Monday, 19 August 2013
my column appeared in yesterday awami awaz about sindhi nationalists killing #AfzalPahnwar #JSFF #JSMM #PMLN #PTI #PPP #PAKISTAN
انساني حقن جون تنظيمون ۽ چار قتل
ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ضامن شاهه، صوبل ڏهر، يامين چاچڙ ۽ ڪوٽڙي ۾ افضل پنهور کي سرڪاري پوليس پنهنجي ”ڪارڪردگي“ ڏيکاري جنهن نموني قتل ڪيو،ان سان سندن ناپاڪ ارادا ظاهر ٿي پيا آهن ، چئن نوجوانن جي قتل تي سنڌ سوڳوار بڻيل آهي. پوليس گردي جو هي ڪو نئون واقعو نه آهي نوجوانن کي مختلف بهانن سان تعليمي ادارن مان گرفتار ڪري ۽ گھربل ”مقابلن“ ۾ قتل ڪرڻ جو رواج عام بڻيل آهي. نوجوانن کي کنڀي کڻي وڃي گم ڪري، مختلف موقعن جي آڙ ۾ هٿ سان ڪارروايون ڪري کين گوليون هڻي مقابلا ڄاڻائي قتل ڪيو ويندو آهي. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ جنهن ڏينهن هنن نوجوانن کي قتل ڪيو ويو، ان تي سنڌي ميڊيا اصل سچايون سامهون آنديون آهن. جڏهن ته انهن مقتولن خلاف پوليس ڪو به ڪرمنل رڪارڊ هٿ نه ڪري سگھي آهي جن کي ڏوهاري ڄاڻائي ماريو ويو. سنڌي ماڻهن کي اذيتن ۾ مبتلا ڪري کين ننڌڻڪو ڪيو پيو وڃي. حقيقيتون ظاهر ڪرڻ گھرجن ميڊيا ۽ حڪمران سنڌي ماڻهن جو ساٿ نه ڏيندا ته ڪير ڏيندو.
مخصوص ميڊيا صرف پنهنجن چينلن جي مشهوري (Rating) وڌائڻ لاءِ 5 کان 6 ڪلاڪ هڪ چرئي ۽ موالي ماڻهو جو ڊرامو هلائي سنڌي نوجوانن جي قتل کي هڪ پاسي لڪل رکيو جڏهن ته ٻئي ڏينهن به هن ذهني مريض جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل رهيون، ڪن کي ايوارڊ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون ته ڪن کي بيوقوف ڪوٺيو ويو، جڏهن ته سڪندر اسلام آباد اندر ڪنهن کي به يرغمال نه بڻايو هو ان خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي ٿي پئي سگھي. سنڌ ۾ هٿ وٺي اهڙي صورتحال پيدا ڪري حالتن کي سنگين بڻائي سنڌ کي بلوچستان ٺاهيو پيو وڃي. هڪ طرف سنڌي نوجوانن کي قتل ڪري ٻئي طرف پوليس فلسطيني پوليس وانگر سنڌي وسنديون ڊاهي رهي آهي. سنڌ جا شهر ، ڳوٺ ، وستيون واهڻ سنڌين جي ملڪيت آهن، انهن تي ڪنهن به ڌارئين يا پوليس صوبيدار ملڪ سليم جهڙن وحشي درندن جو ڪو به حق نه آهي، جو پلاٽن خاطر بيگناه انسانن جون جانيون وٺي کين بيدخل ڪيو وڃي. پوليس بضد آهي ته اسانکي ڪارروائي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي جڏهن ته ڪراچي اندر ڪيتري عرصي کان دهشتگردي هلندڙ آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪارروائي ڪندي سندن گھر نه ڊاهيا آهن. عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي قومي ڪارڪنن جي ناحق خون جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. هن واقعي جا جاچ پوليس آفيسرن بجاءِ اعلي عدالتي جج ذريعي ٿيڻ گھرجي، ڇو ته پوليس عملدار پنهنجي پٽي ڀاين کي بچائڻ ۾ هر ڀيري اهم ڪردار ادا ڪندا آهن .
آءُ شهيد افضل پنهور جي والده کي سلام پيش ڪريان ٿي جنهن کي پنهنجي پٽ جي سنڌ ڌرتي مٿان قربان ٿيڻ تي فخر آهي اسين اڄ به نا اميد نه ٿيا آهيون، کيس تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ياد ڪيو ويندو. سنڌ ڌرتي جي تحفظ ۽ بقا لاءِ هرنوجوان پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار آهي ”روڪ جي روڪي سگھين “.
مهوش عباسي
Tuesday, 13 August 2013
Monday, 12 August 2013
my column published in daily awami awaz on 9th august 2013 about terrorism and #politicians #pakistan#
وڌندڙ دهشتگردي ۽ سياستدانن جا رويا
مهوش عباسي
پاڪستان کي وجود ۾ آئي 66 سال ٿيڻ وارا آهن ان عرصي دوران اسانجي ملڪ تي ڊڪٽيٽرن ۽ جمهوريت جي دعويدارن حڪمراني ڪئي آهي وڏين دعوائن باوجود ڊڪٽيٽرن توڙي جمهوريت جي دعويدارن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو آهي اسانجي ملڪ کي سڀ کان وڏو نقصان ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ جي دور ۾ ٿيو جنهن جي دور ۾ ملڪ اندر دهشتگردن زور پڪڙيو ملڪ اندر ملين جي تعداد ۾غير قانوني هٿيار آندا ويا . اسلام جي آڙ ۾ ملڪ سان جيڪو حشر ڪيو ويو قوم اڄ ڏينهن تائين سک جو ساهه کڻي نه سگھي آهي مٿان وري رهي سهي ڪسر مها ڊڪٽيٽر جنرل مشرف پوري ڪئي جنهن جي دور ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي ان ۾ ان وقت وڌيڪ تيزي آئي جڏهن آمريڪي (war on terror) ۾ پاڪستان کي ڌڪڻ کانپوءِ آمريڪا کي گھربل جهادي ڊالرن عيوض وڪرو ڪيا جنهن بعد پاڪستان ۾ خودڪش حملن جي شرح ۾ واڌارو آيو ڊرون حملن کي پڻ ملڪ اندر وڌندڙ خودڪش حملن جو وڏو سبب سمجھيو وڃي ٿو اهي ئي سبب آهن جو اڄ هر پاسي خودڪش بمبار ڦهلجي چڪا آهن جنهن جو شڪار خيبر پختونخواهه ، بلوچستان ۽ سنڌ رهيو آهي . اڌ لک جي ويجھو عام شهري ، مذهبي عالم ، آفيسر ، غير ملڪي ، پوليس ، رينجرز ، حساس ادارن جا اهلڪار ان دهشتگردي جو شڪار ٿي چڪا آهن ايتري تائين جو عورتن کي پڻ ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي جڏهن ته اسانجو مذهب عورت کي احترام جي نظر سان ڏسي ٿو بيگناهه عورتن تي اهڙا حملا جاهلانا ڪارروائي آهن .
دهشتگردن رياستي ادارن کي ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي جو هاڻي اسلام آباد ، پشاور ، ڪوئٽا ، ڪراچي محفوظ نه رهيا آهن حڪومت جي وڏين ڪوششن ۽ ايجنسين جي رپورٽن باوجود دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا آهن . هن وقت ملڪ اندر طالبان جا ڪيترائي گروپ سرگرم عمل آهن جن ۾ تحريڪ طالبان ، افغان طالبان ، مالاکنڊ طالبان ، پنجابي طالبان ، القائده ، حرڪت المجاهدين ، لشڪر طيبه ۽ ٻيا ڪيترائي گروپ دهشتگرد ڪاررواين ۾ مصروف عمل آهن . ساڻن امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ٻه ڀيرا اي پي سيز گھرايون ويون آهن ان کانسواءِ ڪيترين جاين تي ساڻن پڻ ڳالهيون ٿي چڪيون آهن جن جا ڪي خاطر خواه نتيجا نه ملي سگھيا آهن ، جڏهن ته طالبان جا وڌيڪ گروپ هئڻ سبب آخر ڳالهيون ڪجن ته ڪهڙي ڌر سان ڪجن . ان کان اڳ به طالبان جي ڪجھ گروپن سان سوات ، پئرس ، افغانستان ۾ ڳالهيون ڪيون ويون پر طالبان پاڪستان جي آئين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته ملڪ جا حڪمران پاڪستان جي آئين کان ٻاهر ڳالهين لاءِ تيار نه آهن . ٻئي پاسي اهي به خدشا موجود آهن ته طالبان جي مڙني گروهن جي ذميواري ڪير کڻندو ۽ کين ڳالهين لاءِ ٽيبل تي ڪير آڻيندو ۽ ڪيتري قدر کين ملڪ جي آئين ، فوج ۽ عدالتن جي ڇانو ۾ رهي ڳالهين لاءِ آماده ڪندو .
اهڙي صورتحال ۾ ملڪ اندر سنجيده حڪمراني جي ضرورت آهي سياستدانن پاران ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۽ انساني جانين جي ضياءَ تي بيان بازيون ۽ مذمتون ته ڪيون پيون وڃن پر اهي ان عمل ۾ سنجيده نظر نه اچي رهيا آهن ملڪ اندر ادارن جي سخت ناڪامي نظر اچي رهي آهي . اڄ ملڪ جي سياستدانن جو اهو حال آهي ته هو هڪ ٻئي تي الزام تراشين کانسواءِ ٻئي ڪنهن مسئلي ڏانهن ڌيان گھٽ ڏئي رهيا آهن صرف ۽ صرف پنهنجي آقائن جي تحفظ لاءِ BLAME GAME کيڏي رهيا آهن هڪ پاسي اهي سياستدان آهن جيڪي هن وقت سياست ۾ سرگرم آهن ته ٻئي پاسي اهي جيڪي سياست ۾ پنهنجو وقت گذاري ويا . اسان وٽ ماضي ۾ اهڙي صورتحال رهي چڪي آهي ماضي مان سکڻ جي بجاءِ اسان اهي غلطيون ٻيهر دهرائي پنهنجو حال ۽ مستقبل تباهي ڏانهن وٺي پيا وڃون . پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ تباهي کان سواءِ ڪجھ به نظر نه اچي رهيو آهي سندن اهڙن روين سبب ڪڏهن ڪڏهن مونکي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ملڪ جا حڪمران قوم کي دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ پويان رڌل آهن ڇو ته انهن کي ملڪ ۽ عوام سان ڪا به همدردي ۽ پيار نه آهي انهن کي پنهنجيون اعلي وزارتون ۽ عهدا عزيز آهن .
اهڙي صورتحال ۾ ذهن ۾ اهو سوال اچي ٿو ته پاڪستان جا سڀ کان وڏا دشمن طالبان آهن يا اسانجا سياستدان جيڪي مفادن جي سياست ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن. موجوده وزير اعظم کي ڏسي ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ هو پاڪستان جو نه بلڪه لاهور جو وزير اعظم هجي انهن کي پنجاب جا مسئلا ته حل ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي آهي پر ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ آخر ايتري دلچسپي ڇو نه آهي ڇا صرف پنجاب ئي پاڪستان آهي .
ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو سڀ ايجنسين جي نظر ۾ آهي پر هاڻي ايجنسين ۾ به سرد جنگ شروع ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري هو ڪيتريون ئي ڳالهيون لڪائي رهيا آهن جنهن جو فائدو دهشتگردن کي حاصل ٿي رهيو آهي . اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ ڪا اهڙي پاليسي نه جوڙي وئي آهي جنهن جي اندر سڀ ايجنسيون ، ادارا ، پوليس ، رينجرز هڪ ٿي ڪم ڪن جن جي نگراني بهتر نموني سان ڪئي وڃي . اسان وٽ اهڙي پاليسي جي ضرورت آهي جيڪا هر سياستدان پارٽي ، مذهبي توڙي عام ماڻهو قبول ڪري ۽ ان تحت عمل ڪري . هتي مسئلن جو حل لفظن جي جادوگري سان نه بلڪه عمل سان ممڪن آهي . ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي ان کي روڪڻ لاءِ ڪي به مثبت قدم نه پيا کنيا وڃن بس خاموشي سان تماشو ۽ بيگناهه ماڻهن جو قتل ڏٺو پيو وڃي ، اڄ دهشتگردن جي ايتري همت وڌي وئي آهي جو هو ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪٿي به ڪنهن به وقت جيئن چاهن تيئن حملو ڪري ڪارروائي پوري ڪري سگھن ٿا ۽ پنهنجا مطالبا مڃرائي سگھن ٿا . دهشتگردن کي روڪڻ وارن کان وڌيڪ مضبوط دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ وارا ٿي چڪا آهن . اسانجا ادارا ، سياستدان پنهنجيون ذميرواريون صحيح نموني ادا نه ڪري رهيا آهن جنهن جي جيڪا ذميواري آهي ان کي اها نيڪ نيتي سان پوري ڪرڻ گھرجي .
جيڪڏهن انسانيت واري اک سان ڏسجي ته دهشتگردي ڪري بيگناهه ماڻهن کي مارڻ سان نه ته مذهب جي خدمت ڪري سگھجي ٿي نه ئي اهڙن عملن سان عوام کي ڪو فائدو رسائي سگھجي ٿو ، جبلن ۽ شهرن اندر پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي بيگناهه انسانن کي رت ۾ وهنجاريندڙن کي ٿورو اهو به سوچڻ گھرجي ته سندن اهڙن عملن سان سندن ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا نه ئي اهڙي طريقي سان پنهنجا مقصد ماڻي سگھجن ٿا جيڪڏهن ان ئي طريقي سان هٿيارن جي راند جاري رکي وئي ته ان سان نقصان ٻئي ڪنهن جو نه پر پنهنجو ئي ٿيندو جيڪو سڀ اڄ ٿي رهيو آهي . گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان وٺي پاڪستان ۾ آپگھاتي حملا ڪندڙن ۽ دهشتگردي ڪندڙن جو جيڪو زور وڌيو آهي جنهن دوران هزارين بيگناهه انسان مارجي چڪا آهن ۽ ان کان وڌيڪ انگ اپاهج ۽ معذور ماڻهن جو موجود آهي جيڪي پنهنجيون اڌوريون زندگيون گذاري رهيا آهن جڏهن ايترين ڪاررواين باوجود دهشتگردن ۽ سندن ساٿارين کي ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيو آهي ته آئنده کين ڇا حاصل ٿيندو . ان لاءِ کين هٿيار ڦٽا ڪري محبت ، امن ، ڀائيچاري ۽ ترقي ڏانهن قدم وڌائي عوام جي حقن لاءِ حقيقي ۽ جمهوري انداز ۾ جدوجهد ڪرڻ گھرجي ڇو ته اهو طئي آهي ته ٻئي جي جان وٺندڙ پاڻ به محفوظ نه رهندو آهي . جيڪڏهن ايترين اپيلن ۽ درخواستن باوجود به دهشتگردن جو هنياءُ ٿڌو نه ٿو ٿئي ته حڪومت کي گھرجي ته ساڻن ڳالهين ڪرڻ بجاءِ سندن رستا سوڙها ڪري سندن ڪاررواين تي نظر رکي سختي سان منهن ڏنو وڃي ڇو ته اسين ڳالهين جي آڙ ۾ ڪيترين ئي جانين جا نظرانا ڏئي چڪا آهيون ان لاءِ ضروري آهي ته دهشتگردن جو ساهه مٺ ۾ آڻي سندن خاتمو ڪرڻ گھرجي ۽ هاڻي ڳالهين جا دور ختم ٿيڻ گھرجن ڇو ته دهشتگردن جي گھرن ۾ گل نه موڪلبا آهن جنهن لاءِ ضروري آهي ته حڪمران پنهنجيون نيتيون صاف ڪن ۽ هڪ آواز ٿي ملڪ اندر 66 سالن کان موجود گند کي صاف ڪيو وڃي .
chemist_mehwish@yahoo.com

Tuesday, 6 August 2013
COLUMN ABOUTH PRISON ATTACK AND TERRORISM IN PAKISTAN BY MEHWISH ABBASI
MY COLUMN PUBLISHED IN DAILY AWAMI AWAZ #PPP #MQM #PMLN #PTI #PAKISTAN #WORLD @BBCWORLD 0N 2 AUGUST 2013 ABOUT #DIKHAN #PRISONATTACK
ڏوهارين جا جيلن تي ٿيندڙ حملا ؟ !
پاڪستان اندر ڪيترن ئي ادارن تي حملا ٿي چڪا آهن جنهن وقت دهشتگردن چاهيو آهي هنن پنهنجا گھربل مقصد ماڻڻ خاطر پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ مختلف مرحلن تي حملا ڪري پنهنجا مقصد ماڻيا آهن . تازو ڊيرا اسماعيل خان جيل تي 150 هٿيار بندن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري پنهنجا 200 کان 300 ساٿي ڇڏائي آزادي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن سان اسانجي ملڪ جي وڏي بدنامي ٿي آهي . ڳجهين ايجنسين طرفان حملي جي اطلاع باوجود اسانجي سرڪار سڳوري ۽ ادارا ننڊ ستل رهيا اسانجي ملڪ اندر اهڙي قسم جو هي ڪو نئون واقعو نه آهي ان کان اڳ به جيلن ، ايجنسين ، ايئر بيسز ، ايئر پورٽن، چيڪ پوسٽن ۽ حساس ادارن مٿان حملا ٿي چڪا آهن جن ۾ هزارين بيگناهه انسانن سان گڏ پوليس ، فوج ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ پنهنجين جانين جا نظرانا ڏئي چڪا آهن .
ڊيرا اسماعيل خان جيل ۾ 5000 قيدي آهن جن مان ڪيترن تي دهشتگردي ۽ بم ڌماڪن جا ڪيس داخل آهن جن مان گھڻن جو تعلق طالبان سان آهي ، طالبان ڊيرا اسماعيل خان جيل تي حملو ڪيو انهن جي دعوي آهي ته ان حملي ۾ سندن هڪ ڪروڙ روپيا خرچ ٿيا آهن ڪيترين ئي گاڏين جو استعمال ڪيو ويو ، 50 کان 60 ڌماڪا ڪيا ويا . هي ڪارروائي اهڙي طرح سان ڪئي وئي جيئن ٽن ڪلاڪن جي انگلش ۽ هندوستاني فلمن ۾ ٿيندو آهي . اهي دهشتگرد ملڪ اندر ڪٿي به ڪنهن به جڳهه تي دبنگ انداز ۾ اچن ٿا ۽ پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪن ٿا جنهن جو ثبوت ڊيرا اسماعيل خان جيل آهي ، دهشتگرد جيل اندر داخل ٿي پنهنجي من ماني هلائڻ لڳا مائيڪ تي اعلان ڪري ڪري پنهنجي قيدي ساٿين کي سڏيندا رهيا ۽ انهن جي آزادي جو جشن ملهائيندا رهيا ڄڻ ته هي جيل نه انهن جو گھر يا پڪنڪ جي جڳهه هجي ۽ پنهنجي 243 کان وڌيڪ قيدي ساٿين کي ساڻ ڪري هليا ويا .
اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهو تماشو ڏسي رهيا آهيون نه ئي طالبان سان ڳالهيون ٿين ٿيون نه وري انهن خلاف ڪارروائي ، گذريل حڪومت ته ڪُجھه نه ڪيو پر عوام کي موجوده حڪومت مان اميد هئي ، اهو واقعو جيڪڏهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته اتي قيامت اچي وڃي ها پر اسانجي رياست اسانجا ادارا مفلوج ٿي چڪا آهن . هن وقت اسان سرڪار جي رحم ۽ ڪرم تي نه بلڪه طالبان ۽ ٻوري بند لاش ڏيڻ وارن جي رحم ڪرم تي آهيون، جيڪي جڏهن چاهن اسانکي جيارن يا مارن . اهڙو ئي واقعو بنون ۾ به پيش آيو جنهن ۾ 350 قيدي فرار ڪرايا ويا، ان واقعي جي به خبر حڪومت کي اڳ ۾ ڏني وئي هئي پر ٿيو اهو جيڪو طالبان چيو اسان جا حڪمران ۽ عوام دهشتگردن جي رحم ڪرم تي آهن .
اهڙا ڪيترائي واقعا ملڪ ۾ پيش آيا آهن ، ڪراچي مهراڻ بيس ، پشاور ۾ حملا ، آئي ايس آئي ادارن تي حملا ، ميرٽ هوٽل تي حملو ٿيو ان سان گڏ تازو سکر ۾ آئي ايس آئي جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو سکر جو حملو ان سڀ جي شروعات آهي ته ان جي اطلاع هوندي به ڪي قدم نه کنيا ويا ، سڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويا . رياست جي اهڙي غير سنجيده رويي سبب اسانجي ملڪ ۾ دهشتگرد ايترا ته آزاد آهن جو ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگھن ٿا. هاڻي ته ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته مستقبل ۾ اسلام آباد ، لاهور ۽ ڪراچي ۾ به اهڙا حملا ڪري دهشتگرد پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي، اهو ثابت ڪندا ته هو رياست کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ جنهن وقت جيئن چاهين ڪري سگھن ٿا . پهريان دهشتگردي بم ڌماڪن سان ڪئي ويندي هئي هاڻي پوري تياري ۽ سوين ساٿين سان حملا ڪيا پيا وڃن ، انهن وٽ ايترو پئسو ۽ اسلحو آخر ڪٿان ٿو اچي ۽ اهي ملڪ اندر ايتري آساني سان داخل ڪيئن ٿين ٿا ۽ رهن ٿا اها سڀ اسانجي ادارن جي سخت ناڪامي آهي .
اسانجا حڪمران ، گورنر ۽ صدر ته ملڪ جو پورو دورو به نه ٿا ڪن، اڄ تائين لاهور جا ڪيترا دورا ڪيا ويا ، ڪراچي ۽ بلوچستان جي حالتن تي ڪيتري نظر رکي وئي ، فاٽا جي دوري جي ته ڳالهه پري اسانجا حڪمران پشاور جو ئي دورو نه ٿا ڪري سگھن . افغانستان جي صورتحال ايتري خراب آهي، تنهن هوندي به اتان جو صدر ڪرزئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري چڪو آهي . صوبائي ۽ وفاقي حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ سخت ناڪام ٿي چڪي آهي فوج ، رينجرز ۽ انٽيليجنس جا ادارا سڀ وفاق جي نگراني ۾ آهن . انهن سڀني ادارن جي ناڪامي ۽ غيرسنجيدگي ڏسي عوام پنهنجو تحفظ ڪنهن کان گھري. جڏهن اسانجا ادارا ، جيلون ، آفيسون ۽ عبادت گاهون ئي محفوظ نه آهن ته عام ماڻهن جا گھر ۽ حياتيون ڪيئن محفوظ رهنديون .
دهشتگردن جون اهڙيون ڪارروايون ڪلاڪن جا ڪلاڪن جاري رهن ٿيون ، واقعي جي جاءِ تي موجود ماڻهن کي يرغمال بڻايو وڃي ٿو ، اسانجي فوج ۽ پوليس ايتري ته ناڪام آهي جو مقابلي جي دوران به انهن کان کٽي نه ٿي سگھي ۽ اهي دهشتگرد وڏي رعبدار انداز سان ڪارروائي مڪمل ڪري هليا وڃن ٿا . پوري ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي حڪمراني آهي پوءِ رياست ڪهڙي نالي ۾ باقي رهيل آهي، ان جا ادارا ڇو آهن، جيڪي اسانجي حفاظت نه ٿا ڪري سگھن. ڏسجي ته انهن جي اسانکي ڪهڙي ضرورت آهي جو پوليس ، فوج ۽ رينجرز تي اربين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا ملڪ ۽ قوم جو تحفظ يقيني نه آهي . ڏينهن و ڏينهن دهشتگرد مضبوط ٿيندا پيا وڃن ۽ حڪومت ڪمزور پئي ٿئي. جيڪڏهن ڪا حڪمت عملي جوڙي سخت قدم نه کنيا ويا ته اهو وقت پري نه آهي جو اهي عنصر اسانجي ملڪ جي ڪنهن به اداري کي آساني سان نشانو بڻائي سگھندا . اڄ به وقت آهي حڪومت پنهنجيون اکيون پٽي ۽ طالبان خلاف سخت قدم کڻي روزاني ٿيندڙ واقعن ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪرڻ ۽ مذمت ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته رياست جي ادارن ، سڪيورٽي ، پوليس ۽ رينجرز کي مضبوط ڪيو وڃي، انهن کي جديد اسلحو ۽ جديد سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن هو بهادريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪن ته جيئن اهي پاڪستان جو رستو ئي وساري ڇڏين . ياد رهي ته دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪيون وينديون آهن ، ڏوهارين وٽ هلي نه وڃبو آهي، انهن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديو آهن . رياست جا ادارا ايترا ته مضبوط هجن جو ڪو به دهشتگرد اسانجي ملڪ کي ڪنهن به طريقي سان نشانو نه بڻائي سگھي . ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي کي چٿڻ لاءِ سياستدانن پاران اي پي سي سڏائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ سڏايل اي پي سيز تي ڪهڙو عمل ٿيو آهي جو هن وقت ٽيهر اي پي سي سڏائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ان سڄي عمل کان بهتر ٿيندو ته رياست پنهنجيون ذميواريون نيڪ نيتيءَ سان ادا ڪري ادارن کي متحرڪ ڪري عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي آزادي سان جيل ٽوڙي ڏوهارين کي آزاد ڪرائڻ جي راهه کان نه روڪيو ويندو ته اسانجي ملڪ مان دهشتگردي ۽ بد امني جو راڄ ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.

Subscribe to:
Posts (Atom)