو ان سلسلي ۾ جدوجهد ۽ ڪوششون پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ڪجھه ادارا ان ڏهاڙي کي هر ملڪ ۾ ملهائڻ لاءِ ڪمپين پڻ هلائي رهيا آهن .
هن سال اقوام متحده استادن جي عالمي ڏهاڙي جي نسبت سان 5 آڪٽوبر تي جنهن موضوع کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهو آهي استادن جي خاصيت اهميت ۽ اسانجي معاشري ۾ ، شهرين لاءِ استادن جو ڪردار ۽ ان سان گڏ هر دور سماج ، دنيا ۽ تخليقن ۾ استادن جي محنت جي ڪري جيڪي بهتر تبديليون اچن ٿيون ان تي پڻ غور ڪري معاشري ۾ استادن جي اهميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي . مختلف ڪميونٽين جا ماڻهو هن ڏهاڙي کي مختلف طريقن سان ملهائيندا آهن ، اسڪولن ، ڪاليجن ، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪري استادن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي ، خاص تقريبون منعقد ڪري استادن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن ، سيمينار ڪوٺائي استادن جي اهميت سان معاشري جي فردن کي آگاه ڪيو ويندو آهي ، ڪيترن ئي ملڪن اندر ريليون ڪڍي سماج جي انهن فردن کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته تعليم جي اهميت سڀ کان اتم ۽ اعلي آهي ۽ استاد ئي آهن جيڪي ايندڙ نسلن ، نوجوانن ، ٻارن توڙي عورتن کي بهتر تعليم مهيا ڪري انهن کي روشن مستقبل فراهم ڪري ٿو .
استاد انساني وجودن ۾ اهڙو روح آهي جنهن جي سلامتي ۽ مسرت سڄي قوم جي وجود جي سلامتي آهي جن قومن پنهنجي ان روح جي حفاظت نه ڪئي سي ابدي رنج ، ملال ، بي يقيني ، اضطراب ۽ مايوسي جي موت مري وينديون آهن . هن دنيا جي هيڏي ساري ترقي ، علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ نت نئين کوجنا دنيا کي خوب کان خوب تر بڻائڻ واري استباه جو ڪارڻ ڪير آهي ؟ جنهن قوم علم جو قدر ڪيو ان استاد کي عزت جو مقام ڏنو جنهن قوم فڪر ، شعور ۽ ڏاهپ جو رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي استادن ۽ عالمن جو قدر سڃاتو تاريخ تي انهن قومن جي مهر آهي . جن قومن علم جي مقابلي ۾ جهالت کي پنهنجو دوست بڻايو سي ماضي جي کنڊرن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي هميشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويون . استاد زماني جي ضمير ، سماج جو شعور ۽ انساني وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل مثل آهي ، علم ۽ جهالت خير و شر ، روشني ۽ اوندهه، حق ناحق جي ازلي ۽ ابدي ڇڪتاڻ ۾ استاد جي شخصيت روشني جي اها علامت آهي جيڪا زماني کي زندگي جي اثباتي راهن تي هلڻ لاءِ حقيقي رهنمائي ڪري ٿي ڇو ته استاد جي هٿ ۾ علم جي لاٽ آهي .
يونان جو مشهور مفڪر سقراط ، افلاطون ، ارسطو ، حڪمت ۽ ڏاهپ جو بادشاهه لقمان حڪيم ڪير هئا ؟ استاد ئي هئا . ابن سينا ، البيروني ، امام غزالي ، روسو ، ابراهيم لنڪن ، راڌا ڪرشن ، راءِ گوپال ، آچاريا ، علامه آءِ آءِ قاضي، امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون جن جو تصور ايندي ئي احترام وچان اسان جو ڪنڌ جھڪي پوندو آهي جن جي بي مثال قابليت ، علم ، ڏاهپ ۽ حڪمت جو دنيا تي ڌاڪو ڄميل آهي جن جي تعليم ۽ تربيت ، فڪر ۽ نظر ، سوچ ۽ ويچار جي ڀٽڪندڙ قافلن کي ارتقا جي راهن تي لڳايو آهي ، اهي سڀ استاد هئا .
حقيقت ۾ استاد هڪ اهڙي علامت آهي جو قومن جي آئيندي جي نشاندهي ڪري ٿو استاد هڪ اهڙي آرسي آهي جنهن ۾ ان قوم جي اجتماعي ، نفسيات ، مزاج ۽ مستقبل جو عڪس ڏسي سگھجي ٿو . غلام قومون پنهنجي استادن کي بک ، ڏک ، افلاس ۽ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙينديون آهن ، جڏهن ته سڌريل ۽ آزاد قومون استادن کي جيءَ ۾ جايون ڏينديو آهن ، سڌريل قومن جا حڪمران ۽ عملدار استاد کي پنهنجي سامهون ايندي ڏسي بيحد احترام وچان کيس سلام ڪندا آهن .
چيو ويندو آهي ته ٻار آئيندي جا ابا آهن ، ٻار مستقبل جا معمار آهن ، ٻار قومي امانت آهن ، اڄ جو ٻار سڀاڻي جو ليڊر آهي ، سياستدان به آهي ۽ وطن جو محافظ آهي ۽ اسان جي آئيندي جي علامت ۽ عڪس آهي . ٻار اهو ڪورو ڪاغذ آهي جنهن جي ذهن تي اڄ استاد جيڪو لکندو سو ئي هو ورجائيندو آهي ، مستقبل جي ٻار تي اڄ جو استاد جيڪي چٽ چٽيندو سو ئي اڻ مٽ نقش آهي . ٻار جي روحاني تربيت ، تعليم ، ذهني اوسر ۽ شعور جي ارتقا جو مدار استاد جي محنت ، لياقت ۽ سکيا تي آهي ،ا ستاد اهو ڪاريگر آهي جيڪو هن جي دماغ کي جيڏانهن به گھمائي مشين اوڏانهن ڦرندي ، استاد اهو مالهي آهي جيڪو ننڍڙين ، ڪچين ۽ ڪومل مکڙين کي خوشبو وکيريندڙ گل بڻائي ٿو جيڪي پنهنجي خوشبو سان مستقبل جا معمار ٿي سماج ۽ دنيا جي بهتري لاءِ قدم کڻن ٿا ، استاد هر قدم تي انهن جي حفاظت ۽ صحيح تربيت جي ذميواري کڻي ٿو . انهي لحاظ کان استاد جيڪڏهن پنهنجي سماج آڏو جوابدار آهي ته پوءِ ذميوار فردن تي به اهو ئي فرض عائد ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هو انهن مکڙين جي صحيح تربيت ڪرڻ ٿا چاهين ۽ کين نئين ٽهي کان جيڪڏهن ڪي اميدون ۽ آسرا آهن ، پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان سچا همدرد آهن ته انهن لاءِ ضروري آهي ته هو استادن کي اصل مقام ڏين .
ڪيترن بزرگن کي نئين نسل کان بي راهه روي جون شڪايتون آهن ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح به آهي اڄ جو نوجوان هڪ عجيب قسم جي بي يقيني ، نفسياتي مونجھاري ، ذهني اضطراب جي زهريلي فضا ۾ پلجي نپجي رهيو آهي ، ڪٿي ان جو ڪارڻ خود استاد جي پنهنجي بي يقيني ۽ ذاتي الجھن ته ناهي ؟ جيڪا کيس احساس محرومي کان پيدا ٿي هجي ، ساڳئي وقت اسان کي حضرت مسيح جو اهو قول وسارڻ نه گھرجي ته وڻ جي سڃاڻپ ان جي ميوي مان ٿيندي آهي ۽ مٺو وڻ مٺو ڦل ڏيندو آهي ۽ ڪوڙو وڻ ڪوڙو ڦل .
تاريخ اسانکي اهو به ٻڌائي ٿي ته جڏهن ۽ جتي به علم جي روشني جرڪي آهي ، جهالت جي علمبردارن ۽ خير جي مقابلي ۾ شر جي منحوس علامتن گڏجي ان روشني کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . طاقت جي نشي ۾ چور استبداد جي انڌي گھوڙي تي سوار طاغوتي طاقتن هميشه سڀ کان پهرين استاد کي نظريي جو نشانو بڻايو آهي ڇو ته کين ڄاڻ هئي ته علم جي طاقت جي آڏو سندن وقتي دهشت ۽ ٺٺ ٺانگر ڪا به حيثيت نه ٿا رکن . جڏهن به ڪنهن قوم کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان قوم جي استادن جو مقام ڦريو ويو ، ڏاهن دانشورن ، فيلسوفن ۽ باشعور انسانن کي چٿي چيڀاٽي ، چيچلائي ماريو جيئن علم جي روشني نئين نسل تائين نه پهچي سگھي .
روم ۾ جڏهن شهنشاه آيا ته هنن پنهنجي شهنشاهيت قائم رکڻ لاءِ سڀ کان پهرين استادن کي ختم ڪيو . اسپين مسلمانن جي زماني ۾ يورپ جو درسگاهه هو جنهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ استادن جو قتل عام هو . هلاڪو بغداد جا ڪتب خانه ۽ مدرسا ساڙيا . پورچو گيزن ، ڊچن ۽ انگريزن جتي به حڪومت ڪئي وڪالت کي همٿايائون پرا ستاد پيدا ٿيڻ نه ڏنائون . مطلب ته هر دور ۾ آمريت ۽ سامراجيت جو پهريون نشانو استاد ئي بڻبا رهيا آهن . هنن استادن کي بکيو ، ننگو رکيو ، تعزير ڏنا ، ڦاهيون ڏنيون ۽ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙي استادن جو رت نپوڙي ڇڏيو . ايترين سختين ۽ سنگين مسئلن جي ٻرندڙ مچ ۾ استاد اڄ به مرڪي رهيو آهي ، ٽانڊن کان وڌيڪ ٽهڪندڙ ڌرتي تي ان جا پير آهن پوءِ به هو علم ۽ ڏات جا هيرا پنهنجي هٿن ۾ کنيو ورهائي رهيو آهي .
اڄ جو استاد پنهنجي زماني جو هڪ سقراط آهي جنهن جي چپن تي زندگي جي ڪوڙن ، ڪسارن مسئلن جي زهر جو پيالو آهي پوءِ به اڃايل روح لاءِ وٽس علم ۽ شعور جو آب حيات آهي . استاد جيڪا علم ۽ فڪر جي مشعل پنهنجي هٿن ۾ کنئي آهي سا طوفانن ۾ به ٽمڪي پئي ، روشن آهي ۽ انشا الله روشن رهندي .
HAPPY TEACHER'S DAY
I would like to remember all my teachers', Both living and dead for all
the goodness they have done in transforming me. From a rough village
lad, I have truly come a long way in my life. Credit goes to all my
teachers. In celebrating my happy life; -everyday, I celebrate the love
and kindness of my teachers. You are all remembered from the bottom of
my heart! Thank you all millions.
Long live Teachers.
Wednesday, 2 October 2013
MEHWISH ABBASI COLUMN PUBLISHED IN DAILY AWAMI AWAZ 2-10-2013 PISHAWAR BLAST & PAK GOV
پشاور جا ڌماڪا ۽ سرڪاري پاليسيون
مهوش عباسي
خيبر پختونخواه جو بدقسمت شهر جيڪو ڪيترن سالن کان دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي ان شهر ۾ هڪ هفتي دوران هڪ ٻئي پويان ٿيل بم ڌماڪن ۾ سوين ماڻهو موت جو شڪار بڻجي چڪا آهن سڀ کان پهرئين چرچ ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جڏهن ته سيڪريٽريٽ جي سرڪاري ملازمن جي بس تي ٿيل حملي ۾ ڪيترا ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا . جنهن بعد ٽيون ڌماڪو آچر ڏينهن قصا خواني بازار ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي بيگناه انسان جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي اها به ڄاڻ نه آهي ته آخر انهن کي ڪهڙي ڏوه جي سزا ڏئي ماريو پيو وڃي .
ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ڪيتري عرصي کان اهڙا هنياءُ ڏاريندڙ منظر ڏسي رهي آهي جيڪي شايد ملڪ جي ٻين اسپتالن ۾ نظر نه آيا آهن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور لاشن ۽ زخمين سان سينگارجندي رهي آهي اهڙين حالتن اندر فوتين جو تعداد وڌيڪ ٿيندو رهيو آهي جڏهن ته تابوت گھٽ پئجي ويا آهن . قصا خواني بازار ۾ ٿيل ڌماڪي اندر 40 کان وڌيڪ فوت ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ڄاڻايا پيا وڃن جڏهن ته قصا خواني بازار جا ڪيترائي دڪان تباه ڪيا ويا آهن ان سان گڏ مسجد ، ٿاڻي سميت ڪيترين ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو آهي ڌماڪن وقت هر طرف افرا تفري ڦهليل هئي ان جاءِ تي افسوس جي ڳالهه اها سامهون آئي ته جتي اسان کي فوتين ۽ زخمين جي مدد ڪرڻ گھرجي ان جاءِ تي اسان جا اڳواڻ سياسي بيان جاري ڪري ويتر حالتون خراب ڪري رهيا آهن جن کي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گھرجي اهڙن واقعن تي سياست ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي اسانکي ٻين تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ مثبت سوچ سان اڳتي اچڻ گھرجي ڇو ته اهڙا بيان ۽ اهڙا عمل ملڪ ۽ قوم لاءِ نهايت ئي نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن . پنهنجي سياست بچائڻ ۽ چمڪائڻ لاءِ اسانجي سياستدانن کي اهڙن واقعن جو سهارو وٺڻ نه گھرجي اسانکي گڏجي دهشتگردي جو خاتمو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن هڪ قوم ٿي اسانکي شر پسند عنصرن سان مقابلو ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن قوم وکريل ۽ ورهايل هوندي ته ان جو فائدو دشمن کي ٿيندو جنهن سان هو وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ کيس دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جو آزادي سان موقعو حاصل ٿيندو .
گذريل هفتي ٿيل ڌماڪا اهڙي وقت ڪيا ويا جڏهن وزير اعظم آمريڪا وڃي رهيو هو ته چرچ تي حملو ڪيو ويو ، آچر جي ڏينهن جڏهن ڀارت جي وزير اعظم سان ملاقات رٿيل هئي ته ان ڏينهن قصا خواني بازار ۾ ڌماڪو ڪيو ويو . ان کان اڳ جڏهن پاڪستان جو وزير اعظم نواز شريف چين جي دوري تي ويل هيو ته انهن ڏينهن اندر گلگت ۾ چين ۽ ٻين ملڪن سان سلهاڙيل ملڪن جي سياحن کي قتل ڪيو ويو ، آخر اهڙن موقعن جي چونڊ ڇو ٿي ڪئي وڃي جيڪو هڪ سواليه نشان آهي ؟ ان مان لڳي ايئن رهيو آهي ته طالبان پاڪستان جو ٻين ملڪن سان رابطو نه ٿا چاهين نه وري ٻين ملڪن جو پاڪستان سان رابطو ٿئي . ڇا اسان کي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ سان رابطا وڌائڻا آهن ته اسان کي طالبان کان اجازت وٺي پوءِ رابطو ڪرڻ گھرجي . پاڪستانين کي پاڪستان تائين محدود ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان شرعي نظام تائين قائم رهي سگھي ۽ ٻين ملڪن جي تهذيب اثر انداز نه ٿئي جنهن ۾ طالبان جو وڏو مقصد نظر اچي رهيو آهي جنهن جي ڪري هو اهڙن موقعن جي تلاش ۾ رهندا آهن جڏهن اسانجا ٻين ملڪن سان واسطا بهتر ٿي رهيا هوندا آهن . پاڪستان کي يا وري ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ نشانو بڻائي ملڪ کي بدنام ڪري ٻين ملڪن کان پري ڪرڻ جي سازش رٿي پئي وڃي جيڪا حڪومت جي ناڪامي جي ڪري شر پسند عناصر ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهن جنهن سبب پاڪستان ٻين ملڪن ۾ حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻين ملڪن جا عام ماڻهو توڙي سياستدان پاڪستان اچڻ کان ڪيٻائين ٿا . مسئلا اسان پاڻ پيدا ڪيا آهن غير قانوني قوتون ملڪ اندر موجود آهن ڪيترن گرفتار ڪيل دهشتگردن کي هٿ سان آزادي ڏني پئي وڃي جيڪي واپس وڃي وڌيڪ متحرڪ ٿي حملي ڪري رهيا آهن ان جاءِ تي افغانستان جو ڪردار به مشڪوڪ نظر اچي رهيو آهي . طالبان جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو اختيار اي پي سي ۾ شريڪ سياستدانن ۽ اڳواڻن کي نه ڏنو ويو آهي ڳالهين جا اختيار فوج ۽ آمريڪا حوالي ٿيل آهن .
وزير اعظم جي تازن آيل بيانن تي طالبان ڌريون کانئس ناراض آهن جنهن بعد سندن ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ڪوٺايل اي پي سي ۾ طئي ٿيل ڳالهين تي عمل در آمد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي اهڙين ڪاررواين بعد آپريشن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي ڇو ته حڪومت اهڙي عمل کان بچڻ لاءِ ڳالهين جو دڳ اختيار ڪيو پر طالبان طرفان سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري ڊيڊ لاڪ پيدا ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ حڪومت کي گھرجي ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته جلد از جلد ان عمل کي اڪلايو وڃي ٻي صورت ۾ قوم کي ان عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ دهشتگرد ڌرين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو وڃي. ڇو ته جيڪي ڌريون آئين قانون کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هڪ آزاد جمهوري رياست ۾ پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ چاهين انهن سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگھنديون ۽ ڪهڙن بنيادن تي ٿينديون طالبان پنهنجا مطالبا واضع ڪري چڪا آهن انهن پنهنجي پاليسي ۽ اصليت ظاهر رکي آهي پر ڇا حڪومت جي ڪا پاليسي آهي حڪومت جا طالبان سان پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ حفاظت جا مطالبا آهن ؟ ۽ وري جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿين ته پوءِ پاڪستان جي حڪومت جي پاليسي ڇا هوندي ؟ ان جي ڪري حڪومت کي طالبان سان ڳالهين جو انجام سوچڻ گھرجي ۽ پاڪستان جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ طالبان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هجڻ گھرجي ته جيئن پاڪستان ۾ مصر جهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي .
chemist_mehwish@yahoo.com

Subscribe to:
Posts (Atom)