Sunday, 8 September 2013

its international literacy day today my column about literacy in #World and #Pakistan #AwamiAwaz #Sindh #Pakistan


My Column in awami awaz about increase in no of kidnappings in #Sindh 7 sept 2013 #Pakistan #Share


اغوا جي وارداتن ۾ ٿيندڙ اضافو ۽ سنڌ پوليس

مهوش عباسي

سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي جون حالتون ڪجھ ڏهاڪن کان مسلسل خراب آهن جنهن تي ملڪ جي حڪمرانن ۽ ادارن جا هٿ مٿي ته اچي ويا آهن جنهن سبب سخت پريشاني ۾ ورتل آهن جيڪو مسئلو واقعي پريشاني جوڳو آهي پر حڪمرانن کي سنڌ جي ٻين ضلعن اندرٿيندڙ بد امني ، ڦر لٽ ، عورتن سان ڏاڍايون ۽ اغوائن طرف به توجهه ڏيڻ گھرجي مگر اسانجا حڪمران ۽ هر حڪومت صرف ڪراچي اندر بد امني جو راڳ ڳائي هر ڀيري پنهنجو وقت پورو ڪندا رهيا آهن هن جاءِ تي منهنجو مقصد اهو هر گز نه آهي ته اسان کي ڪراچي جي باري ۾ سوچڻ نه گھرجي پر سنڌ جي ٻين ضلعن اندر به انسان ئي رهن ٿا جن کي به جيئڻ جو حق ملڻ گھرجي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ جڏهن به جمهوريت قائم ٿيندي آهي ته اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ۽ جڏهن ڊڪٽيٽر ايندا آهن ته اهڙيون ڪارروايون ڪندڙ ٻرن اندر لڪي ويندا آهن اسان کي جمهوريت جو ناجائز فائدو نه وٺڻ گھرجي ڇو ته جمهوريت وڏين قربانين بعد حاصل ٿيندي آهي پر اسان هر دور ۾ عوامي دور جي نفي ڪئي آهي جنهن جو مثال سنڌ جي ضلعن اندر هڪ دفعو وري بد امني ، ڦر لٽ ، عورتن سان ذيادتيون ۽ اغوائن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي جنهن سبب عام ماڻهون پريشانين ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ڏينهن و ڏينهن ٻارن ، عورتن ۽ نوجوانن جو اغوا هاڻي معمول بڻجندو پيو وڃي جنهن تي ضابطو آڻڻ ۾ پوليس انتظاميا ناڪام ڏسڻ ۾ پئي اچي يا هميشه جيان بي ڌياني جو شڪار آهي ، مغوي ٻارن ، عورتن ۽ نوجوانن جي وڌندڙ انگ حڪومتي حلقن ۽ سڄاڻ ڌرين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو پوءِ به ان جو حل ايترو جلد سامهون ايندي نظر نه ٿو اچي ان کان اڳ جو ڏوهارين تائين پهچ ٿئي ايتري تائين ڪنهن مغوي جو لاش سندس وارثن تائين پهچي وڃي ٿو پوءِ پوليس جون نه کٽندڙ انڪوائريون مقتول جي عزيزن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڏينديون رهن ٿيون جنهن تي جيترو به ا فسوس ڪجي گھٽ آهي اهڙي قسم جا واقعا هر روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن جنهن جاءِ تي انسان آزادي سان رهي نه سگھي پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته نه ڪري سگھي ، جتي عورتن ٻارڙن جون زندگيون داءَ تي لڳل هجن ، بيگناه نوجوانن کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو وڃي اتي عام ماڻهو زندگي ڪيئن گذاريندو . انتظاميا ، چونڊيل ايم اين ايز ، ايم پي ايز ، وزير ، مشير ۽ پوليس انصاف ڏيڻ بدران ڪميٽيون ٺاهڻ ۾ رڌل هجن ۽ ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ ڪي به مناسب اپاءَ نه ورتا وڃن ۽ ٿيندڙ ڏاڍاين پويان سردارن ، جاگيردارن ، ڀوتارن ، پوليس وارن ۽ سندن ساٿارين جا هٿ ملوث هجن

اڌ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ته نوابشاه جي پروفيسرشمس الدين شيخ جو اغوا ٿيل پٽ شجاع شيخ جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن طرفان سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن اندر مريض تپاسڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو ايتري تائين جو ڪنهن ميڊيڪل اسٽور تي ڊسپرين جي گوري به ملڻ محال بڻجي وئي ۽ هزارين مريض بي يارو مددگار پيل رهيا .

اهڙين حالتن بعد شهيد بينظير آباد ضلعي جي ايم پي ايز غلام قادر چانڊيو ، سليم رضا جلباڻي ، ڊاڪٽر بهادر ڏاهري ۽ ٻين ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪندي مريضن جو علاج شروع ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اغوا ٿيل شاگرد جي بازيابي لاءِ چند ڏينهن جي مهلت گھري ورتي اهڙي مهلت کي پڻ ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا آهن مگر هن وقت تائين معصوم شاگرد جو ڪو پتو نه پئجي چڪو آهي جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي ڳوٺن تي چڙهايون ڪري چڪي آهي پر هن وقت تائين اغوا ٿيل جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ملي رهي آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن پاران احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائڻ جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن .

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پيرين پنڌ ڦرون ۽ اغوائون ڪندڙن جو پيڇو ڪندي آخر ڪار پوليس جون موبائيلون خالي هٿين واپس ڇو ٿيون اچن ان پويان ڪهڙا ڳجھا هٿ آهن جيڪي ڏوهارين جي سرپرستي ڪن ٿا جن کي پوليس هٿ لڳائڻ کان لنوائي ٿي جنهن ۾ وڏو هٿ سياسي پوسٽون ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن جو آهي جيڪي پنهنجيون پوسٽون بچائڻ خاطر سنڌ کي بدنام ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن .

ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري ڪراچي کان ويندي ٺٽي ، حيدرآباد ، دادو ، نوابشاه ، سکر ، گھوٽڪي ، جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوٽ ، شڪارپور ، لاڙڪاڻو ضلعن اندر اهڙي قسم جون اڻ کٽ ڪارروايون جاري آهن ڪيترائي ڊاڪٽر ، انجنيئر ، واپاري ، صحافي ، وڪيل ، شاگرد روڊن تي ڦرجن ۽ اغوا ٿيندا رهن ٿا پر اسانجا حڪمران ڪراچي لاءِ ايترو فڪرمند آهن جو کانئن سنڌ جا ٻيا ضلعا وسري ويا آهن .

وزير اعلي سنڌ ڪراچي کان ٻاهر نه نڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گورنر صاحب جنهن کي ملڪي تاريخ ۾ گھڻو عرصو گورنر رهڻ جو اعزاز حاصل آهي ان جا ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن جا دورا اٽي ۾ لوڻ برابر آهن

سندن اهڙي ڪارڪردگي سبب ڪيترائي هندو خاندان لڏ پلاڻ ڪري ملڪ ڇڏي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي ڊاڪٽر ، انجنيئر ، استاد ، ڪاروباري ماڻهو ملڪ کي الوداع چئي ٻاهرين ملڪن اندر وڃي پنهنجيون زندگيون گذاري رهيا آهن .

نوابشاه جي پوليس اغوا ٿيل شاگرد کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي ٿورو باريڪ بيني سان ويچار ڪيو وڃي ته پوليس ڇا پئي ڪري ؟ پوليس جو ڪم آهي ماڻهن کي تحفظ مهيا ڪرڻ ، عوام جي حفاظت ڪرڻ ، پر پوليس جيڪڏهن پاڻ ئي ننڊ ۾ ستل هجي ته پوءِ ظاهري ڳالهه آهي اهڙي قسم جون وارداتون ٿينديون .

ماڻهون به اغوا ٿيندا ، ڦرون به ٿينديون ، عورتن جو سک چين به ڦٽندو آخر ڪيسيتائين عورتن کي ڪاري ڪري پيٽ سان پٿر ٻڌي ڪئنالن اندر لوڙهيو ويندو .

حقيقت ۾ پوليس کاتي ۾ ڪوتاهيون نه هجن ته ڪو ڏوه نه ٿئي پر افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو پوليس ڏوهارين يا ڌاڙيلن خلاف ڪا به سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري ، هاڻي ڌاڙيل فيڪٽر ته ڪنهن حد تائين گھٽ ٿي ويو آهي پر ذاتي بنيادن تي ڏوهاري ماڻهو مخالفن کي اغوا ڪرائين ٿا جنهن لاءِ ڏوهارين جا ڪيترائي گرووپ ملوث آهن تنهن ڪري اهڙن گروپن ۽ ڏوهارين کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ٻي صورت ۾ اهي ڏوهاري وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ بد امني ۾ اضافو ٿي ويندو ان کان اڳي جو ڏوهن ۾ وڏو اضافو اچي ۽ ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جا واقعا زور وٺي وڃن انتظاميا کي ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ گھرجن ، حڪومت کي ان ڏس ۾ اهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن جهڙي طرح هو ڪراچي جي امن بابت سوچي رهيا آهن .

مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪ ٿام لاءِ جيڪڏهن اپاءِ نه ورتا ويا ته بد امني جو راڪاس اسانجي معاشري جو امن تباه ڪري ڇڏيندو ۽ روز ماڻهو اغوا پيا ٿيندا جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻي اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ، بد امني ، ڦر لٽ سميت اڻ وڻندڙ واقعن جي روڪ ٿام لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا وڃن.

مهوش عباسي

Increase in no of kidnappings in #Sindh Mehwish Abbasi Column in Daily Awami Awaz 7 sept 2013


Saturday, 31 August 2013

Make #Karachi free from weapons #Mujair Republican Army #Pakistan #Law and order Mehwish Abbasi column


ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪريوmy column in awami awaz 31 august #Karachi #Pakistan #Army #Muhajir Republican Army

پاڪستان کي قائم ٿئي 66 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ان سڄي عرصي دوران ملڪ مختلف بحرانن جو شڪار رهيو آهي جنهن جي حل لاءِ هر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي ملڪ جي سڌاري واڌاري ۽ بحران ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪندا رهيا آهن ۽ قوم اهڙي خوشخبري ملڻ جو انتظار ڪندي اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو گذاري چڪي آهي . جهڙي طرح ميڊيا کي ڪنهن هيڊلائين جو انتظار هوندو آهي اهڙي طرح ملڪ اندر موجود بحرانن اهڙو ڪر کنيو آهي جو هر روز نوان اشو ۽ نيون هيڊ لائينون اڀري رهيون آهن اهڙن اشوز يا هيڊلائينز جي پويان ڪهڙا ڳجھا هٿ آهن يا ڪهڙيون ڪارگزاريون آهن انهن تان به پردا کڄي نه سگھيا آهن . ملڪ اندر جڙندڙ فيصلا ۽ خبرون ڪجھ ڏينهن عدالتن ۽ ميڊيا جي زينت بڻجڻ بعد اهڙي طرح غائب ٿي وينديون آهن ڄڻ ملڪ اندر ڪو مسئلو ئي پيدا نه ٿيو هو .
ڪيتري وقت کان ”بلوچ لبريشن آرمي“ ۽ هاڻي وري اوچتو ڪراچي اندر ”مهاجر ريپبلڪ آرمي“ جي وجود تي بحث ڇڙي چڪو آهي جنهن بابت ملڪ جا سياستدان ۽ تجزيانگار مهاجر ريپبلڪ آرمي جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر ان جا تفصيل ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن عنصرن جي باري ۾ اصلليت عوام کي نه ٻڌائي وئي ته ان جا گهڻا نقصان ٿيندا. آخر ڪيسيتائين اسين مصلحتن کان ڪم وٺي ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٻوڙيندا رهنداسين . ان قسم جا نالا ۽ تحريڪون ملڪ اندر وڏي عرصي کان موجود آهن پوءِ ڪڏهن جناح پور جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ڪڏهن مهاجر صوبو گھريو وڃي ٿو ايتري تائين جو ريڊ زون اندر احتجاج ڪندي الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي  ٿو ايتري تائين جو اسان جا وزير مشير اهڙن احتجاجن تي خاموش تماشائي بڻيل هئا ۽ هاڻي وري مهاجر ريپبلڪ آرمي کي سامهون آندو ويو آهي .
ٻه سال اڳ  سنڌ اندر مهاجر لبريشن آرمي جو نعرو لڳايو ويو، جنهن جو سڀ کان وڏو مقصد مهاجر صوبي جو قائم ڪرڻ هو. هي هڪ گروه آهي.انهن جا نعرا ۽ مطالبا اڄ به ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص جي ديوارن تي موجود آهن اهڙن نعرن جي حمايت ڪندي هڪ خطاب ۾ ايم ڪيو ايم سربراه چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ديوارن تي لکيل به پڙهي وٺو . مهاجر لبريشن آرمي جي اها خواهش رهي آهي ته انهن کي ۽ ملڪ اندر موجود هر اها ڪميونٽي ۽ زبان جيڪا اڪثريت رکندي هجي تن کي الڳ صوبا  ڏنا وڃن ، ان بابت گھڻن ئي ماڻهن جو اهو خيال رهيو ته اڄ مهاجر جن جي ايتري آبادي به نه آهي الڳ صوبي جي گھر ڪري رهيا آهن سڀاڻي هو الڳ ملڪ به گھرندا ڇو ته بيروني طاقتون پڻ سندن اهڙن مقصدن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ساڻن سهڪاري آهن .
ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر مهاجر ريپبلڪ آرمي جو نعرو لڳائي وڌيڪ قتل و غارت ۽ خوف  حراس واري صورتحال پيدا ڪئي ويندي. ملڪ جي سڀني پارٽين کي اهڙا گروهه وجود ۾ آڻڻ کان پهريان ٻه دفعا ضرور سوچڻ گھرجي ڇو ته اهڙن گروهن سان حاصل ته ڪجھ نه ٿيندو پر انساني جانين جو نقصان ۽ ملڪ اندر نفرتون پيدا ٿينديون.اهڙا گروهه ملڪ ۾ موجود پوليس ۽ رينجرز کان وڌيڪ طاقت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي قيادت جي حڪم تحت ملڪ جي قانون ۽ آئين خلاف ڪارروايون سرانجام ڏئي رهيا آهن . مهاجر ريپبلڪ آرمي جو نعرو لڳائڻ وارن جو اهو به چوڻ آهي ته هو سنڌ سان 66 سال سچا ۽ سٺا ٿي رهيا پر سنڌ انهن سان ڪا به چڱائي نه ڪئي ۽ گذريل سال ٿيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپرن ۾ مهاجرن کي پاس نه ڪيو ويو ۽ کين سيٽون به نه ڏنيون ويون ان جي ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اسان ڪي به ڪارروايون ڪرڻ جو حق رکون ٿا .
جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ وڌندڙ رتو ڇاڻ ۽ دهشتگردي خلاف ڪيس هلائيندي آهي ته پوليس ، رينجرز ۽ ٻيا ادارا تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن ۽ عدالتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چند ڪارروايون ڪندا آهن ڪجهه وقت کانپوءِ اهي خاموش ٿيل ڪارروايون ٻيهر شروع ڪيون وينديون آهن. پوليس ۽ رينجرز جو ڪردار عوام جي سامهون آهي جيڪي پنهنجي بيوسي عدالت آڏو پڻ ظاهر ڪري چڪا آهن پر ان جو اهو مقصد هرگز وٺڻ نه گھرجي ته هاڻي ڪراچي اندر عدالتن ، پوليس ، رينجرز ۽ ٻين ادارن کي ڪاررواين کان روڪيو ويندو.
هن وقت جيڪڏهن اسان هوش کان ڪم نه ورتو ۽ صوبي سنڌ سميت پوري ملڪ جي بهتري لاءِ فيصلا نه ورتا ته پوءِ ملڪ جو الله حافظ آهي گذريل سال صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري امن امان بابت ڪراچي ۾ اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته ڪو وقت هو جو آءُ ڪراچي ۾ سائيڪل تي گھمندو هيس ۽ ڪراچي جو شهر امن جو گهوارو هو . منهنجي خيال ۾ صدر صاحب ڪراچي ۾ جڏهن سائيڪل تي گھمندو هو ان وقت جو مثال ڏيڻ کان اڳ صدر صاحب کي سوچڻ گھرجي ته ان وقت جي حڪمرانن ۽ اڄ جي حڪمرانن ۾ آخر ڪهڙو فرق آهي جو ڪجھ سال اڳ ساڳئي شهر ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ هوندو هو اڄ سندن دورِ حڪومت ۾ ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون آهن اها ان وقت جي حڪومت جي ڪاميابي ۽ سندن ناڪامي آهي .
جنهن ڪراچي کي روشنين جو شهر سڏيو ويندو هو اڄ هٿ ٺوڪيون تنظيمون جوڙي ڪراچي کي بيروت بڻايو پيو وڃي، جنهن لاءِ حڪومت کي مصلحتن ۽ مفادن کان بالاتر ٿي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا پوءِ ڇو نه اهڙين ڪاررواين جي زد ۾ ڪا طاقتور ڌر ملوث ڇو نه هجي . رياست جي ذميوارين ۾ شامل آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ اندر آيل ناجائز هٿيار هٿ ڪري ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ڪراچي اندر مهاجر ريپبلڪ آرمي ۽ اهڙي انداز ۾ جوڙيل دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري قوم کي سندن ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪري ۽ سندن پٺ ڀرائي ڪندڙن کي وائکو ڪري مٿن قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .
مهوش عباسي

Saturday, 24 August 2013

sINDHI language Must be officialy teached in all schools of Sindh

نثار کهڙي تي رهيل قرض ۽ اڄ جو فرض

مهوش عباسي (عوامي آواز 25.08.2013)

سنڌ جي سينئر وزيرِ تعليم نثار احمد کهڙي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سنڌ ۾ پڙهائجندڙ سنڌي ۽ اردو نصاب جي سلسلي ۾ تبديلين جي گهرج تي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ساڳئي وقت موصوف وزير پنهنجي اهم ترين اعلان ۾ اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ جي نجي اسڪولن اندر سنڌي ٻولي نه پڙهائيندڙ اسڪولن جا لائسنس ۽ رجسٽريشن ختم ڪئي ويندي. ان ڪم لاءِ اهڙن اسڪولن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ پنهنجو رويو درست ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي آهي. ان ڪم لاءِ تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن کي نجي اسڪولن اندر سنڌي پڙهائيندڙ استادن ۽ اسڪولن بابت تڪڙي سروي ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. هڪ مهيني ۾ ڳالهه سامهون اچي ويندي ته ڪٿي ڪٿي سنڌي پڙهائڻ کان لاچار ادارا اسان جي سنڌ ۾ موجود آهن.

پيپلزپارٽي سرڪار ۽ ان جي تعليم لاءِ مقرر وزير جو اهو فيصلو ساراه جوڳو ضرور آهي پر هن کان اڳ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل دور جي وزير پير مظهرالحق سنڌي ٻوليءَ لاءِ هانءُ ڦاڙ رڙيون ڪري ساڳئي قسم جا حڪم جاري ڪيا پر هن ڪيو ڪجهه به نه. هن کان ٿيو ڪجهه به نه. ان ئي دور ۾ آفيسرن ۽ وزيرن ملي ڀڳت ڪري ”سنڌي لينگوئيج ٽيچرز“(SLT) جي نالي ۾ هزارين آرڊر جاري ڪري مبينه طور ڪروڙين رپيا ڪمايا. هاڻي صورتحال هيءَ آهي ته انهن راشي ۽ بدديانت آفيسرن تعليم کاتي جي ڪامورن جي مدد ڪرڻ خاطر سڄو بار سياستدانن، وڏي وزير ۽ ايم پي ايز تي رکيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ته انهن مبينه راشي ڪامورن اهي لسٽون جاري ڪيون آهن، جيڪي تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کانسواءِ ٻيو ڪو ڏئي ئي نه ٿو سگهي. سو ، جناب وزير موصوف نثار کهڙي صاحب تي اڳيون قرض ۽ سندس فرض ٻئي هڪ وزن وانگر آهن، اسان ان سلسلي ۾ ڏسنداسين ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جي سلسلي ۾ پ پ پ جي هيءَ سرڪار ڇا ٿي ڪري؟ هڪ دفعو ٻيهر کهڙي صاحب پڻ سنڌي ٻولي کي بچائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن جيڪو مٿس سنڌي هئڻ جي ناتي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو .

سنڌي ٻولي سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ دنيا جي پنجن قديم تهذيبن مان هڪ ٻولي آهي. اسانجي بدنصيبي آهي جو اڄ ڏينهن تائين اسين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ته ڏياري نه سگھيا آهيون پر سنڌ جي وڏن شهرن جي اسڪولن اندر سنڌي ٻولي جو هڪڙو سبجيڪٽ به رائج نه ڪرائي سگھيا آهيون، جنهن سبب تعليمي ادا رن مان سنڌي ٻولي ڪجهه بي دخل ٿي چڪي آهي، باقي ڪناري تي آهي. سائنس اسان کي سيکاريو آهي ته ڪوبه ٻار پنجن سالن کان پندرنهن سالن تائين گهٽ ۾ گهٽ پنجن ٻولين سکڻ جي اهليت رکي ٿو. ڀارت ۾ ٽي ٻوليون سيکاريون وڃن ٿيون. هڪ مادري ٻولي، ٻين انگريزي ۽ ٽين ان صوبي يا رياست جي ٻولي. ان حساب سان ڀارت ۾ رهندڙ هر ٻار پنهنجي گهر جي ٻولي، پنهنجي رياست جي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي سکي ٿو. ان جي ترقيءَ اسان جي سامهون آهي. سنڌ ۾ هر ٻار کي مادري ٻولي، سنڌي، انگريزي ، اردو ۽ چيني ٻوليون پڙهائڻ جي شروعات ٿيڻ گهرجي. انگريزي ۽ چيني اسان کي دنيا ۾ جتي ڪٿي وٺي ويندا. سنڌي اسان جي عزت آهي ۽ اردو اسان جي ملڪ ۾ رابظي جو ڪم ڪندي. صدر آصف علي زرداري جي محنت سان پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي وڌيڪ گهرو بنائڻ لاءِ سنڌ جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ چيني ٻولي کي آپشنل سبجيڪٽ طور پڙهائڻ جا حڪم جاري ٿي چڪا آهن . اسانجي حڪمرانن کي ٻين ملڪن سان تعلقات وڌائڻ لاءِ ٻين ٻولين جي سهاري جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي مگر اسان اهو بلڪل وساري چڪا آهيون ته سنڌي ٻولي ڪيئن ۽ ڪٿي پڙهائي پئي وڃي.

گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته دنيا اندر جتي ڪيتريو ٻوليون ترقيون ڪري رهيون آهن اتي دنيا جون 5 هزار ٻوليون اهڙيون آهن جن جي وجود کي سخت خطرو آهي ، دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻولي کي سندس ئي ڳالهائيندڙن جڏهن نظر انداز ڪيو آهي ته ان ٻولي جو وجود آهستي آهستي ختم ٿيندو رهيو آهي افسوس جو اسان سنڌ اندر رهي سنڌي ٻولي کي خاتمي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون اسانجي مادري سنڌي ٻولي پنهنجي جيئاپي جي جنگ وڙهي رهي آهي، سنڌ جي وڏن شهرن اندر سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ ادارن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي . اسين سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون اسان تي سڀني ٻولين کان وڌيڪ سنڌي ٻولي جو حق آهي. پر اسڪولن جا استاد اسانجي ٻارن کي چون ٿا ته گهر ۾ سنڌي نه ڳالهايو. سنڌ جي تعليم واري وزير کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌي ٻولي جي ترقي آئيني حق آهي. ان کي نه پڙهائڻ وارا لازمي ادارا، يا ان کي بهتر ڪندڙ لازمي ادارا ( سنڌي ٻولي اختياري ۽ ٻيا) جي اهو ڪم نه ڪندا ته اها سندن رڳو غيرذميداري ناهي، اها سندن غيرآئيني حرڪت آهي. جي آئين کي ڪنهن قوم جي وجود ۽ ڪنهن ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ اهي آئين اسان ڪيڏانهن ڪنداسين؟

کهڙي صاحب نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو چئي ڄڻ سنڌين ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي اڄ جڏهن اسين سنڌي پاڻ کي غير محفوظ ۽ پٺ تي سمجھي رهيا آهيون اسان جي نجي اسڪولن جي نصاب ۾ سنڌي ٻولي نه هجڻ برابر آهي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ماهرن ، شاعرن ، اديبن ۽ ليکڪن سان گڏجاڻيون ڪري نصاب ۾ پڻ تبديليون آنديون وڃن ڇو ته هن وقت پڙهايو ويندڙ سنڌي نصاب ۾ سنڌي ٻولي سميت ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل پڻ سنڌي ٻولي لاءِ هاڃيڪار آهي. نصاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ، بهادر اڳواڻن ، سياستدانن ، درويشن ، صوفين سميت سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ تاريخ کي وڌيڪ جاءِ ڏني وڃي ڇو ته بنيادي طور تي سنڌي ٻولي هڪ لئي واري ۽ سريلي زبان آهي . جيڪڏهن اسان ٻولي جي قاعدن تي عمل نه ڪيو ته موجوده سنڌي ٻولي به بدلجي چڪي هوندي .

دنيا جا ترقي يافته ملڪ جاپان ، ڪوريا ، ملائيشيا ۽ چين پنهنجي مادري ٻولي جي بقا سان گڏ واڌاري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن انهن ملڪن اندر مادري ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لازمي بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به ملڪ جو شاگرد اتي وڃي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهريان ان کي ان ملڪ جي ٻولي سيکاري وڃي ٿي. خلاف ورزي ڪندڙن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آهن جيڪو ڪنهن به ملڪ جي ٻولي جي بقا لاءِ بهترين قدم آهي . سنڌي ٻولي کي نقصان رسائڻ ۾ غير سنڌي استاد، انتظاميا ۽ والدين پڻ ملوث آهن جيڪي اهڙن عملن خلاف آواز اٿاريندي نظر نه ٿا اچن. جڏهن ته ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين حڪمرانن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان ڪو سڄڻائپ وارو ڪردار ادا نه ڪيو آهي. سنڌ اڄ به ڪٺور دور مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ جاڳرتا واري مهم جي ذريعي ئي سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي ۽ سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. ان جدوجهد ۾ تعليمي ادارن اندر سنڌي ٻولي پڙهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سنڌ سرڪار مان اميدون رکئون ٿا. ڳالهين کان عمل ڪرڻ پاسي وڌڻ جون تاريخي اميدون ئي اسان کي بچاي سگهن ٿيون.
chemist_mehwish@yahoo.com

my column published in daily awami awaz about #sindhi #language & Statement of Nisar Khohro #Pakistan #PPP #MQM #PMLN #PTI